سائنسدانن ۽ وڏي عمر جي ماڻهن جي مدد ڪرڻ وارو روبوٽ

ناروي جي سائنسدانن هڪ اهڙو انسان جي شڪل وارو روبوٽ تيار ڪيو آهي جيڪو تجربي گاهه ۾ سائنسدانن ۽ گهرن ۾ بزرگن جي مدد ڪندو. هيلو ڊي ڪمپني پاران تيار ڪيل هن روبوٽ جو نالو EveR3 رکيو ويو آهي. ڦيٿن تي هلڻ وارو هي روبوٽ پنهنجي هٿن سان مختلف ڪم ڪري سگهي ٿو. هي روبوٽ هڪ وقت ۾ 8 ڪلو گرام تائين وزن کڻي سگهي ٿو. هن روبوٽ کي تعليمي ۽ تحقيقاتي ادارن ۾ سائنسدانن جي مدد لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه هن روبوٽ ذريعي بزرگ ماڻهن جا رشتيدار پري جي علائقن کان روبوٽ ذريعي پنهنجي بزرگن کي دوا ۽ کاڌي کارائڻ جا ڪم وٺي سگهن ٿا. هن روبوٽ جي قيمت ڏيڍ لک ڊالر آهي ۽ مارڪيٽ ۾ هي روبوٽ ڪجهه مهينن ۾ اچي ويندو.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *