ايراني حڪومت جي تبديلي نٿو چاهيان: ٽرمپ
جاپان ۾ موجود آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران جي حڪومت ۾ تبديلي نٿو چاهيان منهنجي خواهش آهي ته ايران وٽ ايٽمي هٿيار نه هجن. جاپان جي وزيراعظم شنزو آبي سان گڏ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ آمريڪا جي صدر چيو ته ايران سان ڳالهيون ڪرائڻ لاءِ جاپان سٺو ڪم ڪيو آهي. هن موقعي تي جاپان جي وزير اعظم شنزو آبي چيو ته وچ اوڀر ۾ امن جاپان آمريڪا ۽ سڄي دنيا جي لاءِ ضروري آهي. واضح رهي ته جاپان جو وزيراعظم ايندڙ مهيني ايران جو دورو ڪندو ۽ هن دوري دوران هو ڪوشش ڪندو ته ايران جي حڪومت کي آمريڪا سان ڳالهيون شروع ڪرڻ لاءِ قائل ڪري سگهي.

