چين جي نائب صدر جو دورو سي پيڪ تحت چئن نون منصوبن جو آغاز
وزيراعظم عمران خان ۽ چين جي نائب صدر وانگ ڪي شان جي وفد جي سطح تي ٿيل ملاقات ٻه طرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻي طرف وزير اعظم عمران خان ۽ چين جي نائب صدر وانگ ڪي شان سي پيڪ تحت توانائي، تعليم، ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ چئن نون منصوبن جو آغاز ڪيو. پهرين منصوبي تحت ئي پورٽ قاسم ۽ حب ۾ ڪوئلي سان هلندڙ بجلي گهرن مان بجلي جي منتقلي لاءِ مٽياري ۽ لاهور وچ ۾ 660 ڪلو واٽ جي ٽرانسميشن لائين وڇائي ويندي. ان کان علاوه خيبرپختونخواهه ۾ عالمي معيار جي صنعتي ڍانچي لاءِ رشڪئي ۾ خصوصي اقتصادي زون واري منصوبي جو آغاز ڪيو ويو. پنجاب يونيورسٽي ۾ ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ جو افتتاح به ڪيو ويو. هن اداري ۾ چين جي تعليم، ثقافتي ترقي ۽ ٻين سرگرمين جي تبادلي جي سهولت به فراهم ڪئي ويندي. ساڳئي وقت هوئاوي ٽيڪنيڪل سپورٽ سينٽر به قائم ڪيو ويندو، جيڪو چين پاران پاڪستان ۾ فني مهارت جي فراهمي لاءِ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري جي عزم جو اظهار آهي.

