آمريڪا جي انٽيل ميلي ۾ چئن پاڪستاني شاگردن جي شاندار ڪاميابي
آمريڪا جي شهر فينڪس ۾ منعقد ٿيندڙ سالانه انٽيل انٽرنيشنل سائنس اينڊ انجنيئرنگ فيئر (ISEF) ۾ 80 ملڪن جي 1800 شاگردن مان پاڪستان جي 6 شاگردن شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. ڪاميابي حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ صدف نوشاد جنهن جو تعلق پاڪ ترڪ معارف اسڪول سان آهي توانائي جي پروجيڪٽ کي خصوصي انعام ۽ رقم کان علاوه ايريزونا يونيورسٽي ۾ اسڪالرشپ جي پيشڪش به ڪئي وئي آهي. احمد اظفر ۽ عصيد احمد کي روشني جي شعائن کي وڌائڻ جي پروجيڪٽ تي اسڪالرشپ ۽ خصوصي انعام ڏنو ويو. ان کان علاوه راولپنڊي جي ميان عفان انوار کي ڪچري مان بجلي تيار ڪرڻ واري هڪ پروجيڪٽ تي به انعام ڏنو ويو. انعام حاصل ڪندڙ ٻارن جو چوڻ آهي ته اسان جي پروجيڪٽ کي هن وڏي پليٽ فارم تي مڃتا ملڻ اسان لاءِ هڪ وڏي خوشي جي ڳالهه آهي. هن موقعي تي ترڪي جي معارف فائونڊيشن به خوشي جو اظهار ڪندي مقابلي ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ سڀني ٻارن کي ترڪي جي دوري جي دعوت ڏني آهي.

