ڪراچي پريس ڪلب ۾ 31 ڊسمبر 2025ع تي ملڪ ۾ سماجي، معاشي ۽ سياسي چئلينجن جي عنوان سان هڪ ڪانفرنس ٿي، جيڪا سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر زين شاهه، پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ، جي ڊي اي جي ڊاڪٽر صفدر عباسي، مسلم ليگ فنڪشنل جي اڳواڻ سردار عبدالرحيم، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، اقبال ترين، بخشل ٿلهو ۽ اڳوڻي گورنر محمد زبير سميت ٻيا اڳواڻ شامل هئا. هن ڪانفرنس جي منعقد ٿيڻ جو مرڪزي نقطو سنڌ جي بقا ۽ حقن جو تحفظ هو. جنهن ۾ سنڌ جي وسيلن تي سنڌ جو اختيار جنهن ۾ ڪوئلو، گئس، تيل ۽ دريائي پاڻيءَ جهڙا سنڌ جا وسيلا شامل آهن، اهي وسيلا سنڌ جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجن. ڪانفرنس ۾ ٻيو نقطو ڌارين جي آبادڪاري ۽ ڊيمن جي مخالفت. ان کان علاوه بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ جو خاتمو هو. ان کان علاوه سنڌ جي مالياتي حقن جو تحفظ جنهن ۾ اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ جي حصي کي گهٽائڻ يا ان ۾ ڪٽوتي ڪرڻ کي غير آئيني عمل قرار ڏنو ويو. قومپرست اڳواڻن پاران 25 ۽ 26 هين آئيني ترميمن لاءِ اهو خدشو ڏيکاريو ويو ته اهي ترميمون عوام جي آواز کي دٻائڻ لاءِ ڪيون ويون آهن، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ عوام کي قبول ناهي. ڇو ته اهي ترميمون سنڌ جي مفادن ۽ بنيادي آئيني حقن جي لتاڙ آهن. اهو هڪ سٺو عمل آهي ته هڪ وڏي گيپ کانپوءِ سنڌ جون سڀئي قومپرست پارٽيون جيڪي سنڌ جي مسئلن کي سمجهن ٿيون ۽ ان تي آواز اٿارڻ پنهنجو فرض سمجهن ٿيون انهن هڪ ڪانفرنس ڪري سنڌ جي مسئلن کي جيڪي عوام جي لاءِ نه صرف معاشي، بلڪه سماجي ۽ سياسي طور تي به هڪ وڏو چئلينج بڻجي چڪا آهن، هڪ صحيح رخ ۾ موضوع چونڊي ان تي پنهنجين ڳڻتين جو اظهار ڪيو آهي ۽ پنهنجو گڏيل آواز بلند ڪيو آهي. ڇو ته هن وقت سنڌ کي مختلف قسم جا مسئلا سامهون آهن، جنهن ۾ سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال اڏڻ جو مسئلو جيڪو سنڌ جي عوام مٿان هڪ تلوار وانگر لڙڪيل آهي، زمينن جو معاملو ۽ بدامني آهي. هي اهي حساس معاملا آهن جن تي آواز اٿارڻ لاءِ قومپرست ڌرين کي پنهنجا اختلاف هڪ پاسي رکي هميشه گڏجي انهن تي آواز اٿارڻ جي ضرورت آهي.
پيپلزپارٽي جيڪا هڪ ڊگهي عرصي کان سنڌ تي حڪمراني ڪري رهي آهي، عوام هن وقت اهو محسوس ڪري رهيو آهي ته پيپلزپارٽي ڪجهه شين کي سنجيدگيءَ سان منهن ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي، جنهن ۾ ڪرپشن ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ شامل آهي. هن قسم جون ڪانفرنسون يقينن سنڌ جي عوام جي اندر هڪ قسم جي بيداري پيدا ڪن ٿيون، جنهن سان عوامي راءِ جڙي ٿي ۽ ماڻهو پنهنجن بنيادي مسئلن تي ڳالهائڻ جي همت ساري سگهن ٿا. نه صرف ايترو بلڪه ڪراچي جهڙي شهر ۾ ڪانفرنس ٿيڻ سان ان جي گونج صرف سنڌ يا وفاق تائين نه بلڪه پوري دنيا تائين پهچي ٿي، پر ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته سنڌ جي مسئلن تي قومپرست رهنمائن کي تسلسل سان گڏجي ويهڻ گهرجي ۽ حڪومت ۽ حڪمران ادارن تي پنهنجو دٻاءُ وجهڻ کپي، پنهنجو اتحاد مضبوط ڪري ان ڳالهه جو پيغام ڏيڻ گهرجي ته اهي سڀئي اڳواڻ سنڌ جي مسئلن تي هڪ جهڙائي سان سوچين ٿا ۽ انهن جو اتحاد ايترو طاقتور آهي جو اهي عوام کي روڊن تي آڻي سگهن ٿا. پاڪستان جيئن ته هڪ وفاقي ملڪ آهي، جنهن جا چار صوبا ان جي طاقت آهي، اهي چار صوبا گڏجي هڪ رياست جو روپ اختيار ڪن ٿا. تنهنڪري ان ڳالهه کي ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي ته وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ بي اعتمادي هميشه مرڪز کي ڪمزور ڪندي آهي ۽ صوبا پنهنجي وفاق تان جيڪڏهن اعمتاد ڪمزور ڪري ڇڏين ٿا ته ان جو نتيجو سٺو ناهي نڪرندو. اهڙي حالت ۾ صوبن ۾ قومپرستي جو اڀار ٿيڻ هڪ فطري عمل آهي. ڇو ته جنهن دنيا ۾ اسان رهون ٿا اها دنيا صرف خيالي پلاءُ پچائي يا خوابن جي دنيا ۾ رهڻ سان ڪي به نتيجا نٿي ڏئي سگهي. اسان کي هن دنيا ۾ رهڻ لاءِ پنهنجن سڀني وسيلن تي آئيني ۽ قانوني اختيار جيستائين نه هوندو، تيستائين ڪابه قوم پنهنجي ترقيءَ جي لاءِ ڪوبه عملي قدم نه کڻي سگهندي. انهن سڀني چئلنيجن کي منهن ڏيڻ لاءِ رياستون معاهدا ڪنديون آهن وفاق ٺهندو آهي ته ان ۾ صوبن جو وفاق سان هڪ معاهدو هوندو آهي ۽ اهو آئين جي صورت ۾ سڀني جي حقن جي پوري پوري ورڇ به ڪندو آهي ته حفاظت به ڪندو آهي، پر افسوس اهو آهي ته هن وقت پاڪستان ۾ صرف هڪ صوبو تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي. جڏهن ته ٽي صوبا بدحالي، غربت، بيروزگاري ۽ بدامني جو شڪار آهن. ان ۾ صرف وفاق جو نه، بلڪه 17 سالن کان سنڌ صوبي ۾ حڪومت ڪندڙ پارٽيءَ جو به وڏو ڏوهه آهي، جنهن صوبي جي اندر ڪيترين برائين کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪابه حساسيت ناهي ڏيکاري. سنڌ جي عوام هميشه پيپلزپارٽي تي پنهنجو اعتماد ڪيو آهي، پر پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ايتري عرصي کان حڪمراني ڪرڻ باوجود سنڌ جي تعليمي نظام کي درست ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
عوام جو خيال آهي ته پيپلز پارٽي وفاق اڳيان پنهنجو موقف رکڻ ۾ تمام ڪمزوري ڏيکاري رهي آهي ۽ پيپلزپارٽي جي حڪومت دوران سنڌ جي اندر ڪرپشن کي واڌ ملي آهي ۽ وسيلن جي تمام گهڻي ڦرلٽ ٿي آهي. جنهن جي ڪري عوام جو پيپلزپارٽي تي تمام گهڻو تنقيدي موقف موجود آهي. اها ڌار ڳالهه آهي ته عوام وٽ پيپلزپارٽي کانسواءِ هينئر ٻي ڪابه سياسي پارٽي متبادل طور موجود ناهي، جنهن کي عوام سنڌ جو حڪمران چونڊي سگهي. پيپلزپارٽي کي ان ڳالهه جو احساس هجڻ گهرجي ته عوام جي طاقت انهن کي ڪنهن به وقت ڪيرائي سگهي ٿي. بهرحال سٺي ڳالهه آهي ته سنڌ نيشنل ڪانفرنس سنڌ جي مسئلن تي پنهنجو آواز اٿاري پيپلزپارٽي ۽ وفاق کي اهو پيغام ڏنو آهي ته قومرپست ڌريون جاڳن پيون، جيڪڏهن پيپلزپارٽي پنهنجي اندر خامين کي دور نه ڪيو ته قومپرست اتحاد پيپلزپارٽيءَ جي ووٽ بينڪ کي متاثر ڪري سگهي ٿو ۽ هن ڪانفرنس مان اهو پيغام به ملي ٿو ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي سنڌ جي مسئلن تي اسٽيبلشمينٽ سان مفاهمت ڪندي رهندي ته پوءِ سنڌ اندر اينٽي اسٽيبلشمينٽ سينٽيمينٽ وڌي سگهي ٿو، جنهن کانپوءِ سياست پيپلزپارٽي لاءِ به ايتري آسان نه رهندي.