ارڙهين آئيني ترميم کي ختم نه پيا ڪريون: صدر
پاڪستان جي صدر عارف علوي چيو آهي ته ارڙهين ترميم کي ختم نه پيا ڪريون. جيڪڏهن سڀني جو اتفاق ٿي ويو ته ان ۾ ترميم ڪنداسين. هڪ ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ پاڪستان جي صدر عارف علوي چيو ته ارڙهين ترميم سٺي شيءِ آهي پر صوبن جي ايتري اهليت ڪونهي جو ايڏو سارو ڪم ڪري سگهن جيڪڏهن آئين ۾ ترميم ٿي سگهي ٿي ته هن ۾ به ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن سنڌ جي رقم رڪيل آهي ته ان کي ملڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ جنهن کي به موقعو مليو آهي ان ڪرپشن ڪئي آهي. ڪرپشن سان نقصان عوام کي ئي ٿيندو آهي. مهانگائي ٿيڻ سان عوام وانگر مون تي به اثر پوندو آهي. صدر وڌيڪ چيو ته سبسڊي ڏيڻي آهي ته ان لاءِ آمدني هجڻ گهرجي بغير آمدني جي قرض کڻي سبسڊي نه ڏيڻ گهرجي، يقينن ان جي ختم ٿيڻ سان عوام تي بار پوندو.

