ادبنئون

ڊائري جا ورق

هر خطي ۾ سونهن جا پنهنجا معيار آهن. اسان وٽ سنهڙو نڪ، ڊگهو قد، جڏهن ته جپان ۾ منو نڪ ۽ پورو پنو قد رکندڙ عورت حسين ليکي وڃي ٿي، ته ڇا اوهان جاپانين کي بدذوق چوندئو؟ يا اُهي اوهان کي؟
انهي ڪري مان چوان ٿو ته اي دوست! سونهن کي معيارن ۽ ماپن ۾ نه ڪٿيو. سونهن کي سونهن ئي رهڻ ڏيو ته بهتر.
***
اسين جيڪي ازل کان اُڃايل آهيون، اُنهن کي ڪينجهر سڏڙا ڪري چوي ٿي: “اچو منهنجا ٻچڙا! مان اوهان جي اُڃ اُجهايان، جيئن اوهانجي رڳ رڳ ۾ ابد تائين سوم رس اوتيو رهي”
***
انساني تاريخ ۾ ڌرمن، نظرين ۽ عقيدن ايترا پوئلڳ پيدا ڪونه ڪيا آهن، جيترا ماڻهو ماريا آهن.
***
تو پڇيو آهي ته، “ڇا زندگي فقط ذوقِ حسن تي ئي گذاري سگهجي ٿي يا….؟”
منهنجو جواب آهي ته: “زندگي جون سڀ جدوجهدون/تحريڪون پوءِ اُهي ڪهڙي به نظريي يا فڪر تحت هلايون وڃن، اُنهن جو مقصد آهي، پنهنجن سپنن ۾ سمايل سندري کي پائڻ، ذوقِ حسن ئي آهي جنهن مان عشق جنم وٺي ٿو، جيڪو زندگي کي پنهنجي منزل/معراج تي پهچائي ٿو. ان ڪري ذوقِ حسن کانسواءِ زندگي جو تصور بي معنيٰ، جدوجهد فضول ۽ زندگي جي تڪميل اڻپوري ۽ منهنجي خيال ۾ ناممڪن آهي”
***
انسان جڏهن ڄمي ٿو ته، پنهنجي وجود تي پهريون ڇهاءُ ڌرتي جو محسوس ڪري ٿو ۽ ڀانڀڙا پائيندي ڌرتي جو ردم ۽ ڪشش پاڻ ۾ محسوس ڪري ٿو ۽ پوءِ…. هو جڏهن اُن ڪشش مان ٻاهر نڪري ٿو (وڏو ٿئي ٿو) ته آسمان جي بلندين کي رسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن. هو هلي هلي جهڪي پوي ٿو ۽ آهستي آهستي وري ڌرتي جي ويجهو ٿيندو وڃي ٿو (موٽ کائي ٿو) ۽ هڪ ڏينهن نيٺ هو ڌرتي جي گود ۾ سمهي پوي ٿو ۽ مٽي سان ملي هڪ ٿي وڃي ٿو.
مان تڏهن ته چوان ٿو ته، “موت اسانجي وجود کي ميساري، فنا ڪري نٿو سگهي. اسين ته ذرا ذرا ٿي وري مٽي ۾ ملي وڃون ٿا ۽ هن ڪائنات ۾ ڦهلجي وڃون ٿا ۽ هر ڏس موجود رهون ٿا”
***
خودڪش حملي ۾ زخمي ٿيل شخص چيو: “او ڀڳوان! هيٺ لهي نه اچجانءِ، نه ته هي وحشي توکي به ماري ڇڏيندا!؟”
***
تون چوين ٿو ته “دل منهنجو گهر آهي”
“مان چوان ٿو ته” او ڀڳوان پنهنجن بندن کي پريشان نه ڪر. متان سندن دل ڀڄي پوي ۽ ڪٿي تون ڀڳل ۽ ٽٽل گهر (دل) ۾ رهي خود پريشان نه ٿين؟”
***
خاموشي ڏاهپ جي نشاني آهي!؟
پر هر خاموش ماڻهو ڏاهو به ڪونه هوندو آهي.!
***
عقيدن ۽ نظرين جي طاقت محبت جي اڳيان ڪجهه به نه آهي.
***
جڳ جو سرجڻهار پنهنجون نعمتون ورهائي رهيو هو. جنهن جيڪي ٿي گهريو اُن کي اُهو ٿي مليو. ڪنهن دولت گهري ته ڪنهن دٻدٻو، طاقت، غرور، شهرت…. هجوم مان هڪ شخص اڳيان وڌي عرض ڪيو: “جهان جا مالڪ مون کي درد عطا ڪڪر” سڀ هن ڏي حيرت مان ڏسڻ لڳا. جهان جي مالڪ دل ئي دل ۾ مسڪرائي ڏنو.
سڀ رشتا وقت گذرڻ سان ساٿ ڇڏي وڃن ٿا، پر درد جيون ڀر ساٿ نڀائي ٿو. درد جيڪو ڪوتا کي جنم ڏي ٿو، سرجڻهار سان رشتو جوڙي رکي ٿو ۽ آخر اُن ۾ ضم ٿي هڪ ٿي وڃي ٿو.
***
هو چون ٿا ته تاجل موت جي اڳيان بيوس ٿي ويو ۽ زندگي جي جنگ هارائي ويٺو…
مان قطعي نٿو مڃان. “جيئي جيجل ماءُ الوميان جيئي سدا سنڌ” (تاجل بيوس جي شاعري) مان زندگي ڪر کڻي موت کي بيوس ڪري پنهنجي ابديت ۽ مٽي سان سلهاڙيل دائمي وجود جو اظهار ناهي ته ڀلا ٻيو ڇا آهي؟
***
ڌرتي ۾ جسم ته پوري سگهجن ٿا، پر فڪر (خيال) نه تڏهن ته چوندو آهيان “مان فاني ناهيان”
***