بلاگنئون

اديب، شاعر، ڪھاڻي صحافي انور پيرزادو

ڏوڪري جي علائقي ۾ انساني آبادي صدين کان موجود رهي آهي. برطانوي طور ۾ لڳ ڀڳ 1900ع کانپوءِ ڏوڪري باقائدي هڪ شهر طور اڀريو ۽ 1930ع جي ڏهاڪي ۾ ان کي ميونسپل جي حيثيت ملي. سنڌ جو هي تاريخي ماڳ موهن جي دڙي ويجهو لاڙڪاڻي ضلعي ۾ واقع آهي. هن شھر جي ويجهو بکو ديرو ۾ 7 آڪٽوبر 1901 ڌاري مشھور انقلابي سياستدان ۽ شاعر، ڪامريڊ حيدر بخش “حيدر” ولد الھداد خان جتوئي جنم ورتو. ٻيو تحريڪ آزاديءَ جو اهم اڳواڻ، مشھور ليکڪ ۽ وڪيل ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي 03 مئي 1920ع تي دنيا جي عظيم مھذب ثقافتي ماٿري موهن جي دڙي جي ڀرسان ڳوٺ ٻنڊي تعلقي لب درياءَ “ڏوڪري” ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ديوان تنور مل جي گهر ۾ جنم ورتو، جنھن کي رابندر ناٿ ٽئگور “دي مين فرام موئن جو دارو” سڏيندو هو. ٽيون ڏوڪريءَ ويجهو ڳوٺ ٻلھڙيجي ۾ جنم وٺندڙ عظيم ڪردار صحافت جي ميدان ۾ ناميارو نالو سنڌي اديب انور پيرزادو آهي جيڪو 25 جنوري 1945 تي صوفي شفيع محمد پيرزادو جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس اصل نالو محمد پريل هو، پر ادبي دنيا ۾ “انور پيرزادو” جي نالي سان مشهور ٿيو. سندس والد شفيع محمد صوفي درويش هو، جيڪو پيٽ پالڻ لاءِ آخري عمر ۾ مسجد جو پيش امام بڻيو. انور پنهنجي والد سان گڏ نه صرف پنج وقت نماز پڙهندو هو، پر مسجد جو ٻانگو به هو. سياري جي مند ۾ نمازين لاءِ وضوءَ وارو پاڻي گرم ڪرڻ لاءِ والد سان گڏجي صبح سوير جهنگ مان ڪاٺيون ڪري ايندو هو. ڳوٺ ٻلھڙيجي، سنڌو درياءَ ۽ موهن جي دڙي جي ڀرَ ۾ آهي. ننڍپڻ ۾ شيخ اياز جو ڪتاب “جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي” پڙهي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان ملڻ لاءِ ويو ۽ پوءِ لاڳيتو وٽس ويندو رهندو هو. هن 1955ع تائين پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي، پوءِ اٽڪل ڇهه ڪلو ميٽر پنڌ يا سائيڪل تي وڃي ڏوڪري هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو. 1962ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي. انور 1963ع کان 1968ع تائين، موجوده ڏوڪري تعلقي ۾، موهن جي دڙي اسڪول، ٽڳڙ باغبان (کچي کيڙا اسڪول)، حاجي مشوري اسڪول ۽ شير محمد جوڻيجو اسڪول ۾ پرائمري ٽيچر ٿي رهيو. انور، ٽڳڙ باغبان ۾ ٽيچر هجڻ دوران، ڳوٺ جي وڏيري سيد خادم حسين شاهه جي اوطاق ۾ رهندو هو. 1969 ۾ انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪئي. ايم اي پاس ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. 1970ع ۾ پاڪستان ايئرفورس ۾ پائليٽ آفيسر جي ٽريننگ لاءِ چونڊيو ويو، ڇھن مھينن جي ٽريننگ ڪري ڊيوٽيءَ تي چڙهڻ وارو هو ته مٿس “فيلڊ ڪورٽ مارشل” ۾ بغاوت جو ڪيس هلايو ويو ۽ کيس ست سال سخت پورهئي سان سزا ڏيئي پشاور سينٽرل جيل ۾ موڪليو ويو. انور جو ڏوهه اهو هو ته هن بنگلاديش خلاف آپريشن جي مخالفت ڪئي هئي ۽ شيخ مجيب الرحمان کي “20 صديءَ جو عظيم جنگجو” قرار ڏنو هو. فيلڊ ڪورٽ مارشل دوران ونگ ڪمانڊر ۽ ايئر وائيس مارشل يوسف خان کيس آزاد ڪرڻ جي سفارش ڪئي. اهڙيءَ طرح ستن مھينن جي قيد کانپوءِ کيس آزاد ڪيو ويو. انور لاءِ سرڪاري نوڪريءَ جا دروازا بند ٿي چڪا هئا، انور پيرزادي ستر واري ڏهاڪي جي شروع ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ 1973ع کان سنڌي ادبي سنگت کي ٻيھر سرگرم ڪرڻ ۾ سندس حصو رهيو. هو مُهم جو صحافي رهيو آهي، تنهنڪري امر جليل جي سفارش تي کيس هلال پاڪستان اخبار ۾ سب ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. 1975ع ۾ هلال پاڪستان ڇڏي روسي سفارتخاني ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ نڪرندڙ بليٽن جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. 1980ع ۾ روسي سفارتخاني بند ٿيڻ سبب، ان سال ئي “ڊان”  اخبار جو لاڙڪاڻي جو عيوضي ۽ “دي اسٽار” سکر جو بيورو چيف ٿيو. ايم. آر. ڊي هلچل دوران هڪڙي خبر هلائڻ جي ڏوهه ۾ 6 مهينا سزا ڀوڳيائين. ان کان پوءِ جدا جدا اخبارن “دي اسٽار”، “عوامي آواز”، “جاڳو”، “سنڌ سجاڳ”، “برسات”، “سنڌ ٽربيون” ۽ روزاني “سچ” سان لاڳاپيل رهيو. سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جو سيڪريٽري ۽ سرگرم ڪارڪنن به رهيو. انور پيرزادو، ڪهاڻيڪار به هو. هوچي من جي شاعريءَ کان متاثر ٿي شاعري به ڪيائين. هن ڪيترن ڪتابن جا سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ترجما ڪيا، جن ۾ فيڊرل ڪاسترو جي تاريخي تقرير “تاريخ مون کي بي ڏوهي قرار ڏيندي”  ۽ “شاهه جي رسالي جو سماجي مقصد” اهم آهن. هيل تائين سندس ڇپيل ڪتاب هي آهن، “اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان”، “متان وساريو” “سنڌ” ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران سندس انگريزي ڪتاب “سنڌي لينگويج اينڊ لٽريچر اي بريف اڪائونت” سندس ٻين ڇپيل ڪتابن مان، ڀٽائي، ممبئي ياترا، سنڌ، مُوھن جو دڙو، جديد سنڌي ادب، انٽرويو ۽ تقريرون، ڀڻ جھڻ، تون ڪيڏو ڏور هليو ويو آن، انور پيرزادي جون ڪهاڻيون، درياءِ سنڌ ڪي ساٿ ساٿ، کان علاوه سندس انگريزيءَ ۾ هڪ اندازي مطابق هيٺيان ڪتاب پڻ ڇپيا هئا جن ۾:

Social content in Shah Jo Risalo، Gazetteer of Larkano. Distric Kirthar – A remote beauty.

– Legacy of Shah Latif.

– Exploring Sindh (Sindh Gazetteer).

– Indus and its delta.

– Sindh scenario.

– Cultural heritage of Sindh، Editorials of Anwer Pirzado.

پاڻ نومبر 1989ع ۾ رٻڙ جي ٻيڙين تي جهانگيره کان پورٽ قاسم تائين سنڌوءَ جو سفر ڪيو. کيرٿر ۾ ڪتي جي قبر تائين پنڌ ڪيائين ۽ گورک چوٽيءَ تي انهن ڏينهن ۾ پهتو جڏهن روڊ رستا ڪو نه ٺهيا هئا. ٿر ۽ سنڌو ڊيلٽا جا به تفصيلي پنڌ ڪيائين. هن جي تحريرن جو پسنديده موضوع، سنڌ، شاهه لطيف، موهن جو دڙو ۽ ٿر هئا.  پاڻ 7 جنوري 2007ع تي ڪينسر جي بيماريءَ وگهي وفات ڪيائين. سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ ٻلھڙيجيءَ ۾ ئي آهي. سندس لاڏاڻي بعد هن نامور نقاد، صحافي، اديب ۽ شاعر انور پيرزادو جي ياد ۾ سندس فرزند زرار پيرزادي جي ڪوشش سان انور پيرزادو اڪيڊمي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا گلشن حديد ڪراچيءَ ۾ واقع آهي.