جنهن تي ڪلثوم ھائوڪار ڪندي ڪنڌ ڌوڻيو. ٻارو اھا سوچ تمام غلط آھي ته ھندو ۽ مسلمان ھڪ ٿانوءَ ۾ گڏ نٿا کائي سگھن. ھندو به پاڻ جھڙا انسان آھن، پر افسوس جو اسان جي ذھن ۾ ننڍپڻ کان وٺي اھا نفرت وڌي وئي آھي ته ھندو يا ٻئي ڪنهن مذھب وارن سان گڏ کائڻ، پيئڻ ۽ ڳالھائڻ انھن سان سٺو ورتاءُ ڪرڻ گناھ آھي.
اسلام ته ڪٿي به نٿو چوي ته ھندو مسلمان ھڪ ٿانو استعمال نٿا ڪري سگھن. ھا بلڪه جيڪڏهن ڪنهن ٻئي مذھب وارا شراب وغيره پيئن ٿا يا اھڙو ڪجهه جيڪو اسان جي مذھب ۾ حرام آھي ته پوءِ ضرور انھن سان ساڳيو ٿانو استعمال نه ڪرڻ گھرجي. باقي انسان سڀني مذھبن ۾ برابر آھن. ھندو مسلمان ساڳين ٿانون ۾ گڏ کائي به سگھن ٿا ۽ سٺا دوست پڻ ٿي سگھن ٿا انھيءَ ۾ ڪو به حرج نه آھي.
مس زارا جون اھي ڳالهيون ٻڌي پريا جي دل ۽ دماغ تي “مسلمانن جو ۽ اسلام مذھب” جو تمام سٺو اثر پيو. ڪلثوم پريا کي ڀاڪر پائي معافي وٺندي چيو، “سوري پريا مون کي معاف ڪر، مون تنهنجي دل ڏکائي آھي، متان الله سائين به مون سان ناراض نه ٿئي سوري.”
“ڪابه ڳالهه ناھي ادي پاڻ سڀ ھڪ ئي آھيون بس دل ۽ دماغ تي غلط سوچن ۽ بدگماني سبب نفرتن جي دز جا جيڪي تھ چڙھيل ھئا اھي ھاڻي هميشه لاءِ ڌوپجي اجرا ٿي چڪا آھن.” پريا چيو.
مس زارا ھنن کي ھڪ ٿيندي ڏسي دل ئي دل ۾ سوچيو، اسان جو دين ته امن، محبت، ڀائيچاري جو پيغام ڏئي ٿو. پوءِ به اسان جي معاشري ۾ ننڍپڻ کان ـئي اھا سوچ وڌي وڃي ٿي ته ھندو ۽ مسلمان گڏ ويھي نٿا سگهن، کائي نٿا سگهن ۽ دوستي نٿا رکي سگهن، پر افسوس شايد اسان جي معاشري ۾ علم جي گھٽتائي آھي، سوچ محدود آھي، سڀ کان اھم ڳالهه ته دين جي اڻ ڄاڻائي آھي ۽ ڪجهه معاشري ۾ صدين کان ايندڙ ھٿ ٺوڪيون رسمون، خيال جيڪي نه چاھيندي به انسان جي سوچ تبديل نٿا ڪن ۽ سمجھدار ھوندي به بدبودار سوچ رکڻ تي مجبور ڪن ٿا ۽ اھا سوچ فطري نه بلڪه غير فطري آھي. ڇاڪاڻ فطرت هميشه محبت سيکارندي آھي، نه ڪي نفرت.