بلاگنئون

پي ٽي آءِ جا حڪومت اڳيان شرط يا مطالبا!؟

گذريل ڪجهه ڏينهن کان خبرون هلي رهيون آهن ته شهباز حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ھلندڙ شدت پسندي ۽ سرد جنگ ۾ ٺپر اچي وئي آهي ۽ ٻئي ڌريون ڳالهين لاءِ راضي ٿي ويون. جڏهن ته ٻنهي ڌرين جا ڪجهه ماڻهو ان کي رڳو سکڻا بيان قرار ڏيئي رهيا آهن. جڏهن ته عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو ڪوبه حل نه نڪرندو. ڇو ته قبر هڪ، ماڻهو ٻه آهن، هڪ کي اندر وڃڻو آهي. هن جو چوڻ هو ته ڳالهيون بهتر عمل آهي، ڳالهين سان ڪجهه نه نڪتو ته پوءِ جوڊو ڪراٽي ۽ بئنڪاڪ جا شعلا آهن. هن چيو ته 26 نومبر هڪ خوفناڪ، دهشتناڪ ۽ ظلم ستم جو ڏينهن هو انهيءَ جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. هن جو چوڻ هو ته مان ڳالهين جو حامي هئس ۽ حامي آهيان منهنجو صرف هڪ ماڻهو سان تعلق آهي اهو پي ٽي آءِ جو باني آهي. دنيا ۾ جنگ کانپوءِ به ڳالهيون ٿينديون آهن. جڏهن ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر جو چوڻ هو ته اسان ڳالهين دوران شرط نه، پر مطالبا ضرور رکيا آهن.

9 مئي جا ڪيس ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، اهي سمورا ڪيس ڪوڙا آهن ۽ انهن ۾ بريت ٿيندي. تحريڪ انصاف جي درخواست وزيراعظم ۽ ٻين جي خلاف آهي، ڪيترائي احتجاج ٿيا، پر دنيا ۾ ڪٿي به گولي ناهي هلي، احتجاج ڪندڙ اڃان ويٺا ئي نه هئا ته شيلنگ شروع ڪئي وئي. پي ٽي آءِ باني اڳ به ڳالهين جو چيو هو، ڳالهيون ضرور ٿيڻ گهرجن، سياسي مسئلن جو حل سياسي ويهڪ سان ئي ٿيندو آهي، پر ڳالهين دوران شرط ناهن رکيا، مطالبا ضرور رکيا آهن، اڳ ۾ به ڳالهيون ٿيون، پر هڪ اسٽيج کان اڳ رابطو ختم ٿي ويو، بس هاڻ گهڻو ٿي ويو، هاڻ ملڪ کي بهتري ڏانهن وڌڻ گهرجي.

 پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جون ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي، پر حڪومت جي ڪنهن به ذميوار طرفان ڪوبه بيان نه آيو ته انهن کي پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪرڻيون آهن يا نه، ڇو ته گذريل ڏينهن بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف تحريڪ انصاف سان ڳالهين واري عمل کي مذاق قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان کي پي ٽي آءِ طرفان ڪوبه پيغام ناهي مليو. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت کي ٻڌائي ته اسان ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا، ڳالهين جو عمل اسپيڪر ذريعي شروع ڪيو وڃي. پي ٽي آءِ پهرين رابطو ڪندي پوءِ جواب ڏيڻ جي پوزيشن ۾ هونداسين. سندس چوڻ هو ته جن حالتن ۾ پي ٽي آءِ وارا ڳالهين جو چئي رهيا آهن ڏسڻو پوندو ته 26 نومبر کان اڳ ڪهڙي ٻولي ڳالهائي رهيا هئا، اڃان تائين تحريڪ انصاف جي لهجي ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي. خواجا آصف موجب جيڪڏهن ڳالهيون ڪرڻيون آهن ته زبان کي خاموش رکڻو پوندو ۽ لهجو نرم رکڻو پوندو، باني پي ٽي آءِ کي حڪومت سان ڳالهيون شروع ڪرڻ گهرجن، باني پي ٽي آءِ کانسواءِ تحريڪ انصاف ۾ ڪنهن جي حيثيت ئي ناهي.

ٻئي پاسي عمران خان جي حوالي سان ڳالهين ۾ سندس ڀيڻ عليمه خان سرگرم نظر آئي ۽ اسلام آباد ۾ لاڳيتو موجود رهي آهي. حڪومتي رابطا اڪثر عليمه خان ۽ هڪ ويجهي دوست جي ذريعي ٿي رهيا آهن. ان دوران پاڪستان کان ٻاهر هڪ عورت به ملڪ آئي جنهن جو تعلق هڪ بااثر عورت سان ٻڌايو وڃي ٿو ۽ اها به عمران خان لاءِ رليف ڳولڻ جي ڪوشش ۾ مشغول آهي. عمران خان لاءِ رليف ان ڳالهه تي دارو مدار رکندو ته هو ڪجهه شرطن کي مڃي ٿو يا نه. جيڪڏهن هو ڳالهين ۾ لچڪ ڏيکاريندو ته کيس ڪجهه رليف ملي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن پراڻي روش برقرار رکندي سندس سخت رويو رهيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ سندس لاءِ صورتحال وڌيڪ ڏکي ٿي سگهي ٿي. ٻئي طرف، بشريٰ بي بي سان ڳالهيون بند ڪيون ويون آهن ۽ گنڊاپور سان رڳو صوبي جي معاملن تائين محدود رابطا ٿي رهيا آهن.

موجوده صورتحال ۾ اهو واضح ناهي ته ڳالهيون ڪهڙي رخ ۾ وڌنديون باوجود ان جي اهو نظر اچي پيو ته پي ٽي آءِ جو هاڻي اڀرڻ ناممڪن آهي، ڇو ته حڪومت هڪ طرف کين ڳالهين ڏانهن وٺي پئي اچي ته ٻئي طرف مٿن فرد جرم لاڳو ٿي رهيو آهي. گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي تي توشا خانا 2 ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي. توشا خانا 2 ڪيس جي ٻڌڻي راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند جي آڏو ٿي. ٻڌڻي دوران جيل مان اڳوڻو وزيراعظم ۽ باني پي ٽي آءِ عمران خان کي آندو ويو جڏهن ته جيل جي ٻاهران ان جي گهر واري بشريٰ بي بي عدالت ۾ پيش ٿي. جج شاهه ارجمند جوابدارن تي لڳايل فرد جرم پڙهي ٻڌايو، جنهن کانپوءِ ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي. ياد رهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان  اڳ ئي مختلف ڪيسن ۾ گرفتاري سبب اڊيالا جيل ۾ قيد آهي، انهيءَ کي سڀني کان پهرين عدت ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ ٻين ڪيسن ۾ ان جي گرفتاري ۽ آزاد ڪرڻ جا حڪم ايندا رهيا. جڏهن ته بشريٰ بي بي عدت ڪيس ۾ بري ٿيڻ کانپوءِ آزادي ماڻي چڪي آهي.

هن وقت اها مختلف ڪيسن ۾ ضمانت تي آزاد آهي. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي ۽ عورت اڳواڻ ياسمين راشد تي پڻ فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي، انهن تي به 9 مئي تي لاهور ۾ شادمان ٿاڻي جي حد ۾ ڀڃ ڊاهه، گهيراءُ ۽ باهيون ڏيڻ جا ڪيس داخل ٿيل آهن. انهن تي فرد جرم لاهور جي دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت لاڳو ڪئي آهي. ڪيس جي ٻڌڻي ڪوٽ لکپت جيل ۾ ٿي. ان سڄي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اهو چئي سگهجي ٿو ته پي ٽي آءِ قيادت گهيري ۾ هئڻ سبب ڳالهين لاءِ وک اڳتي وڌي رهي آهي، پر حڪومت ڪنهن به ڏوهاريءَ کي پاڻ سان ويهارڻ لاءِ تيار ناهي ۽ نه ئي ڪي ڳالهيون ڪرڻ ٿي چاهي ته پوءِ مطالبا ۽ شرط رکڻ پي ٽي آءِ جي اختيار ۾ ئي ناهن. بهتر ائين ٿيندو ته پي ٽي آءِ کي لچڪ ڏيکاري هن ڏکئي موڙ مان گذرڻو پوندو.