ايران ظاهر ۾ هڪ آزاد ملڪ ته هو، پر هن جي تيل جي دولت آزاد نه هئي بلڪه برطانيه جهڙو اڃارو سامراج هن جو سمورو تيل پي ويندو هو ۽ ايراني ويچارا غربت جي چڪي ۾ پيسبا رهندا هئا. انهيءَ دوران هڪ نهايت پاپولر وزيراعظم آيو جنهن برطانيه سامراج کان پنهنجو تيل ڇني ورتو. مگر ان جي جواب ۾ برطانيه سامراج پنهنجي وڏي ڀاءُ آمريڪي سامراج سان گڏجي هڪ عالمي سازش تيار ڪئي هئي، مقبول وزيراعظم ڊاڪٽر مصدق عالمي سازش کي ڪيئن ناڪام بڻايو ۽ پوءِ سندس انجام ڇا ٿيو. اڄ آمريڪا سامراج ان سازش تي پڇتائي ڇو ٿو جا جواب حاصل ڪيا ويندا.
ڊاڪٽر مصدق جديد ايراني تاريخ جو شايد سڀ کان وڏو سيڪيولر ۽ نيشنلسٽ ليڊر سڏي سگهجي ٿو. هو ايران جي هڪ اڳوڻي شاهي خاندان ڪاجار فيملي سان تعلق رکندو هو. هن خاندان 1789ع کان 1925 تائين 130 سال ايران تي حڪومت ڪئي هئي پوءِ هن خاندان جي جڳهه پهلوي خاندان ورتي هئي. هن خاندان جو پهريون بادشاهه رضا شاهه پهلوي ڊسمبر 1925ع ۾ حڪومت سنڀالي. ڪاجار خاندان جو آخري بادشاهه احمد شاهه ڪاجار هو، جنهن کي حڪومت کان هٽائي پيرس ۾ جلاوطن ڪيو ويو هو باوجود ان جي انهيءَ خاندان جي حڪومت جي خاتمي تائين ڊاڪٽر مصدق ڪيترن ئي حڪومتي عهدن تي رهي چڪو هو. هو ايران جي خزاني جو وزير ۽ پرڏيهي وزير به رهيو هو. رضا شاهه پهلويءَ جي اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر مصدق رٽائر ٿي ويو هو. باوجود ان جي 1946ع ۾ جڏھن رضا شاهه پهلويءَ جي پٽ محمد رضا پهلوي جي حڪومت هئي ته ڊاڪٽر مصدق سياست ۾ وري ايڪٽو ٿي ويو. هن جي سياست ۾ واپسي جو سبب هو ايراني تيل کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ يعني نيشنلائيز ڪرڻ جي تحريڪ هن تحريڪ ڊاڪٽر مصدق کي راتون رات شھريت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو هو.
اها تحريڪ 1946ع ۾ ايراني شھر ابادان جي آئل ريفائرنگ جي مزدورن شروع ڪئي هئي. ان وقت ايراني تيل برطانيه جي اينگلو ايرانين آئل ڪمپني جي ملڪيت هو. ان ڪمپني ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ شيئر برطانوي حڪومت وٽ ھو ۽ باقي شيئرز ان ڪمپني ۽ ان جي حصيدارن وٽ هئا. ايران وٽ نه هئا. ائين ايراني تيل هڪ ريت سان برطانيه جي پراپرٽي بڻجي چڪو هو. برطانوي ڪمپني ايراني تيل جي دولت پنهنجي ملڪ برطانيه منتقل ڪندي رهندي هئي.
باوجود ان جي ايراني عوام جيڪي تيل جي انهيءَ اصلي زميني حقدار هئا انهن کي ڪجهه نه ملي رهيو هو. ايراني عوام جي اڪثريت غربت جي چڪي ۾ پيسجي رهي هئي. ايستائين ته جيڪي ايراني مزدور برطانوي آئل ڪمپنيز ۾ ڪم ڪندا هئا اتي مزدور هئا اهي به ريڙھيون پائي زندگي گذاريندا هئا. ابادان آئل ريفائنري جي 10 هزار کان وڌيڪ مزدور پنهنجن خاندانن سميت جهوپڙين ۾ رهندا هئا. انهن ماڻھن وٽ نه پيئڻ جو صاف پاڻي هو نه بجلي هئي ۽ ئي ڪا ٻي سهولت ھئي. انهن حالتن کان تنگ ٿي 1946ع ۾ انهن مزدورن هڙتال ڪري ڇڏي. برطانوي ڪمپني انهن مزدورن کي ڏاڍو ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو. ٻن برطانوي سامونڊي جهازن ايراني سمنڊ جي ڀرسان اچي جنگي مشقون به شروع ڪري ڇڏيون ته جيئن مزدورن کي خوفزده ڪري سگهجي. مگر مزدورن تي ان جو ڪوبه اثر نه ٿيو ۽ برطانوي ڪمپنيءَ کان پنهنجين پگهارن ۾ ڪجهه واڌارو ڪرائڻ کانپوءِ ئي هنن هڙتال ختم ڪئي. ليڪن ايراني عوام ان واقعي کان تمام وڏو سبق سکي ورتو. هنن سکي ورتو هو ته جيستائين انهن جا وسيلا انگريزن جي قبضي کان طاقت جي وسيلي واپس نه ورتا ويندا، ايراني عوام جي حالت بهتر نٿي ٿي سگهي.
جيتوڻيڪ ايران ۾ ٿاها تحريڪ شروع ٿي وئي ته ايراني تيل تي صرف ايرانين جو حق آھي. ان ڪري تيل بي دولت کي برطانيه کان کسي ڪري ايراني قومي ملڪيت ۾ ورتو وڃي يعني نيشنلائيز ڪيو وڃي. اها تحريڪ 1940ع کان 1951ع تائين جاري رهي يعني اٽڪل پنج سال ان تحريڪ جو سڀ کان وڏو ليڊر ڊاڪٽر مصدق هو. هن تيل کي نيشنلائيز ڪرڻ جي تحريڪ کي سڄي ايران ۾ پکيڙي ڇڏيو.
شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ ريليون ۽ جلوس نڪرڻ لڳا. ڊاڪٽر مصدق ۽ ان جي ساٿين انهن جلسن کي خطاب ڪيو ۽ عوام کي بغاوت تي راضي ڪيو ۽ اهڙي ريت تيل جي نيشنلائزيشن جي لاءِ اسيمبلي کان هڪ قرارداد به منظور ڪرائي ورتي.
مصدق ايراني پارليامينٽ ۾ به نيشنلائيزيشن جي لاءِ ڀرپور طريقي سان آواز اٿاريو. 1951ع تائين اها تحريڪ هر ايراني جي دل جي ڌڙڪن بڻجي چڪي هئي. ايراني عوام ان حد تائين جذباتي ٿي چڪو هو ته انهن ان تحريڪ جي مخالف ڪرڻ وارن کي قتل ٿي ڪري ڇڏيو. گوريلا حملي ۾ اسلام نالي هڪ گروپ ايراني وزيراعظم حاجي علي رضا آرا کي به قتل ڪري ڇڏيو هو. ان جو ڏوهه اهو هو ته هو ايراني تيل کي نيشنلائيز ڪرڻ جي خلاف هو. ان جي قتل کان ڪجهه ڏينهن پوءِ ئي 15 مارچ تي ايراني پارليامينٽ ايراني تيل کي نيشنلائيز ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايراني عوام جو اهو عرصي وارو خواب هاڻي پورو ٿي چڪو هو. ان جدوجهد جي ڪاميابي جو تاج عوام ڊاڪٽر مصدق جي مٿي تي رکيو. نيشنلائيزيشن جي تحريڪ ڪامياب ٿيڻ جي سبب کان ايندڙ مهيني اپريل ۾ ڊاڪٽر مصدق کي ايراني عوام ملڪ جو نئون وزيراعظم به چونڊي ورتو.
ان جي وزيراعظم ٿيندي ئي ايران جون حالتون ٺيڪ ٿيڻ جي ويتر خراب ٿيڻ لڳيون ۽ ان جو ڪارڻ اهو هو ته برطانيه جي هڪ ٻي سازش ايران جي تيل جي نيشنلائيزيشن جو سڀ کان وڏو نقصان برطانيه کي ٿيو هو. ڇو ته هو تيل جي تمام وڏي دولت کان محروم ٿي چڪو هو. ايران کان ان دولت جو اندازو ائين لڳايو ته 1991ع ۾ برطانوي اينڊ ڪمپني جو نيٽ ورڪ 58 ڪروڙ 50 لک ڊالرز هئي. برطانيه ايراني آئل ڪمپني کان ساليانو 10 ملين يعني ڪروڙين پائونڊز جو پئسو ڪمائيندو هو. ان کان علاوه برطانيه کي هر سال ٻه ڪروڙ ٻيانوي لک ٽن تيل جي پروڊڪٽس ۽ 70 لک ٽن ڪچو تيل به الڳ ملندو هو.
برطانيه ان دولت کان وٿ ڊراءِ ٿيڻ جي لاءِ ڪنهن به صورت ۾ تيار نه هو. جيتوڻيڪ ان وقت سپر پاور نه رهيو هو. ان جي جڳهه تي آمريڪا ۽ سوويت يونين سپر پاور جي درجي تي اچي چڪا هئا. باوجود ان جي برطانيه اڃان به فوجي ۽ معاشي لحاظ کان هڪ تمام وڏي طاقت هو. ان وقت چرچل برطانيه جو وزيراعظم هو، هن ٻي جنگ عظيم ۾ برطانيه کي نازي جرمني جي خلاف فتح ڏياري هئي.
1951ع ۾ ھو ٻيو ڀيرو برطانيه جو وزيراعظم چونڊيو هو. ڇاڪاڻ ته هن ايراني تيل جي دولت کي ڪهڙي ريت به پنهنجي هٿ کان وڃائڻ نٿي چاهي. جڏھن ايران پنهنجي تيل جي دولت نيشنلائيز ڪري ورتي ته چرچل ايران جي خلاف پنهنجي بدلي واريون ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون.
چرچل فوري طور تي اهو ڪيو ته ايراني بندرگاهن جي ناڪا بندي ڪرائي. انهن تي پهرو شروع ڪرايائين. ان ناڪا بندي جو مقصد ايران کي پنهنجو تيل عالمي منڊي ۾ وڪرو ڪرڻ کان زبردستي روڪڻو هو.
جون 1951ع ۾ ھڪ اطالوي سامونڊي جهاز هڪ هزار ٽن تيل کڻي ايران کان روانو ٿيو. برطانوي جنگي جهازن ان جهاز کي گهيري ورتو ۽ ان کي يمن جي بندرگاهه عدن وٺي ويا، جيڪو ان وقت برطانوي ڪنٽرول ۾ هو. هتي برطانوي حاڪمن روزميري نالي جهاز تي کنيل تيل ضبط ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪارروائي جي ڪري ٻيا ملڪ به ڊڄي ويا ۽ ھنن ايران تيل خريدڻ ئي بند ڪري ڇڏيو.
هاڻي ظاهر هو ته جڏھن تيل پهچڻو ئي نه هو ته خريدڻ جو ڇا فائدو ٿئي ها. ان ڪارروائي کانپوءِ آڪٽوبر 1951ع ۾ برطانيه پنهنجا سمورا انجنيئرز ۽ ٻئي عملي کي جيڪو ايران ۾ تيل جي ريفائري ۽ انسٽاليشن تي ڪم ڪندو هو، واپس گهرائي ورتو. هاڻي ايرانين وٽ تيل ڪڍڻ ۽ انهيءَ کي صاف ڪرڻ جي لاءِ ايڪسپرٽس به نه رهيا ۽ ٽيڪنالوجي به نه رهي. سو ايراني نه ته تيل ڪڍي ٿي سگهيا هئا ۽ نه ئي مارڪيٽ ۾ ان جو تيل ڪو خريد ڪرڻ وارو هو. ائين ايراني تيل انڊسٽري هيڻي ٿي وئي ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻھو بيروزگار ٿي ويا. برطانيه لنڊن ۾ ايران جا اڪائونٽ به فريز ڪري ڇڏيا. ان کانسواءِ برطانيه کان ايران کي کنڊ ۽ لوهه موڪليو ويندو هو، اهو به بند ڪيو ويو. جنهن کان ايران جي اندر به ڪيترين ئي شين جي پروڊڪٽس بند ٿي وئي.
برطانيه جي انهن بدلي وارين ڪاررواين جي نتيجي ۾ ايران شديد معاشي بحران جو شڪار ٿي ويو. چرچل کي اميد هئي ته معاشي بحران کان تنگ اچي ڪري ايراني عوام اٿي پوندو ۽ ڊاڪٽر مصدق جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيندو. باوجود ان جي جڏھن شديد معاشي پابندين جي ڊاڪٽر مصدق جي عوامي مقبوليت برقرار رهي ته هن سازش جي وسيلي ڊاڪٽر مصدق جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان جي لاءِ آمريڪا کان مدد گهري ورتي. ڪلاسيفائڊ آمريڪين ڊاڪيومينٽس کان هاڻي اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آھي ته برطانوي سفير آمريڪين کان ڊاڪٽر مصدق جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۾ مدد جي درخواست ڪري رهيا هئا. ان وقت آمريڪا ۾ ٽرومين صدر هو. هن ايران جي خلاف ڪارروائي کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته هن کي ان ۾ آمريڪا جو ڪو مفاد ڏيک نه ڏئي رهيو هو نه صرف اهو بلڪه ايران کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ برطانيه ۽ آمريڪا سامراج 10 سال عراق جي معرفت جنگ ڪرائي. مگر ايران وري به ثابت قدم رهيو ۽ گڏوگڏ وقت به وقت ايران کي معاشي طور تي پڻ ڪمزور ڪرڻ خاطر ايران جي مٿان ناجائز پابنديون مڙھيون. ليڪن ايران تڏھن به انهن سامراجي ملڪن جي اڳيان پنهنجو ڪنڌ نه نوايو ۽ اڄ به سامراجي طاقتن جي لاءِ ايران خوف جو نشان بڻيل آھي.