وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪي معيشت تي ڪاروباري طبقي جو اعتماد وڌي رهيو آهي، عام ماڻهوءَ لاءِ مهانگائي گهٽ ٿي آهي. ملڪ جي معاشيات، ماليات ۽ ڪاروباري طبقي جي وچ ۾ جيڪڏهن اعتماد آهي ته پوءِ معاشي ۽ مالي حالتون بهتر ٿين ٿيون ۽ اهو اعتماد ملڪي ۽ غير ملڪي سيڙپڪاري لاءِ بنيادي سبب آهي. اسان جي معيشت جيئن ته عالمي درجابندي ۾ ترقي پذير معيشت آهي ۽ بهتري جي طرف وڃي رهي آهي. اسان جي حاڪمن ۽ انتظامي اهلڪارن جي غلطين جي باوجود هي ملڪ 24 ڪروڙ کان مٿي آباديءَ جي کاڌ خوراڪ جون ضرورتون پوريون ڪري رهيو آهي، انهيءَ جو سبب اسان جي زرعي معيشت آهي ۽ اسان جو آبپاشي جو بهتر نظام آهي، اهي ٻئي شيون اسان کي ورثي ۾ مليون آهن. فطرت اسان کي صدين کان ندين جي صورت ۾ وافر پاڻي سان نوازيو آهي ۽ آبپاشي جو نظام “برٽش راج” جي توسط سان مليو آهي. اسان جو زرعي شعبو هن ملڪ جي ترقيءَ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
اهڙي ڳالهه وفاقي وزير خزانه به تازو اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪئي آهي ۽ هن چيو آهي ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام برقرار رکڻ لاءِ مسلسل ڪوششن جي ضرورت آهي. زراعت، مينو فيڪچرنگ ۽ انفرااسٽرڪچر ۾ سرمائيڪاري وڌائي ويندي. وزارت خزانه صنعت سان گڏ زراعت جي اهميت کي سمجهي ٿو. اسان کي صنعتي ۽ زرعي ترقي، صحت ۽ تعليم ۾ اڳڀرائي گهرجي، پر اسين هتي واضح ڪندا هلون ته زراعت اهڙو شعبو آهي جنهن سان پاڪستان جي آباديءَ جي گهڻائي لاڳاپيل آهي. 64 سيڪڙو پاڪستاني زراعت جي شعبي سان واسطو رکن ٿا ۽ انهن اسان جي ملڪ کي اناج، دالين، گوشت ۽ کير ۾ خودڪفيل ڪيو آهي، انهيءَ ڪري وفاقي وزارت خزانه ۽ صوبن جون خزاني جون وزارتون ذميدار آهن ته اهي زراعت جي ترقي لاءِ ڪوششون وٺن ۽ اتي سرمائيڪاري جي ضرورت آهي ۽ زراعت اهڙو شعبو آهي جيڪو پنهنجي پيداوار ۾ سيڙپڪار کي نقصان نه ڏيندو. ملڪ ۾ گذريل سالن ۾ جيڪو معاشي عدم استحڪام هو، ملڪ انهيءَ مان نڪري چڪو آهي، هاڻي ترقيءَ جي راهه تي هلڻ لاءِ جديد دور جي تقاضائن مطابق ٺهيل پاليسيون گهربل آهن. وفاقي وزير خزانه جي اها دعويٰ آهي ته ڪاروباري طبقي جو اعتماد وڌي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ اسان جو ملڪ معاشي ترقيءَ ۾ اڳيان ويندو. هن معاشي مسئلن سان گڏ مالي مسئلن تي به ڳالهيون ڪيون آهن. هن اهو چيو آهي ته اسين پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي ايترو وڌائينداسين جو اهي ٽن مهينن جي درآمد لاءِ جي برابر هجن ۽ اسان کي مالي پاليسين جا اثر جلد حقيقي طور معيشت ۾ به نظر ايندا. اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ وزير خزانه گهڻيون ڳالهيون ڪيون آهن. مهانگائي جي ڳالهه ڪندي هن اهو چيو ته کائڻ پيئڻ جي شين جي قيمت ۾ اضافي کي اسين سنجيدگيءَ سان ڏسي رهيا آهيون. هن اهو مڃيو آهي ته کائڻ پيئڻ جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ تيل جي قيمت ۾ لاٿ جي باوجود جيڪڏهن مهانگائي ٿي رهي آهي ته انهيءَ جو ذميوار مڊل مين آهي. اسين وفاقي سرڪار توڙي صوبائي سرڪارن کان اهو پڇون ٿا ته اهو مڊل مين جو آزار ڪيئن ختم ڪجي. لڳي ٿو ته انهيءَ جو ڪوبه جواب سرڪار وٽ ڪونهي.
ٻئي طرف اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهو به چيو ويو ته گهڻيون شيون سستيون به ٿيون آهن جنهن سان عوام کي سهولت ملي آهي. اسين مالياتي ۽ معاشي استحڪام کي ملڪ لاءِ بهتر سمجهون ٿا، اسين وزير خزانه جي ان بيان کي ته ملڪ جي معيشت تي ڪاروباري طبقي جو اعتماد وڌي رهيو آهي کي تحسين جي نگاهه سان ڏسون ٿا ۽ هن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته مالي سال 2024-2025 جي آخر تائين ترسيلات زر 35 ارب ڊالر کان وڌي وينديون، جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ۽ ملڪ معاشي، مالي استحڪام جي طرف وڃي رهيو آهي ته يقيني ڳالهه آهي ته ملڪ جي عام عوام جي ڀلائي ٿي سگهندي.