نيوزيلينڊ جي هڪ جبل کي انسان جي شناخت ڏيڻ جو اعلان
نيوزيلينڊ جو مشهور جبل تاراناڪي جلد ئي هڪ زنده انسان جي شناخت ماڻي وٺندو. تارا ناڪي ملڪ جو پهريون جبل آهي، جنهن کي اهو اعزاز حاصل ٿيندو. گذريل سال هڪ درياءَ کي به اهو اعزاز ڏنو ويو آهي. ان کان علاوه 2013ع ۾ هڪ نيشنل پارڪ کي به اهڙو اعزاز ڏنو ويو هو. واضح رهي ته هن قسم جي شناخت ملڻ بعد هن جبل جا به هڪ انسان جيترا سڀئي حق، اختيار ۽ فرض هوندا.