زئنزيبار جي ايسٽيلا مارڪيٽ
پاڻ زئنزيبار ٻيٽ (انگوجا) جي آڳاٽي ۽ پراڻي علائقي ”اسٽون ٽائون“ جي ڳالهه ڪريون، جتي وقت جون راڻيون، عمان جا سلطان، عرب، ايراني ۽ انڊين واپاري رهيا، جتي جرمن ڪمپنين جا مالڪ ۽ ڊپلوميٽ رهيا، انگريز فوجي، ڪامورا ۽ حاڪم رهيا… هاڻ مون جهڙا دنيا جا ٽوئرسٽ هتي جي ننڍين، وڏين هوٽلن، مسافرخانن ۽ هاسٽلن ۾ رهي شهر جي گهٽين ۽ روڊ رستن تي ڦرندي، آڳاٽيون عمارتون، مسجدون، گرجا گهر ۽ قبرون وغيره ڏسي تاريخ کي ياد ڪن ٿا.
زئنزيبار هڪ صاف سٿرو شهر آهي، جنهن جي رستن ۽ عمارتن کي هر وقت وسندڙ مينهن ڌوئيندا رهن ٿا، چوڌاري موجود هندي سمنڊ جون هوائون هتي جي ڪارخانن ۽ گاڏين جي دونهين کي ڀڄائينديون رهن ٿيون ۽ زئنزيبار خط استوا واري علائقي ۾ هجڻ جي باوجود گرم هجڻ بدران ٿڌڪار وارو رهي ٿو جيئن سنگاپور ۽ ملائيشيا مينهوڳيءَ ڪري ايترو گرم نٿو رهي جيترو ڪانگو، يوگنڊا، ڪينيا، گبون ۽ سوماليه وغيره رهن ٿا ۽ رهڻ به کپن جو اهي خط استوائي علائقي جا ملڪ آهن، جتي سج جا ڪرڻا ٻارهوئي ڌرتيءَ تي سڌا پون ٿا، جيئن اسان وٽ اونهاري جا ڪجهه مهينا سج چوٽ تي هوندو آهي ته گهڻي گرمي ٿيندي آهي.
خط استوا (Equitor) دنيا جي گولي تي اها خيالي ليڪ آهي، جيڪا ڌرتيءَ جي وچ مان لنگهي ٿي ۽ ڌرتيءَ کي اتر اڌ گول ۽ ڏکڻ اڌ گول ۾ ورهائي ٿي ۽ اها ليڪ (خط استوا) زيرو ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) سڏرائي ٿي. ان (خطِ استوائي ويڪرائي ڦاڪ) جي اتر پاسي يا ڏکڻ پاسي وڃبو ته ويڪرائي ڦاڪ وڌندا ويندا جيئن اسان جي حيدرآباد دنيا جي اتر اڌ گول ۾ 25 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) تي آهي يا آمريڪا جو شهر ميامي به 25 ڊگريون اتر ۾ آهي، جتي جي موسم به حيدرآباد جهڙي آهي پر اونهاري ۾ حيدرآباد کان مڙيئي گهٽ گرمي رهي ٿي، جو مياميءَ جي چوڌاري ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي. سياري جي موسم ۾ ٻنهي هنڌن تي سخت سيءُ پوي ٿو. 25 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آفريڪا کنڊ جي ملڪ بوٽسوانا جي گاديءَ جو شهر گابورون (Gaborone) به آهي پر اهو خط استوا جي ڏکڻ پاسي آهي. يعني ڏکڻ اڌ گول ۾ آهي، جنهن ۾ سائوٿ آفريڪا، چلي، آسٽريليا، نيوزيلينڊ جهڙا ملڪ آهن. گابورون خط استوا جي ٻئي پاسي هجڻ ڪري جڏهن نومبر ڊسمبر ۾ اسان وٽ حيدرآباد يا ميامي (USA) ۾ سخت سيارو ٿئي ٿو ته گابورون ۾ اهي مهينا اونهاري جا يعني سخت گرمي وارا هجن ٿا. ٻي ڳالهه ته جيڪو ملڪ خط استوا کان جيترو گهڻو پري اوترو گهڻو سيءُ.
زئنزيبار خط استوا کان گهڻو پري ناهي. اهو فقط 6 ڊگريون ڏکڻ اڌ گول جي ويڪرائي ڦاڪ تي آهي تڏهن به سياري جا ٻه مهينا يعني جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ سئيٽر پائڻ جهڙو سيءُ ٿئي ٿو. اهو ئي حال جڪارتا جو آهي، جيڪو پڻ 6 ڊگريون ڏکڻ ۾ آهي. انهن ڏينهن ۾ اسان جي اتر اڌ گول ۾ اونهارو هوندو آهي. زئنزيبار جهڙو سيءُ ڊسمبر جهڙن مهينن ۾ گهانا جي گادي واري شهر اڪرا، نائيجيريا جي گادي واري شهر لاگوس ۽ ڪولمبو (سري لنڪا) ۾ پوي ٿو جو اهي شهر پڻ 6 ڊگرين تي آهن پر دنيا جي اتر اڌ گول ۾.
هڪ ٻي ڳالهه ته زئنزيبار جهڙن ٻيٽن جي موسم (هوا) ۾ هڪ خمار رهي ٿو. هاڻ مڙيئي دنيا تيز ٿي وئي آهي نه ته 1960ع ۽ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ به مون زئنزيبار، پينانگ ۽ ڪولمبو جهڙن ٻيٽن تي گهرن اڳيان ويٺي ويٺي ماڻهن کي جهوٽا کائيندي ڏٺو. اسان کي به اهڙي موسم وارن بندرگاهن ۽ ٻيٽن تي اتي جي هوا ۾ خمار محسوس ٿيندو آهي. زئنزيبار جون سڌيون، صاف سٿريون ۽ ناجائز قبضي (Encroachment) کان خالي گهٽيون ڏسي اڄ به مون کي پنهنجي ڳوٺ هالا جون ننڍپڻ ۾ ڏٺل گهٽيون ياد اچن ٿيون. يعني 1940ع واري ڏهاڪي جون. خاص ڪري عالياڻي گهٽي، ڀُٽن جي گهٽي، ڪڪن جي محلي جون ٻه اوڀر اولهه واريون ۽ هڪ پاسي واري اتر اولهه واري گهٽي، مهاڻن جي گهٽي، گاجڻين ۽ انصارين جي گهٽي وغيره جيڪي پڻ ائين سڌيون ۽ صاف سٿريون هونديون هيون. سنڌ جي ٻين شهرن جون به اهڙيون صاف گهٽيون هونديون، جيڪي هاڻ نه رهيون آهن جو ماڻهن گهٽين تي قبضو ڪرڻ لاءِ پهرين در اڳيان وڏيون ڌڪيون، پوءِ غسل خانا ۽ پاڻي ڇڪڻ جا پمپ هڻي انهن کي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي ۽ گهٽين ۾ موجود مينهن جي پاڻيءَ لاءِ ٺهيل نالين کي گٽر بڻائي سنڌ جي سونهن ختم ڪري ڇڏي آهي. سو هاڻ اهو ته نٿو لکي سگهان ته توهان هالا، پنجمورو، ڪنڊيارو يا جهمپير ۽ جنگشاهيءَ جون گهٽيون ڏسي زئنزيبار جي گهٽين جو نقشو ۽ صفائي سٿرائي دماغ ۾ آڻي سگهو ٿا. البت اهو چئي سگهان ٿو ته منهنجي پڙهندڙن مان جيڪڏهن ڪنهن جو زئنزيبار جي گهٽين ۾ اچڻ ٿئي ته هو زئنزيبار جون گهٽيون ڏسي اڄ کان ستر پنجهتر سال اڳ سنڌ جي صاف سٿرين گهٽين جو اندازو لڳائي سگهي ٿو.
زئنزيبار جي آڳاٽي شهر اسٽون ٽائون جون گهٽيون به شروع کان سوڙهيون ٺاهيون ويون هيون جو ڏيڍ ٻه صديون اڳ ڪٿي هيون موٽر ڪارون؟ ماڻهو هڪ گهٽيءَ کان ٻي گهٽيءَ ۾ پيرين پنڌ ويا ٿي. سلطانن جا محل عوام جي رهائش کان پري ۽ الڳ ٿلڳ هئا، جن جا پتل ۽ اسٽيل جي ڪڙن ڪنڍن وارا ڪاٺ جا دروازا وڏا رکيا ويا ٿي، جو هنن هاٿيءَ تي سواري ڪئي ٿي. بعد ۾ زئنزيبار ۾ سائيڪلون آيون. هينئر به اهي سائيڪلون ۽ وڌ ۾ وڌ انڊيا جي ”بجاج ڪمپنيءَ“ جو موٽر سائيڪلون اسٽون ٽائون جي گهٽين ۾ نظر اچن ٿيون. باقي اسٽون ٽائون کان ٻاهر ايئرپورٽ، بُوبُوبُو شهر، امان اسٽيڊيم، جانگومبي ۽ ٻين ڳوٺن، شهرن ۽ ٻهراڙيءَ ۾ وڃڻ لاءِ دالا دالا (Dala Dala) نالي ”شيئر ٽئڪسيون“ آهن، جن ۾ سفر ڪندڙ مسافر ڀاڙو حصا پتيون ڪري ڊرائيور کي ڏين ٿا. دراصل هي ڊالا ڊالا ٽئڪسيون ته نه چئجن پر مني بسون ئي آهن، جن تي اهو نالو ڪنڊيڪٽر جي ڀاڙي جي هوڪي ”ڊالر ڊالر“ تان پيو آهي. ان کان علاوه ڀاڙي تي نه رڳو زئنزيبار ۾ پرڪينيا ۽ تنزانيا ۾ موٽر سائيڪل به مسافر ۽ سامان کڻي ٿي. اها بودا بودا (Boda Boda) سڏجي ٿي. چون ٿا ته ان تي به اهو نالو موٽر سائيڪل هلائڻ واري جي هوڪي ”بارڊر ٽ بارڊر“ تان پيو جنهن تي سوار ڀاڙو ڏئي ان علائقي جي هڪ ڪنڊ (بارڊر) کان ٻئي تائين سفر ڪري سگهيو ٿي يا سامان موڪلي سگهيو ٿي.
ڊالا ڊالا ٽئڪسين جو مرڪزي اڏو اسٽون ٽائون جي مرڪزي (صدر) مارڪيٽ دارا جاني (Dara Jani) ۾ آهي، جتي پهچي توهان هن Share Taxi ۾ سوار ٿي شهر يا ٻهراڙيءَ جي مختلف علائقن ۾ وڃي سگهو ٿا. هن مارڪيٽ جو اصل نالو ايسٽيلا (Estella) مارڪيٽ هو. اڄ به اها ان نالي سان وڌيڪ سڃاتي وڃي ٿي، جيئن ڪراچي صدر جي ”ايمپريس مارڪيٽ“ جنهن جو جيتوڻيڪ سالن کان نالو بدلائي ”ڪي ايم سي مارڪيٽ“ رکيو ويو آهي ۽ ان جي ٻاهران ڀتين تي به اهو نالو وڏن اکرن ۾ لکيو ويو آهي پر اڄ به هرڪو ان مارڪيٽ کي ”ايمپريس مارڪيٽ“ سڏي ٿو، جيڪا برٽش راڄ ۾ 1884ع ۾ مهاراڻي وڪٽوريا جي مان ۾ ٺهرائي وئي هئي.
زئنزيبار جي هن ايسٽيلا مارڪيٽ لاءِ هتي جي همراهه کان پڇيم ته اها ايسٽيلا محترما ڪير هئي جنهن جي ياد ۾ ٺهرائي وئي؟ هيءَ مارڪيٽ 1904ع ۾ يعني ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ کان 20 سال پوءِ ٺهرائي وئي، جڏهن زئنزيبار جو اٺون سلطان علي بن حمود هو؟
دل ۾ چيم ته اهو سوال ڪرڻ اجايو آهي، جو برٽش راڄ ۾ اسان وٽ يعني انڊيا، پاڪستان، بنگلا ديش ۾ يا ملايا (ملائيشيا)، سلون ( سري لنڪا) هانگ ڪانگ ۽ ڪينيا، نائيجيريا ۽ گهانا توڙي نيوزيلينڊ، آسٽريليا، ڪئناڊا جهڙن ٽي درجن کن ملڪن ۾جتي جتي برطانيا (انگريزن) جو راڄ هو، يعني جيڪي ملڪ هنن جي قبضن ۾ هئا انهن جي اهم روڊن، رستن، پارڪن، شهر ۾ لڳل ڦوهارن، مارڪيٽن، اسڪول، ڪاليج ۽ اسپتالن تي نالا انگلينڊ جي ان وقت جي مهاراڻي وڪٽوريا يا ڪنگ (بادشاهه) نالي (ايمپريس، ڪئين، وڪٽوريا، جارج، ڪنگ،مئري، مارگريٽ، ايلزبيٿ وغيره) رکيا ويا ٿي يا وري برطانيا راڄ جي اهم ڪامورن، وائسرائن، گورنرن، ڪمشنرن ۽ انهن جي زالن تي هوندا هئا. سو هن مارڪيٽ داراجاني واري ايسٽيلا به ٿي سگهي ٿو، انڊيا جي ڪنهن اهڙي گورنر يا ڪمشنر جي زال هجي، جيڪو هتي زئنزيبار به بدلي ٿي آيو هجي ۽ اسان جو به سڃاڻو هجي. جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان ته سنڌ جو ڪمشنر سر بارٽل فريئر جنهن جي نالي ڪراچيءَ ۾ فريئر هال، فريئر مارڪيٽ، فريئر روڊ آهي، بعد ۾ بمبئي ٽرانسفر ڪيو ويو هو ان بعد برطانيه جي حڪومت هن کي هيڏانهن زئنزيبار بدلي ڪيو، ان بعدسائوٿ آفريڪا. انهن هنڌن تي پڻ سر فريئر نالي پارڪ ۽ روڊ آهن. برطانيا جي حڪومت پنهنجن ڪامورن کي ڪڏهن انڊيا ته ڪڏهن ملائيشيا، سلون، نائجيريا، ڪئناڊا، ويندي فجي، زئنزيبار، برمودا، جئميڪا وغيره ايئن ٽرانسفر ڪندي رهندي هئي، جيئن اسان وٽ صوبي جو چيف سيڪريٽري يا چيف منسٽرڊپٽي ڪمشنرن يا پوليس آفيسرن کي خيرپور مان دادو، لاڙڪاڻي کان بدين، يا تلهار کان جوهي ۽ مديجي کان ٺُلهه بدلي ڪري – جو سنڌ جي سڀني شهرن تي سنڌ جي وزيراعليٰ جو راڄ آهي. ايشيا، آفريڪا، آمريڪا توڙي پئسفڪ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊن جي قابض ملڪن ۽ ٻيٽن تي به انگلينڊ وارن جو ايئن راڄ هو. سنڌ جو چيف منسٽر ته وري به عوام جو نمائندو ٿيو. انگلينڊ جي مهاراڻي وڪٽوريا صاحبه ته انهن ملڪن جي ڄڻ مالڪياڻي هئي.
بهرحال منهنجي پڇڻ تي ”محترمه ايسٽيلا ڪير هئي جنهنجي نالي زئنزيبار جي هيءَ مارڪيٽ آهي؟“ هتي جي هڪ عرب نسل جي رهواسيءَ ٻڌايو ته ”هوءَ مئٿيوءَ جي ڀيڻ هئي.“
هن مون کي اهڙي انداز سان ٻڌايو ڄڻ ان ڳالهه کان ته ٻچو ٻچو واقف آهي – ۽ مون کي اها به خبر ناهي! اهو ئي سبب آهي، يا کڻي چئجي ته هو اهو ئي سوچي نه وڌيڪ ترسيو ۽ نه مون کي سمجهائين ته مئٿيو ڪهڙو صاحب ٿي گذريو آهي ۽ اهو زئنزيبار ۾ ڪڏهن ۽ ڪهڙي پوسٽ تي رهيو.
هڪ مئٿيو- سڄو نالو: Sir Matthew Nathan مون کي به هُريو جنهنجي نالي سائوٿ آفريڪا جي شهر اسڪاٽبرگ ۾ هڪ گهٽي آهي. هي مئٿيو سائوٿ آفريڪا کان علاوه سيريا ليون، گولڊ ڪوسٽ ۽ هانگ ڪانگ ۾ ته چار سال گورنر رهي چڪو هو، جنهن ڪولون کان ڪئنٽن تائين ريلوي لائين وڇرائي ريل گاڏي هلرائي ۽ هن سر مئٿيو ناٿن نالي ڪولون ۾ ”ناٿن روڊ“ هڪ بيحد ڊگهو ۽ اهم ڪمرشل روڊ آهي، جتي جا چڪر هڻڻ اسان جو خاص مشغلو هوندو هو – جڏهن به جهاز هانگ ڪانگ ۾ اچي لنگر انداز ٿيندو هو. ياد رهي ته هانگ ڪانگ ملڪ ٻن حصن ۾آهي. هڪ وڪٽوريا ٻيٽ (جنهن کي ڌاريان ماڻهو هانگ ڪانگ سڏين ٿا) ۽ ٻيو چين جي سرزمين (Main Land) جو ڪجهه حصو جيڪو ڪولون سڏجي ٿو. هونءَ ته هانگ ڪانگ (وڪٽوريا ٻيٽ) ۽ ڪولون جي وچ ۾ اسٽار ڪمپنيءَ جي فيري هلندي هئي پر هاڻ ”وڪٽوريا ٻيٽ“ سمنڊ هيٺيان سرنگهه (Tunnel) ٺاهي ”ڪولون جي ڌرتي“ سان ملايو ويو آهي. ٻنهي جي وچ مان جهاز پهرين وانگر لنگهندا رهن ٿا، جو سرنگهه سمنڊ جي تري کان به ڪافي هيٺ آهي.
زئنزيبار ۾ ٻه ٽي ڏينهن رهڻ بعد خبر پئي ته هيءَ زئنزيبار جي ايسٽيلا (Estella) مارڪيٽ – يعني دارا جاني مارڪيٽ واري هي انگريز مائي هن هانگ ڪانگ واري گورنر ”سر مئٿيو ناٿن“ جي ڀيڻ نه پر هڪ ٻئي انگريز مئٿيو جي ڀيڻ هئي جنهن جو سڄو نالو Sir Lloyd William Mathews هو.
هي همراهه زئنزيبار جي سلطانن جي چڱو مٿي ۾ لڳي ويو هو. ظاهري طرح ته عوام ۽ دنيا کي اهو ئي ڏيک ڏياريو ويو ته زئنزيبار جي سلطانن جي مدد لاءِ سلطان پاڻ هن همراهه لاءِ انگريزن کي منٿ ميڙ ڪئي آهي پر اندروني طرح انگريزن سلطانن کي اک ڏيکاري ۽ مجبور ڪيو ته هن انگريز فوجي آفيسر کي پاڻ وٽ نوڪري ڏين. دراصل انگريز سياڻي جي جتي ڪٿي اها پاليسي رهي. ملڪ ۽ قوم تي يڪدم ۽ ڊئريڪٽ قبضو ڪرڻ بدران هنن ملائيشيا ۾ به ائين ڪيو. ملايا جي مختلف رياستن جي سلطانن کي مارڻ يا ڀڄائي ڪڍڻ بدران هنن کي اهو ئي چيو ته نه بابا هن ڌرتيءَ جا توهان ئي حاڪم ۽ سلطان آهيو. اسان جو انگريز ريزيڊنٽ توهان جي مدد لاءِ توهان وٽ صلاحڪار ٿي رهندو. ۽ پوءِ ان ريزيڊنٽ پنهنجي هڪ ٻن ٻين گورن نائبن ذريعي هر رياست جي ملئي سلطان ۽ ان جي ڪمن تي نظر رکي ٿي يعني جاسوسي ڪئي ٿي ته ڪٿي هو يا هن جي رعيت انگريزن جي خلاف ڪو سَٽل ته نٿي سَٽي. ساڳي وقت انگريزن جيڪي ڪجهه ڪرڻ چاهيو ٿي انجي لاءِ سلطان هنن کي پنهنجي پاران اهڙي طرح اجازت ڏني ٿي ڄڻ سلطان جي خوشي ۽ مدد لاءِ انگريزن تي ڪم رکيو ويو هجي ۽ هو ڪم (جنهن ۾ فائدو انگريزن جو هوندو هو، اهو) ڪري سلطان ۽ ان جي رياست جي ماڻهن تي ٿورو ڪري رهيا هجن. ان سسٽم ذريعي انگريزن ٿوري تعداد سان مقامي ماڻهن کي ڪنٽرول ۾ رکيو ٿي. ساڳي وقت هنن ٻه ٻيا به ڪم ڪيا ٿي. هنن مقامي ماڻهن اندر لساني، مذهبي يا قبيلائي بنيادن تي ٻه ٽولا ٺاهي اندروني طرح ٻنهي سان همدردي جتائي ٿي ۽ ٻنهي کي مالي مدد فراهم ڪئي ٿي. ڪنهن به وقت سلطان کي ڊئريڪٽ اک ڏيکارڻ بدران هنن عوام ۾ وڳوڙ پيدا ڪري سلطان جون وايون بتال ڪيون ٿي ۽ سلطان انگريزن کي منٿ ميڙ ڪئي ٿي جن وٽ جديد بندوقون، بم، بارود هئا. ساڳي وقت سلطان کي به اهو ميسيج ڏنو ٿي ته سڌو ٿي رهجانءِ نه ته توکي به چٽڻي ڪري ڇڏينداسين. ان کان علاوه انگريزن انهن سلطانن، حاڪمن، گادي نشين پيرن، نوابن کي ولايتي شراب ۽ ولايتي رنن جي سپلاءِ جا رستا کولي کين عياش، جگر ۽ جنسي بيمارين جو کوکو، ڪمزور ۽ کٽل بنايو ٿي. ايتري قدر جو هنن جا ماڻهو، مريد، پوئلڳ پنهنجي پير، نواب، حاڪم سان نفرت ڪرڻ لڳا ٿي. انگريزن اها ئي پاليسي ننڍي کنڊ ۾ به قائم رکي. سواءِ هڪ ٻن پير پاڳاري جهڙن جوڌن هنن کي اکيون ڏيکاريون باقي ٻيا نواب، پير انگريزن پويان پڇ لٽڪائي پئي هليا. 1857ع واري جنگ آزادي ۾ ڇا ايترا انگريز هئا جو مقامي آزادي جي متوالن جو مقابلو ڪري سگهن؟ پر پوءِ اسان جي ئي ننڍي کنڊ جي نوابن ۽ پيرن پنهنجا ماڻهو انگريزن جي مدد لاءِ دهليءَ موڪليا. ايتريقدر جو ملتان کان به هڪ پير موڪليا جنهن جي بدلي ۾ انگريزن هن کي ڍائي ڇڏيو. اڄ ان پير جا پڙپوٽا مسلمانن ۽ هن ملڪ جا وڏا همدرد ۽ حاڪم ٿيو پيا هلن. نالن لکڻ جي ضرورت نٿو سمجهان. هر ڪو چار اکر پڙهيل آهي، تاريخ پڙهي سگهي ٿو. حامد مير جهڙن ڪيترن صحافين به ان جو تفصيلي احوال جنگ اخبار ۾ لکيو آهي.
بهرحال انگريزن جي اسان سان ڪهڙي همدردي! هنن کي ته ٿيو دنيا تي قبضو ڪري پنهنجي ملڪ ۽ قوم کي خوش حال بڻائڻو. زئنزيبار جي سلطانن جي هٿن ۾ زئنزيبار وارا ٻيٽ ۽ سامهون واري آفريڪا کنڊجي ڌرتي جي اوڀر ڪناري جا به ڪجهه علائقا هئا – يعني اڄ واري ڪينيا، تنزانيا، سوماليا جا ڪجهه حصا – انهن کان پري انگريزن ۽ جرمنن آفريڪي کنڊجي بندر بانٽ ڪري رکي هئي. موقعو ۽ مهل ڏسي انهن پنهنجي طاقت جي زور تي هنن سلطانن جي حصي جي ڌرتيءَ تي به پئي قبضو وڌايو. ظاهر آهي ٻنهي يورپي قومن وٽ ماڊرن بندوقون ۽ بارود هئا، جن سان هو سڄا شهر تباهه ڪري سگهيا ٿي. ان کان علاوه ٻنهي يورپي قومن کي گن بوٽون ۽ جنگي جهاز هئا، جيڪي زئنزيبار چئنل ۾ هر وقت بيٺا رهيا ٿي. هوڏانهن اصل حاڪمن (سلطانن) وٽ پئسو ۽ مال ملڪيت ته جام هو، جيڪو هنن آفريڪا جي شيدين کي ڦاسائي، وڪرو ڪري خوب ٺاهيو هو پر هنن وٽ پنهنجي بچاءُ لاءِ ڪا انڌي منڊي جنگي ٻيڙي به نه هئي، جنهن تي ڊزن کن بندوقون فٽ هجن. هنن جو سڄو زور محل محلاتون ٺهرائڻ، حرم وڌائڻ ۽ ٻي عياشيءَ پويان هو. ان کان علاوه هنن وٽ پنهنجي حقدار ڀاءُ، سوٽ، يا چاچي کي تخت تي نه ويهڻ ۽ پاڻ کي تخت و تاج جو مالڪ بڻائڻ لاءِ محلاتي سازشون هيون. هنن جي ويڙه جي فيصلن لاءِ هو انگريزن وٽ ڀڳا ٿي. جيئن سلطان خالد بن برغش زوريءَ تخت تي ويٺو ته حقدار جي شڪايت تي انگريزن جي ٽن گن بوٽن ذريعي ان سلطان جي محل کي ڊاهي کيس ڀڄائي ڪڍيو. پوءِ جنهن کي انگريزن سلطان بڻايو اهو انگريزن جي سڄي عمر ”جي حضوري“ ڪندو رهيو. ۽ هو، جيڪو تخت ڇڏي ڀڳو اهو وري وڃي جرمنن جي قدمن ۾ ڪريو، جن هن کي پنهنجي زئنزيبار ۾ موجود جرمن قونصل خاني ۾ لڪائي رکيو، جتان پوءِ هن کي آفريڪا کنڊ ڏي موڪليو. يعني اها ئي ڪهاڻي اسان جي مغل بادشاهن، عباسي خليفن، سلطنت عثمانيه جي سلطانن، ايراني شاهن ۽ ٻين حاڪمن جي آهي، جن پنهنجي عوام کي غريب ۽ بکيو رکي پنهنجي لاءِ مال ملڪيت ۽ سون چاندي ته خوب ميڙيو پر پنهنجي بچاءُ لاءِ ڪجهه ماڊرن هٿيار يا منظم فوج نه ٺاهي، جيڪا سندن بچاءُ ڪري سگهي. ٻي ڳالهه ته پنهنجي خاندان جا جهيڙا پاڻ ۾ نبيرڻ بدران هو يورپي قومن وٽ پهچي ويا ٿي. ڪانگ کي لڙ ۾ مزو. هو ته ان ڳالهه جي انتظار ۾ رهيا ٿي جيئن ڪنهن هڪ کي کٽائي فائدو حاصل ڪجي ۽ اسان جي حاڪمن هنن جي مدد جي بدلي ۾ نه رڳو سون چاندي پر پنهنجي ڌرتيءَ جو حصو به ڏئي ڇڏيو ٿي. جيئن ڏسو برونائي جو تخت حاصل ڪرڻ جي بدلي ۾ هنن هڪ انگريز جهازران فوجيءَ کي سڄي ”سراواڪ رياست“ گفٽ ۾ ڏئي ڇڏي. نه فقط ايترو پر هن کي ”راجا“ جو به خطاب ڏنو. ان بعد هو پاڻ ۽ بعد ۾ هن جا ڀائيٽيا ڀاڻيجا جيڪي بعد ۾ سراواڪ جا حاڪم ٿيا پاڻ کي “White Raja of Sarwak” سڏائڻ لڳا. انهن جو تفصيلي احوال مون پنهنجي تازي ڪتاب ”وري ياد آيا“ ۾ ”سرواڪ جو سفيد راجا“ جي عنوان سان ڏنو آهي.
سر لائيڊ مئٿيو برطانيا جي رايل نيويءَ ۾ نيول آفيسر هو. اوڀر آفريڪا ۾ اتي جي شيدين کي غلام طور وڪڻڻ جو واپار اوج تي هو. انگريز سرڪار مئٿيو کي ان واپار کي ختم ڪرڻ لاءِ 1874ع ۾ ايسٽ آفريڪا ۾ مقرر ڪيو، جيئن هو جنگي جهاز ۽ گن بوٽن ذريعي ممباسا، ميلندي، زئنزيبار، دارالسلام، ڪِلوا، ويندي مافيا ٻيٽن تائين نظر رکي، جو آفريڪا جي اندروني حصن مان جن شيدي مردن توڙي عورتن ۽ ٻارن کي ماري ڪٽي، بيهوش ڪري يا انهن جي وڏيرن، قبيلائي سردارن کي پئسا يا تحفا ڏئي غلام خريد ڪيا ويا ٿي، انهن کي زنجيرن ۾ جڪڙي آفريڪا جي سامونڊي ڪناري وارن مٿين شهرن ۾ پهچايو ويو ٿي. اتان پوءِ عرب اسٽائيل جي ٽڪنڊي سڙهن وارين ٻيڙين ذريعي زئنزيبار ٻيٽ تي ”اسٽون ٽائون“ شهر ۾ پهچايو ويو ٿي جيڪو غلامن جي وڪري جي وڏي منڊي هئي. سلطانن ۽ امير عرب، ايراني ۽ انڊين جا محل محلاتون، بنگلا، مسجد، مندر به اتي هئا. انگريز جي ان ڪم تي انهن کي اسان جي دل ڪريڊٽ ڏيڻ چاهي ٿي، جو هنن اوڻهين صديءَ جي اڌ کان وٺي جتي جتي هنن جي هلي ٿي، هنن غلامن جي واپار ۽ غلامن کي رکڻ لاءِ ناپسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو. 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ بعد سنڌ ۾ به هنن غلامن جي وڪري تي يڪدم پابندي وڌي ۽ جن جن ميرن پيرن، جاگيردارن، سردارن نوابن وٽ غلام هئا انهن کي آزاد ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا.
آفريڪا پاسي به خاص ڪري زئنزيبار ڏي جتان هند، سنڌ، ايران، عربستان ۽ ترڪيءَ ڏي غلام سپلاءِ ٿيا ٿي، اتي پهرين اتي جي سلطانن، حاڪمن سان معاهدا ڪري، انهن کي ان ڪاروبار لاءِ روڪيائون. ان تي به باز نه آيا ته پوءِ انگريزن پنهنجي جنگي ٻيڙين (Gun Boats) ۽ نيول جهازن ذريعي زئنزيبار جي چوڌاري ۽ آفريڪا جي سڄي اوڀر ڪناري، سوماليه کان موزمبق تائين پهرو لڳرايو ۽ جتي جتي هنن کي ڪا ڌائو (ٻيڙي) غلامن کي ڍوئيندي نظر آئي ٿي ته ان کي جهلي غلامن کي آزاد ڪيو ٿي، جيئن هو جنهن جو اولاد آهن يا جن جا ڀائر ۽ پيئرآهن، انهن سان واپس وڃي ملن. غلامن جي ان ڪاروبار کي بند ڪرڻ يا دلشڪستو ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه هو. اهو سڄو ڪاروبار اسان جي سلطانن ۽ عرب واپارين ڪيو ٿي ۽ هنن کي ان ڪاروبار مان پئسو ڪمائڻ جي اهڙي چوس پيدا ٿي چڪي هئي، جو جهلڻ تي وت آهر انگريزن جي بندوقن ۽ جنگي ٻيڙين جو به مقابلو ڪيو ٿي ۽ ان روڪ ٿام ۾ ڪيترائي انگريز سپاهي ۽ هڪ ته وڏي جهاز جو ڪئپٽن غلامن جو وڪرو ڪندڙن ماري رکيو هو. پر انگريز به ان تي پختا هئا ته انسان ذات تي ٿيندڙ هن ظلم کي بند ڪرايو وڃي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته 1493ع ڌاري آمريڪا کنڊ جي ايجاد ۽ ان تي قبضو ڪري پوک جهڙن ڪمن لاءِ يورپين کي مزورن جي ضرورت پئي ٿي (جيڪي هارپو ۽ ٻيا پورهيا ڪن) ۽ پورچوگالي پهريان يورپي هئا، جن آفريڪا جي اولهه واري ڪناري تان ”شيدي“ غلامن طور خريد ڪري آمريڪا آندا. پر ڏٺو وڃي ته اسان واري پاسي يعني هندي وڏي سمنڊ تي هي ڪم ان کان اڳ کان عرب مسلمانن وڏي زور شور سان پئي هلايو ۽ غلامن کي اوسي پاسي جي ملڪن ڏي وڪري لاءِ موڪليو. اوڀر آفريڪا پاسي جا زئنزيبار مان موڪليل غلام خاص ٽن ڪمن لاءِ استعمال ٿيا ٿي. هڪ ته اتي زئنزيبار ۽ ممباسا، دارالسلام پاسي ئي لونگن، دال چيني، کوپري ۽ ٻين مصالحن جي پوک لاءِ، ٻيو انڊيا، ترڪي ۽ عرب دنيا ۾ رئيسن، سلطانن، نوابن جي محلاتن۾ هنن کي کدڙو ڪري حرم جي سارسنڀال ۽ نظرداريءَ لاءِ رکيو ويو ٿي، ان کان علاوه ٽيون جتي ڪٿي Sex طور به خريدا ويا ٿي. پوءِ ڪن خريدارن انهن کي ٻانهيون ڪري رکيو ٿي ته ڪن ڪنيزائون ۽ زالون به ڪري رکيو. ويندي زئنزيبار جو پهريون سلطان ماجد بن سعيد جي والد سعيد بن سلطان جيڪو عمان ۽ زئنزيبار گڏيل ملڪن جو آخري سلطان هو، ان وٽ به هڪ اٿوپين ڪنيز هئي. موراڪو جو سلطان جنهن کي دنيا ۾ سڀ کان گهڻا ٻار ٿيا، ان جي ماءُ به هڪ حبشڻ غلام هئي. جنهن بابت آئون پنهنجي ڪتاب ”دنيا رنگ رنگيلي“ ۾ تفصيل سان لکي چڪوآهيان.
بهرحال 1860ع واري ڏهاڪي ۾ انگريزن جي رايل نيويءَ اوڀر آفريڪا ۾ هلندڙ غلامن جي واپار کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ پڪو عزم ڪيو، جيڪو زئنزيبار مان هلايو ويو ٿي. هِتان هُتان کان شيدي ڦاسائي عرب ۽ ايراني غلامن جا واپاري زئنزيبار پهتا ٿي، جتي خريدار سون ۽ چانديءَ جي سڪن سان ٿيلهيون ڀري پهتا ٿي. اسٽون ٽائون ۾ جتي عيسائين جو گرجا گهر (The Anglican Cathedral Church of Christ) آهي ان هنڌ تي ڦاسايل شيدين کي خريدارن اڳيان اگهاڙو ڪري ائين نيلام ڪيو ويو ٿي، ڄڻ اهي انسان نه پر وهٽ هجن. وڏو واڪ ڏيڻ واري حوالي اهو شيدي مرد، عورت يا ٻار ڪيو ويو ٿي ۽ پوءِ هر هڪ خريدار پنهنجا خريد ڪيل غلام ڌئو ٻيڙين ۾ سٿي انڊيا، عمان، ترڪي، ايران يا ٻي ڪنهن ملڪ جتان کين سٺي اگهه جي آفر ٿي ٿي، اوڏانهن موڪليا ٿي. رستي تي طوفان يا خراب سمنڊ ملڻ تي سٿيلن ٻيڙين کي بچائڻ ۽ انهن جي Stability صحيح ڪرڻ لاءِ ڪجهه غلامن کي سمنڊ ۾ اڇلايو پڻ ويو ٿي – خاص ڪري انهن کي جيڪي ڪمزور ۽ گهٽ اگهه تي خريد ڪيل هوندا هئا يا رستي تي سامونڊي سفر دوران بيمار ٿي پيا ٿي ۽ جن جي بچڻ جي اميد گهٽ هئي، انهن کي سمنڊ اندر اُڇلايو ويو ٿي. هر سال زئنزيبار ۾ ويهه هزار غلامن جو وڪرو ٿيو ٿي، جن مان نه رڳو وڪڻڻ ۽ خريد ڪرڻ وارن ڪمايو ٿي پر زئنزيبار جي سلطان ۽ ان جي اهلڪارن کي به هر غلام تي ڪميشن ملي ٿي.
1874ع ۾ سر لائيڊ مئٿيو کي هڪ فوجي آفيسر طور آفريڪا جي اوڀر ڪناري جي سنڀال لاءِ موڪليو ويو پر ان کان سال اڳ 1873ع ۾ سر بارٽل فريئر کي غلامن جي واپار کي روڪڻ لاءِ هڪ ڊپلومئٽ جي حيثيت ۾ زئنزيبار موڪليو ويو هو. هي اهو ئي سر بارٽل فريئر آهي، جيڪو سنڌ ۾ ڪمشنر رهي ويو هو ۽ هن سنڌي ٻوليءَ کي اڄوڪي لکڻي ڏياري. هو پاڻ به سنڌي سکي آيو هو ۽ سنڌ ۾ نوڪري لاءِ ايندڙ هر انڊين توڙي انگريز آفيسر لاءِ سنڌي سکڻ ۽ ان جو امتحان ڏيڻ لازمي قرار ڏنو هو.
هن زئنزيبار جي ان وقت جي سلطان برغش بن سعيد کي سمجهايو ته هن غلامن جي وڪري تي پابندي واري معاهدي تي صحيح ڪئي آهي، ان ڪري نه فقط هو پاڻ پر پنهنجي ملڪ ۾ رهندڙ واپارين کي ان تجارت جي منع ڪري. پر سلطان برغش بن سعيد ان تي عمل نه ڪيو. ان بعد سر بارٽل فريئر سلطان کي دڙڪو ڏياريو ته هاڻ جي اهو ڌنڌو بند نه ڪندين ته رايل نيوي تنهنجي زئنزيبار جي ٻيٽ (انگوجا) کي بلاڪ ڪري ڇڏيندي پوءِ نه ڪو هتان نڪري سگهندو نه وڃي سگهندو. ان دوران سر بارٽل فريئر جي انگلنڊ لکپڙهه تي هي فوجي مئٿيو جيڪو پوءِ برگيڊيئر جنرل ٿيو، غلامن جي وڪري جي روڪٿام لاءِ انگلينڊ کان پهچي ويو ۽ انهن ٻيڙين جي وٺ پڪڙ شروع ڪري ڏني، جن تي غلام زئنزيبار آندا ويا ٿي يا وڪري بعد انڊيا، عربستان وغيره ڏي روانا ٿيا ٿي.
سلطان برغش ڊڄي ويو ۽ زئنزيبار جي ان ٻيٽ انگوجا تي جتي پاڻ رهيل هو غلامن جو وڪرو بند ڪرائي زئنزيبار جي ڀر واري ٻئي ٻيٽ پيمبا تي اهو ڌنڌو جاري رکيائين. ان وقت زئنزيبار چئنل ۾ بيٺل جهازن ۾ HMS London سڀني ۾ وڏو هو. سر مئٿيوءَ ان جهاز کي آڻي پيمبا بندرگاهه ۾ لنگر انداز ڪيو ته هاڻ ڏسان ته غلامن جي وڪري لاءِ ڪير سوداگر شيدي آڻي ٿو يا ٻاهر وٺي وڃي ٿو. انکان علاوه انگريزن زئنزيبار جي وڏي ٻيٽ انگوجا ڀرسان ٻن ننڍن ٻيٽن: فِنزي ۽ مثاليءَ تي زوريءَ قبضو ڪري انهن تي نيول بيس ٺاهيا، جتان هِن علائقي جي نظرداري ڪندا رهيا، جيسين 1890ع ۾ غلامن جي وڪري جو ڪم مڪمل طور ختم ٿيو. ان کان پوءِ مثالي ٻيٽ کي مئرين پارڪ ٺاهيو ويو، جنهن کي ڏسڻ لاءِ اڄ به دنيا جا ٽوئرسٽ اچن ٿا. ان کان علاوه سلطان کي چئي سر لائيڊ مئٿيو کي پڪي نوڪري وٺرائي ڏني وئي ته هو سلطانن جي بچاءَ لاءِ هڪ انگريز نموني جي فوج ٺاهي، جيڪا جرمنن جي وڌڻ کي به روڪي، جيڪي ٽانگانيڪا ملڪ جي ڳپل حصي تي قبضو ڪري ويا هئا. مئٿيو جي زئنزيبار ۾ اهڙي ته پڪي ۽ اهم نوڪري ٿي وئي جو هو Strong man of Zanzibar سڏجڻ لڳو هو. هو واقعي پاڻ لاءِ اهو چئي سگهيو ٿي ته I am the State (آئون ئي رياست آهيان.)
سر بارٽل فريئر جي ته پوءِ بدلي ٿي وئي پر سر مئٿيو 1889ع تائين غلامن جي وڪري تي مڪمل طور بندش ڪرائي ان وقت جي سلطان خليفه بن سعيد کي چيو ته هو ڊڪري ڪڍي ته جتي جتي هُن جي حڪومت آهي، اتي اتي جي ڪڏهن ڪنهن وٽ غلام آهي ته هو ان کي به آزاد ڪري ڇڏي.
1901ع ۾ مئٿيو مليريا وگهي گذاري ويو. سندس قبر زئنزيبار جي گورا قبرستان British Cemetery ۾ آهي. سندس گهر پڻ هتي اسٽون ٽائون جي اولهه واري ڪنڊ تي سندس نالي يادگار طور قائم رکيو ويو آهي. زئنزيبار جو هڪ ٻيو ننڍڙو ٻيٽ چانگو جتي مئٿيوءَ جيل ٺهرايو هو، اتي جي هڪ هوٽل جو نالو پڻ سندس مانَ ۾ ”مئٿيو ريسٽورنٽ“ رکيل آهي. سو توهان کي هنن مان ڪابه شيءِ نظر اچي ته سمجهي وڃجو ته اهو مئٿيو ڪير آهي ۽ اسانجي ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ جهڙي زئنزيبار جي ايسٽيلا مارڪيٽ مان انناس، ناريل يا مڇي وٺڻي پوي ته سمجهي وڃجو ته ان مارڪيٽ جي نالي واري ايسٽيلا ڪنهن داداگير رايل نيول آفيسر جي ڀيڻ هئي، جنهن جو نالو مئٿيو هو ۽ جيڪو مليريا وگهي مري ويو.