بلاگ

داستانِ گل (داستان پنجون)

”قصو انگريزي ڊپارٽمينٽ ۾ وڃڻ جو“ مان اقتباس

چيو مانس ته، ”رسول بخش بلوچ جي ڪمري ۾ ڪا ميٽنگ رکي اٿئون، ڇاڪاڻ ته هن کي صدارتي اليڪشن ۾ بيهڻو آهي ۽ ان لاءِ آئين ۽ منشور کي به ڊرافٽ ڪرڻو آهي“

منهنجي هٿ  ۾ اتفاق سان پي پي پي جو بنيادي آئيني دستاويز ڏسي ڏاڍي ڪاوڙ لڳس ۽ چيائين ته ”اسان واري اسلامي همراهه رسول بخش کي ”سُرخو“ پيا بنايو ڇا؟“

چيو مانس ته ”سائين پي پي پي وارا ته دراصل پاڻ ئي ”ٽه رنگا“ لڳا پيا آهن. رسول بخش وري ڪيئن رنگ مٽائيندو؟“

انهيءَ هلڪي ڦلڪي طنزيه گفتگوءَ ۾ هن جي نظر هاسٽل تي لڳل هڪ ڪاري جهنڊي تي وڃي کُتي، يڪدم ڇرڪ ڀري رڙ ڪري پڇيائين ته ”مَن هَي وري ڇا آ؟“

يوسف پٺاڻ جلد يونيورسٽيءَ جي ليڪچرر شپ ڇڏي، بلوچستان ۾ پي سي ايس امتحان پاس ڪري اتي بلوچستان ۾ ”اي سي“، ”ڊي سي“ ۽ ”ڊائريڪٽر جنرل ۽ سيڪريٽري کاڌ خوراڪ کاتو ٿي رهيو ۽ آخر ۾ ”سيڪريٽريءَ“ جي عهدي تي نوڪريءَ جي عُروج دوران اوچتو دل جي دوري سبب گذاري ويو. سندس نوڪريءَ جي هاڪ اسان وٽ هت، سنڌ ۾ غير مثبت ۽ منفي انداز ۾ ايندي هئي. سندس نوڪري ڪرڻ جو اسٽائيل عام روايتي ڪاموري جيان گهڻو ڪري عيش طلب ۽ خود پرست رهيو. جوانيءَ ۾ حياتيءَ گذارڻ وارا طور طريقا، ڪٽَر دل آزاريندڙ، طنز ۽ تِشني واري ٽوڪ بازي ۽ ڏيکاءَ واري پاڪ بازي ۽ لٻاڙ مان مٽجي طائوس ۽ رباب جا داستان وارا ٿي ويا. اهو ٻڌي مان حيران ٿي ويندو هوس. اهڙا ٻيا به گهڻا پراڻا اسلام پسند يونيورسٽيءَ جا همعصر ياد اچن ٿا، جن نوڪريءَ ۾ اچي پنهنجا بظاهر اسلام پرستي وارا وچن ۽ واعدا وساري، تماشبينيءَ جا بين الاقوامي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا.