بلاگنئون

ڪائنات زندگي ۽ انسان

سائنس جي ڄاڻ اڄ جي دور ۾ هر انسان جي ضروت بڻجي وئي آهي. سائنس سيکاري ٿي اسانکي ڪائنات جون پُراسرار حقيقتون ۽ نروار ڪري ٿي پُر اسرار صداقتن کي، جيڪي هن ڪائنات ۾ لڪيل آهن ڪيترن ئي جُڳن کان. اسين شعور وند يا لاشعور وند سڀئي سائنس جي اڳيان مجبور ۽ بيوس بڻيل آهيون. سائنس کي اسين هر صورت ۾ رد نٿا ڪري سگھون. سائنسي سوچ اسان جي راهن کي آسان بڻائي ٿي ڇڏي.

جڏھن اسين سائنس جي ڳوڙهن، پيچيده ۽ حيرت انگيز دريافتن کي پروڙڻ جي جستجو ڪندا آهيون. ته، يقينن اسان کي شروع ۾ ڪجھ اهڙن ڪتابن سان ملاقات ڪرڻي پوي ٿي، جيڪي اسان لاءِ سولا، سھنجا ۽ آسان هوندا آهن. اهڙي ريت مون به سائنس کي سمجھڻ خاطر جنھن ڪتاب جو انتخاب ڪيو آهي. اُھو آهي، ڊاڪٽر سڪندر مغل صاحب جو هڪ عاليشان ۽ سائنسي مضمونن تي مشتمل ڪتاب “ڪائنات زندگي ۽ انسان” هي ڪتاب ڪنول پبليڪشن حيدرآباد جي اداري پاران ڇپجي نروار ٿيو آهي. ليکڪ اِهو واضح ڪيو آهي ته هِن هي ڪتاب ڪرونا وبا جي دوران لکيو آهي، يعني جنوري 2022ع ۾.

ڊاڪٽر صاحب هي ڪتاب ارپيو آهي، آمريڪا جي طبيعتدان سائنسدان مچيو ڪاڪو(Michio Kaku)  کي، جيڪو علم طبعيات ۾ نيون تحقيقون ڪري رهيو آهي.

هي ڪتاب “ڪائنات زندگي ۽ انسان” ستن بابن تي مشتمل آهي. هر باب ڄاڻ جو خزانو بڻيل آهي ۽ هر باب کي پڙهي انسان پنھنجي اردگرد جي شين جي هجڻ جو سبب سمجھي سگھي ٿو. باب ڪجھ هن طرح درج ٿيل آهن:

  1. ڪائنات جي ابتدا.

  2. اسان جي ڌرتي.

  3. زندگي.

  4. انساني دماغ.

  5. انساني شعور ڇا آهي؟

  6. تجريدي سوچ ۽ منطق.

  7. ٻار جي ٻولي، شعور ۽ اوسر-انساني ارتقا جو عڪس.

ڪائنات جي ابتدا: ڪائناتي ابتدا جي حوالي سان کوڙ ساريون ڏند ڪٿائون پڙهيون آهن. ڪجھ هن ڪتاب ۾ به شامل آهن. مثلن: هي ڪائنات ڪنھن ديوتا ٺاهي آهي. ڪِن چيو: هي ڪائنات اٺن ديوتائن گڏجي ٺاهي آهي. ڪِن چيو: ڪجھ ديوتائن پنھنجي بوريت ختم ڪرڻ خاطر ڪائنات کي تخليق ڏني آهي، پر ليکڪ چئي ٿو: ڪائناتي ابتدا جي باري ۾ اڃا ڪو به نٿو ڄاڻي ڇاڪاڻ جو اسٽيفن هاڪينگ جو “مھا ڌماڪو” وارو نظريو به ڪائناتي ابتدا جي آخري حد ڪونھي. ڇو ته ڪئانٽم خال(Quantum vacuum)  وارو نظريو چئي ٿو. ڪائي به شيءِ خال بڻيل ڪونھي. اها خالي مواد کان ڀريل هوندي آهي. مثلن: آواز هڪ فورس آهي، هڪ زور آهي، توانائي آهي. بمطابق آئن اسٽائن جي نظريي E=cm2 توانائي ڪڏهن به ختم نٿي ٿي سگهي.

تنھن ڪري خود بگ بينگ ڪنھن توانائي جو نتيجو آهي، پر جنھن حساب سان ليکڪ ڪائنات جي ابتدا کي بيان ڪري ٿو سي پڙهڻ سان ڪيترائي سوال هل ٿي وڃن ٿا ۽ ڪيترائي سوال جنم وٺن ٿا.

اسان جي ڌرتي، ڪائنات جي ڀيٽ ۾ ناچيز، خصيص ۽ مٽيءَ جي ذرڙي جي برابر به ڪونھي، پر، سائنسي غير معمولي ڳولھا کانپوءِ انھن ئي سائنسدانن ۽ خُود سائنس جي مطابق هي واحد گولو آهي، جتي زندگي موجود آهي. هيل تائين ڪٿي به اهڙو ماحول نه لڀي سگھيو آهي، جتي زندگي موجود هجي. سائنسي علم پٽاندر هن (ڌرتيءَ) جي عمر چار ارب سال آهي. هيءَ ڌرتي ڪائنات جو تمام مختصر حصو هجڻ جي باوجود به تقريبن ست ارب انسانن جو گھر آهي. اسانجي ڌرتي اصل روپ ۾ ڪارو پٿر جيان آهي. هن وٽ ذاتي روشني ڪونھي. ڊاڪٽر صاحب ڪتاب کي اهڙن حيرت انگيز حقيقتن کان ٽٻٽار ڪري ڇڏيو آهي. جيڪي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿيون.

ڌرتيءَ سان گڏ يا ڌرتي جھڙا ڪيترائي سيارا هن ڪائنات ۾ گردش ڪري رهيا آهن. هر سيارو ڪشش سڪل Gravity جو مريض بڻيل آهي. جيڪي سيارا اهڙي مرض کان آجو ٿين ٿا سي پنهنجي اصل روپ کي وڃائي ويهن ٿا. ڪششِ سڪل کان نه اسين آجو آهيون نه وري ڪائنات ۾ ڪا ٻي شيءِ! سج ۽ سج سان گڏ ٻيا الائي ڪيترائي سج ڪششِ سڪل ۾ جُڳن کان طواف ڪري رهيا آهن.

سيارن جي مٿان شيون پکين وانگر اڏرنديون آهن. ان اڏام جو سبب ڪششِ ثقل آهي. وزن ڌار سيارا ڪششِ ثقل سبب پنھنجي مٿاڇري کي لساSmoothie  بڻائي ڇڏيندا آهن. پنھنجي ڌرتي اهڙي نھوڙيندڙ عمل جي سبب پنهنجي پاڻ کي سنوا سڌي بڻائي وئي آهي.

روشنائي ترڪيبPhotosynthesis  اسان جي زندگيءَ کي اڳتي وڌائڻ جو باڪمال ذريعن منجھان هڪ اهم ذريعو آهي. هي سج کان ايندڙ روشنين جو مرڪب آهي. اسين روشنيءَ کي کائي ته نٿا سگھون، پر روشنيءَ کان بغير کائڻ جون شيون ڪٿي به وصول يا اپائي نٿا سگھون. تنھنڪري فوٽو سينٿسز وڌيڪ اهميت رکي ٿي زندگيءَ جي ٻوٽي کي ٻارڻ لاءِ. ڪتاب ۾ اهڙو مضمون پڙھي کن لاءِ ويچار جي ته پاڻ ڪيئن نه ڪائنات سان جڙيل آھيون. ڪائنات جي هر شيءِ ڳانڍاپيل آهي. ڳانڍاپو اسان جي مشطراڪيت آهي.

ڪلوروفلChlorophyll  هڪ قسم جو مادو آهي. جيڪو ڌرتيءَ تي موجود آهي ۽ سج جي روشنيءَ کي جذب ڪندو آهي. ڪلوروفل کي 1960ع ۾ ليبارٽريءَ ۾ ٺاهيو ويو. ان کي جوڙڻ ۾ سائنسدانن کي ڪيترائي ڪيميائي ڏاڪا عبور ڪرڻا پيا. هن جي ذريعي اسين اهڙيون ڪيميائي دوائون تشڪيل ڪري سگھون ٿا. جيڪي اسان جي ٻوٽن کي سج جي روشني جيان واڌو روشني فراهم ڪري سگھن. انھيءَ سان اسين کاڌي جي کوٽ کي ختم ڪري سگھون ٿا. ڪلوروفل ڪارائتو ڪيميل آهي.

ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ ايئن محسوس ٿئي ٿو. ڄڻ اسان جي ڄاڻ اڃان جنميو به ڪونھي. اسين ڪيڏا اڻ ڄاڻ آهيون جو اڃان تائين اسان کي ڊي اين اي جي متعلق به ڪا پڪي خبر، رپورٽ ڪونھي. هن ڪتاب پڙهڻ دوران پنھنجي لاعلميءَ جو بي حد احساس ٿيندو آهي. پاڻ کي نابالغ سمجھندا آهيون.

زندگي، ڪيمسٽري جي مطابق زندگيءَ جو سرڪل هينئن آهي:

C6H12O6+6O2<>6CO2+6H2O

ها، اسين مڃون ٿا ته، زندگيءَ جو علم بايولاجيءَ وٽ آهي، پر، بايولاجيءَ کي اِها ذميواري ڪيميسٽريءَ ڏني آهي.

مٿين ڪيميڪل اکرن جو جوڙ هينئن آهي:

گلوڪوز+آڪسيجن<>ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ+ پاڻي+ توانائي. دوستو، اھڙي سرشٽي کي ڏسي کن لاءِ لڳندو آهي ته، زندگي ڪائنات جي سپريم بروڊڪشن آهي. زندگي صرف چرپچر جو نالو ڪونھي. زندگي بيڪٽريا ۽ جيو گهرڙن جو مھا ڪرتب آهي. جنھن کي اسين گذاري رهيا آهيون. هن باب کي سمجھڻ خاطر مون لامحدود ڪوشش ڪئي، پر، آئون پنھنجي محدود علم سبب مڪمل طور پروڙي ناهيان سگھيو.

انساني شعور، اصل ۾ انساني دماغ آهي. شعور خود دماغ جي پئدائش آهي. دماغ اسان جو اهو عضوو آهي، جنھن جي آڌار تي اسين ڏاھپ کان ٽمٽار جيوَ بڻيان آهيون. مذهبي نظريي مطابق به اسين پنهنجي دماغ جي سبب يعني سوچڻ ۽ ويچارڻ جي ڪري “اشرف المخلوقات” آهيون. ڪجھ فيلسوفن جو چوڻ آهي ته ذهن يا شعور روح آهي. روحاني علم شعور ۽ ڏاهپ سان ملندو آهي. اصل ۾ ايندڙ وقت جي بابت صحيح سوچڻ ئي روحاني علم يا عقل ڏاهپ آهي. روح جو ڪو به وجود ڪونھي! روح ذهن ۾ موجود شعور آهي ۽ موت وقت ذهن فوت ٿيندو آهي ۽ ڪنھن الھامي علم موجب روح پرواز ڪندو آهي.

انسان يا انساني دماغ (شعور) ارتقا جي زلزلن کي اورانگھي هن حد تي پهتو آهي، نه ته هي به هڪ جانور آهي.

Homo sapiens لفظ اسان ڪيترائي ڀيرا ٻڌو ۽ هن ڪتاب ۾ پڻ درج ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ جيئن مون پڙهيو ته هن جو مطلب آهي “ڪرنگھي ڌار جانور” انسان ڪرنگھي ڌار جانور ۽ هڪ کان وڌيڪ جيو گهرڙن جو جانور آهي. ڪرنگھي وارن جانورن منجھان به هن جو تعلقPrimates  جانورن سان آهي، جنھن ۾ انسانن کان سواءِ باندر شامل آهن.

انسان ڪجھ بناوتي سببن جي ڪري ڏاهپ واري گوءِ کٽي ويو آهي. جيئن ٻين آڱرين کي ڇهندڙ آڱوٺو، جيڪو ٻين جانورن ۾ ڪونھي. ٽن طرفن واري ديد 3D eyes.  ٻولي ڳالھائڻ واري ڏات. ٻھ پير تي سڌو ٿي هلڻ سندس عقل، شعور جون نشانيون آهن جيڪي ٻين جانورن ۾ نٿيون ملن.

اسان جي ٻولي، شعور، اوسر ۽ اسان جي ارتقا:

هي آخري باب جا حصا آهن. آئون اگر ڪتاب کي مڪمل طور تبصري هيٺ آڻيان ته يقينن آئون ٿڪيو پوندس، پر هن ڪتاب جون خاصيتون کُٽي نه سگهنديون. اها حقيقت آهي ته سائنس جيتري سمجھڻ ۾ اوکي ۽ اهنجي آهي اهڙي طرح بيان ڪرڻ ۾ به پُر تڪلف آهي. مون پنھنجي سمجھ جي آڌار تي جيڪي شيون سمجھي سگھيو آهيان. اُهي پنهنجي انداز سان بيان ڪري آيو باقي هن باب کي جيئن مون سمجھيو، آئون اوهان جي علم هيٺ آڻڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.  هن باب جي شروعات مشھور فيلسوف اينگلس جي چوڻي سان ٿي آهي. اينگلس چيو: ٻار جي ذهني نشو وَ نما مختصر انداز ۾ آبائو اجداد جي ذهني ارتقا کي دهرائڻ جي برابر آهي. اسان جو ذهن جڏهن ارتقا جو سفر طئي ڪري اڳتي وڌندو آهي ته هڪ نئين شيءِ کي ظهور ڪندو آهي. انھيءَ ظهور کي ذهني ارتقا چوڻ غلط ڪونھي. اسان جي ذهن جي ارتقا اسان کانپوءِ ايندڙ نسل واضح ۽ چٽو مثال آهي.

هن ڪتاب ۾ انساني ذهن جي قد بت جي ماپ ڪري بلڪل ڪنھن سرجن ڊاڪٽر جيان ذهن کي آپريشن ڪيو ويو آهي. انساني ذهن ڪيئن پنھنجي صلاحيت کي نروار ڪري ٿو ۽ ڪيئن ڏاڪي بائي ڏاڪي شين کي سڃاڻي وري انھن کي پنھنجي عمل هيٺ آڻين ٿو.

هي ڪتاب سائنس ۽ سائنسي علم جو ڀنڊار آهي. اهڙن ڪتابن کي پڙهي ليکڪ جو احسان مند ٿئجي ڇاڪاڻ جو هن نموني جا ڪتاب قومي شعور کي سجاڳ بڻائڻ ۾ همٿائي رهيا آهن.

آئون هن ڪتاب جي اثر هيٺ اچي وجودي بحران جو شڪار بڻيل آهيان. ڪيڏي وڏي ڪائنات، ڪيڏو وڏو جھان، ڪيڏي وڏي ڌرتي ۽ ڪائنات اڳيان خصيص، هن خصيص تي اربين انسان ۽ انسانن جا آدرش، آدرشن جي پٺيان ذهن، ذهنن ۾ وڳوڙ، صحيح غلط جي ويڙھ، ويڙھ ۾ رت ۽ رت ۾ ننڍا ننڍا سيل انھن سيلن جا مرڪب… واھ واھ، هن ڪتاب ۾ لڱ ٺاريندڙ ڄاڻ لڱ ڏڪائي ڇڏيا آهن. هر ترقي پسند دوست کي هن ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ گُهرجي، کيس وڏي ڄاڻ ملندي.

***