سنڌي ٻوليءَ جي ڇانوَ ۾… شوڪت لوهار
انسان جي عظيم حاصلات کان ٻولي به اهڙي هڪڙي عظيم حاصلات آهي جنهن لاءِ ٻيون يا ٽيون دليل نه آهي. ٻولي ئي اِها واحد خاصيت آهي جيڪا ماڻهوءَ کي هڪ وحشي کان جدا ڪري ٿي، ٻي صورت ۾ ماڻهو ۽ وحشي ۾ ڪوبه فرق نه هجي ها. ٻوليون عظيم ٿين ٿيون، ڇاڪاڻ ته اهي انسان ذات جي عظيم ورثي جون نشانبر آهن. حقيقت اِها آهي ته اِها ٻولي ئي آهي، جيڪا ماڻهوءَ جي حقيقي شناخت ٺاهي ٿي. عظيم ڏاهي استاد ارسطو چواڻي ته ماڻهو سماجي جانور آهي ۽ سماج کانسواءِ هو صرف جانور بڻجي رهجي ٿو وڃي. ڪنهن انسان کي هڪ اهڙي جاءِ ۾ رکي پالنا ڪئي وڃي، جتي هو ڪنهن به شيءِ جو آواز ٻڌي نه سگهي. هو پنهنجي سڀني صلاحيتن هوندي به ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ جي سگهه کان وانجهيل هوندو اهو ئي سبب آهي جيڪا ٻوليءَ جي اتم پڻي ۽ ان کي ممتاز بنائڻ لاءِ هڪ سگهارو دليل آهي. ٻولي ماڻهو جي جذبن، اخلاقي گهرجن ۽ ضرورتن جي ترجمان هوندي آهي. اها ٻولي ئي آهي جنهن ذريعي اسين پنهنجا جذبا، خيال ۽ احساس لفظن جي ناوَ ۾ رکي ٻئي پار ٻئي هنڌ پهچائيندا آهيون ۽ اڳئين ماڻهوءَ جو جواب ياFeedback اسان جي ڳالهه کي سمجهڻ جو سگهارو دليل هوندو آهي. ٻولي انسان جي خيالن جي پوشاڪ ٿئي ٿي. ٻوليءَ جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا.
جهڙوڪ:
(i) اظهار جي ٻولي Language of expression
(ii)اشارن واري ٻولي Gesture language
(iii) جسماني ٻولي Body language
(iv) لکت واري ٻولي Written language
(i)اظهار واري ٻولي: روئڻ، رڙڻ، دانهن ڪوڪ ڪرڻ، سڏ ڪرڻ، ڪو گيت ڳائڻ، ڪا شيءِ پڙهڻ، ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۽ انهيءَ ۾ لفظن جملن سٽاءُ رکڻ انهيءَ سڄي عمل ۾ جسم جي ٻين سڀني عضون سان گڏ زبان/ڄڀ جو استعمال ڪرڻ اهڙي عمل کي اظهار واري ٻولي چئبو آهي. ڪنهن به شيءِ کي اظهارڻ، بيان ڪرڻ پنهنجي سوچن کي زبان ذريعي ادا ڪرڻ کي اظهار واري بيان واري ٻولي چئبو آهي ۽ هي ٻولي جو اتم قسم آهي.
(ii) اشارن واري ٻولي:Gesture Language ڳالهائڻ مهل زبان/ڄڀ جو استعمال نه ڪرڻ هٿن جي اشارن سان پنهنجي پيغام/مقصد کي اظهارڻ جنهن ۾ هٿ جي اشارن، ٻانهن يا ٽنگ جي ڦيري وغيره کي ڪتب آڻڻ، آڱرين سان مخصوص اشارا ڪرڻ، ايئرپورٽ تي پنهنجي ساٿي ساٿياڻي کي الله نگهبان چوڻ، يعني هٿ لوڏڻ، ڪنهن کي سڏڻ مهل هٿ جي اشاري جو استعمال ڪرڻ، اهي سڀ اشارن واري ٻوليءَ جا مثال آهن. گرفتار ٿيل اڳواڻ، ساٿي جو ٻن آڱرين کيV جي شڪل ۾ ڏيکارڻ يعني ڪاميابي سوڀاري ٿيڻ جي اُميد ڏيکارڻ، سڀ اشارن واري ٻوليءَ جا قسم آهن.
اشارن واري ٻوليGesture language سان ئي سلهاڙيل هڪ قسم ٿئي ٿو جنهن کيPosture چئبو آهي. ڪنهن به شيءِ جو ساڪن يا بيٺلstill انداز ۾ ڪو بيان جنهن مان ڪا ڳالهه ڪو مقصد اخذ ڪري سگهجي. جيئن گوتم ٻڌ جي تصوير، علامه اقبال جي تصوير، جيئن مندر ۾ دعا گهرندڙ هڪ داسي يا روڊ تي هلندي مهل زيبرا ڪراسنگ جا نشان، بجلي جي ٿنڀ تي لٽڪيل ماڻهو جو ڍانچو اهي سڀposture ياemblems آهن ۽ اهي پڻ خاموش ٻوليءَ جو هڪ انداز آهن جن کي اسين “Non verbal” غير اظهارجندڙ پيغام پڻ چئي سگهون ٿا.
(iii) جسماني ٻولي: ٻوليءَ جو اهڙو اظهار جنهن ۾ اوهان جي ڄڀ خاموش ۽ هٿن جا اشارا به چپ، پر اوهان پنهنجي جسم ذريعي ڪو پيغام ڏيو تنهن کي جسماني ٻولي چئبو آهي. ناچ جهمر ان جو سڀ کان وڏو مثال آهي. انهيءَ کانسواءِ هڪ مايوس ماڻهو جي چهري جا تاثر، هڪ ڪامياب ماڻهوءَ جي جسم ۾ هڪ ڀرپور توانائي وغيره اسان ڏٺو آهي ته هڪ شرابي ماڻهو جو ڳالهائڻ مهل لڏڻ ۽ لمڻ اهي سڀ جسماني ٻوليءَ جا مثال آهن.
(iv) لکت واري ٻولي: لکڻيwriting ٻوليءَ جي حوالي سان انسان جي وڏي ڪاميابي آهي. انساني خيال، سوچون، اکرن ۽ لفظن جو ويس اوڍي جڏهن ڪنهن پني جي سيني تي رقص ڪرڻ لڳن ٿا ان وقت يقين ٿي وڃي ٿو ته انسان ٻوليءَ ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي. ٻيو حوالو اِهو آهي ته لکت واري ٻولي اصل ۾ هڪ وڏو رڪارڊ آهي، هڪ وڏوBack up آهي، جنهن ذريعي اسان پنهنجي ايندڙ وقت جي حڪمت عملي طئي ڪري سگهندا آهيون. لکت تي متضاد رايا آهن ته انسان لکت تائين ڪيئن پهتو. هڪ مفروضي مطابق خوف وچان آڳاٽي انسان خونخوار جانورن جون تصويرون چٽڻ شروع ڪيون ۽ ايئن انسان لکت ماڻي ورتي.
(v) پڪاسو رنگن کي هٿن تي ملي ڀت تي هڻندو هو ته دنيا جون شاهڪار تصويرون جڙي پونديون هيون، آهستي آهستي تهذيبون جڙيون سُميريا، عراق، بابل نينوا، مهر ڳڙهه سنڌو ماٿريIndus Valley اڄ تائين لنڊن جي مادام تسائو ميوزيم ۾ آڳاٽي زماني جون لکتون محفوظ پيون آهن، جيڪي انسان جي عظمت جو هڪ وڏو دليل آهن.
سنڌي ٻولي ٻين سڀني خوبصورتين سان گڏ پنهنجو پاڻ ۾ اهي گڻ اهي خوبيون رکي ٿي، جيڪي ڪنهن هڪ عظيم ٻولي ۾ ٿي سگهن ٿيون. ٻولي قوم جو هڪ وڏو اهڃاڻ هجي ٿي. قومن جو جياپو ٻولين جي زنده هجڻ تي هوندو جيڪڏهن ٻولي به ناهي ته انهيءَ قوم جي ڪهڙي اهميت سنڌي ثقافت پنج هزار سال پراڻي تهذيب جو پڙاڏو آهي ۽ ان کي پنهنجي هڪ ڊگهي تاريخ آهي. سنڌ پنهنجي ابتدا کان وٺي تمام گهڻي مزاحمت پئي ڪئي آهي. هر موڙ تي هر ماڳ تي ان کي دشمنن جو مقابلو ڪرڻو پئي پيو آهي.
ايڏي اهميت واري ٻولي هوندي به اڃان تائين سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو نه ڏنو ويو آهي. سنڌي ٻولي جنهن ۾ لاکيڻي لطيف جي لافاني لات آهي، لطيف جا ٽيهه ئي سُر سنڌ جي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي عظمت ۽ اڏولتا جو هڪ وڏو ثبوت آهن. انهيءَ کان علاوه سچل جو هفت زبان شاعر هئڻ سنڌي قوم جي ٻوليءَ جي حوالي سان بين الاقواميت لاءِ هڪ وڏو دليل آهي. ساميءَ جا اشلوڪ مذهبي رواداري ۾ ملي جلي هلڻ ۽ سنڌ جي عظمت کي نروار ڪرڻ لاءِ وڏي هاڪ آهن. شيخ اياز جهڙي جديد شاعر جو شاعراڻو سرمايو سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ وڏو بي بها اثاثو آهي جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي سندرتا، خوبصورتي ۽ ٻين ٻولين کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ هڪ اڻ مٽ ڪاوش آهي.
اهو سڀ ڪجهه هوندي به اڄ سنڌي ٻوليءَ کي نام نهاد خانگي اسڪولن مان نيڪالي ڏني ويئي آهي. سنڌ ۽ سنڌ جي مٽيءَ تي ٺهيل درسگاهن ۾ سنڌي ٻوليءَ سان ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويو آهي. سرڪاري سطح تي سنڌي ٻوليءَ جي وارثي نه ٿيڻ ڪري سنڌي ادب هڪ اڻ ڄاتل ماڳ ڏانهن سفر ڪري رهيو آهي. ميٽرڪ تائين پڙهندڙ شاگردن کي سنڌي ٻولي لکڻ نٿي اچي.
سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ سان ڇا ٿو ٿي سگهي؟ سنڌي ٻوليءَ کي لاحق خطرن کي گهڻي حد تائين گهٽائي ان کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو. سڀني تعليمي ادارن سرڪاري توڙي خانگي ۾ سنڌي ٻولي لازمي مضمون طور پڙهائي سگهجي ٿي.
سنڌي اخبارن ۽ سنڌي ٽي وي چئنلن جي درست استعمال لاءِ ڪوششون وٺي سگهجن ٿيون. انگريزن سنڌي ٻوليءَ جي اهميت کي ڄاتو هو ۽ ان کي ان جي ڀر ۾ وڌڻ ويجهڻ ڏنو هو، ويتر هر نئين آفيسر لاءِ ڇهن مهينن اندر سنڌي ٻولي سکڻ لازمي قرار ڏنو هو. سنڌي ٻوليءَ ۾ کوڙ خوبيون آهن جو اها حساسيت کي پنهنجي اندر ۾ سموئي سگهي ٿي. هر ٻار لاءِ بنيادي تعليم پنهنجي مادري زبان ۾ هجڻ کي لازمي بڻايو وڃي.
***

