بلاگنئون

شاعري احساس آ اناج ناهي

مون آچر 07.04.2024 تي عاقل بالغ وات وڪيل تحت هڪ پوسٽ رکي هئي جيڪا هن ريت هئي ته: “دل ٿي چوي ته هاڻي شعر و شاعريءَ کي الوداع ڪري سڪون حاصل ڪجي” ان بعد ڏيهي پرڏيهي دوستن طرفان لائيڪس ۽ ڪمينٽس اچڻ شروع ٿيا، جن ۾ ڪي اهڙا به دوست هئا جيڪي ڪڏهن به لائيڪ ڪرڻ خاطر آڱوٺي کي ڪا تڪليف ڏيڻ به پسند نه ڪندا آهن، جن ۾ هر ڏٺل توڙي اڻ ڏٺل پنهنجي پنهنجي شعور تحت مشورا ۽ صلاحون ڏنيون ته شاعري هينئن آهي، شاعري هونئن آهي، شاعري فلاڻ آهي ته شاعري ٽير مٽير آهي، ايئن ڪافي دوستن لکيو ته فقير ڀلو فيصلو ڪيو اٿئي، ڪافي دوستن ميسينجر ۽ واٽس ايپ تي سمجهايو ۽ هڪ طرح سان ڪنهن نامور هدايتڪار وانگر هدايت ڪئي ته پليز يار شاعري نه ڇڏجانءِ پر حقيقت ۾ ان وقت ڏاڍو ڏک ٿيو، ڏک اهو ٿيو ته مان جڏهن به سنڌ ۽ سنڌين سان ٿيندڙ ظلمن بابت يا ٻين مسئلن بابت لکندو آهيان ته ڪير کنگهندو به ڪونهي، لائيڪس ۽ ڪمينٽس ته پري جي ڳالھ آهي. حقيقت ۾ اها اهڙي پوسٽ مون ڄاڻي واڻي رکي هئي ته آخر دوست ڇا ٿا چون.

سچ اهو آهي ته اسان صوفين جي ڪلامن تي نچڻ واري قوم آهيون. اسان لطيف جي “وڳر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾” تحت هيل تائين هڪ نه ٿي سگهيا آهيون ۽ نه وري “سورهيه مرين سوڀ کي دل جا وهم وسار” تي عمل ڪندي ڪي حق حاصل ڪري سگهيا آهيون.

ڪڻان منجهه قرار، هئا هيڪاندا سنگ ۾،

ڳاهي ڳاه فراق جي، ڪيائون ڌارون ڌار،

نه ڄاڻان ٻيهار، ڪير ملندو ڪنهن سين. (شاھ).

بلڪه سنگ منجهان نڪري ڪڻو ڪڻو ٿي ويا آهيون. مطلب ته لطيف جي شاعريءَ جا پارکو ته آهيون، وڏا اسڪالر ته آهيون، لطيف کي مرشد ڪري ته مڃون ٿا، پر افسوس جو لطيف جي راهه تي هلڻ کان کتو جواب ڏئي گوهيون ڏيندا رهون ٿا. باقي مون يا ڪنهن مون جهڙي ٻئي شاعر شاعري ڪرڻ بند ڪئي يا ساڙي ڇڏي ته ان سان ڪهڙو فرق پوندو. ها اسان سڀ شهرت خاطر لکندا آهيون. اسان کي عهدن جي بک آهي. اسان کي ڪو سروڪار ڪونهي ڪو قوم جي بک سان يا قوم جي اگهڙ سان، اهي احساس جيڪي اسان گهر ۾ ايئرڪنڊيشن هلائي لکندا آهيون ان سان ڪنهن جهوپڙيءَ ۾ تڙپندڙ ۽ فاقن تي ڦٿڪندڙ ٻالڪ جي بک ختم نه ٿيندي آهي. ڇو ته شاعري ماني ناهي يا شاعري ڀت جو ديڳڙو ڪونهي ڪو، ڪل ڪوڙ آهي ته شاعري سماج کي سينگاري ۽ سنواري ٿي يا ادب ڪو ڪپڙي جو ٿان ڪونهي جو چار ميٽر ڪٽي ڪنهن ننگي جي جسم جي اگهڙ کي ڍڪجي. ڪل ڪوڙ آهي شاعري، ها مان به ته ڪوڙ لکندو آهيان، نالي جو بکيو آهيان سڀني شاعرن وانگر.

ڪڏهن سنڌ جي مستقبل تي نظر گهمائي اٿوَ، پر نه توهان ته مشڪرا آهيو، توهان هڪ ٻئي تي طنز ڪندڙ قوم آهيو، توهان پنهنجن هٿان اغوا ۽ قتل ٿيندڙ قوم آهيو، توهان ۾ بغاوت ۽ انقلاب جي نالي جي ذري به ڪونهي ڪا، اوهان بزدل ۽ ڀاڙي آهيو، اڙي هڪ وڏيري جو پٽڪو ڌوڙ نٿا ڪري سگهو ته پوءِ اوهان ڌارين دشمنن جا ڪنڌ ڪٿان ڪپي سگهندا. ها، پر اوهان ته سمباره جو تسلسل آهيو تڏهن ته سال ۾ هڪ ڏينهن نچندا آهيو، پر قومي مسئلن تي در کي اندران بند ڪري ٻاهران به تالو هڻي ڇڏيندا آهيو.

روز نئون نئون قهر پيو ڪڙڪي سنڌ تي، اناج کي باهيون، بيٺل فصل کي به تيلي، جديد هٿيار ڳوٺن ۽ شهرن ۾ آزاديءَ سان نسلن کي نابود ڪري سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪري رهيا آهن، پر ڪير هٿيارن کي روڪي نٿو، ڪير به قبيلائي جهيڙن جي خاتمي ۾ راضي ڪونهي ڪو، هيڏو وڏو شهر آهي، پر پوءِ به چند ڏوهاري شهر کي ڦرين ٿا، پر ڪير به مزاحمت نٿو ڪري باقي مذمت، سخت مذمت، سخت ترين مذمت جا ڌوڙيا لڳا پيا آهن، ڄڻ ڪو طوفان هجي، افسوس. ڪچو هجي يا پڪو ڇا چند هٿياربند هيتري عوام کان سگهارا آهن جو ايئن روڊن رستن تي ننگن کي به ڦرين ٿا، پر اوهان ته نچي ڪڏي ووٽ ڏئي پوءِ پنڻ جا عادي ٿي ويا آهيو جيئن جواري ۽ هيروئني ڪڏهن به نشي کي باءِ باءِ نٿو ڪري سگهي.

هاڻي جي مان شاعري ڪريان يا نه ڪريان، پر انهيءَ سان ڪوبه فرق نه پوندو. ها بس ايترو ضرور ٿيندو ته مان سڪون ۾ هوندس ۽ شاعري پڙهڻ جا شوقين هڪ شاعر جي شاعريءَ کان محروم ٿي ويندا، باقي اسان کي وڻندي آهي ڇوڪرين تي ٿيندڙ ننگي ۽ سيڪسي شاعري جيڪا اسان جي شهوت کي اڀاريندي آهي، باقي حقن خاطر نه اٿبو، اسان جو ڪهڙو واسطو جو پرائي ڦڏي ۾ ڦاسون.

ڪو تسليم ڪري يا نه ڪري، پر اها هڪ ڪڙي ۽ کري حقيقت آهي ته لطيف کانپوءِ پيدا ٿيل شاعر ۽ شاعري سنڌ خاطر ڪنهن عذاب، مصيبت، زلزلي، وڏ ڦڙي ۽ ڳڙي کان ڪنهن به ريت گهٽ نه آهن. سو بهتر آهي ته شاعريءَ تي تيلي ڏئي سنڌوءَ جي سار لهجي ۽ زمين کي زرخيز ڪجي ته جيئن مانيءَ جي ٽڪر کن لاءِ کرڙيون هڻندڙ ۽ در در تي صدا هڻي ماني گهرندڙن کي ماني ملي سگهي. باقي اهي ادبي ڪتاب جن تي نه ڄاڻ ڪيترو خرچ ۽ وقت ذيان ٿو ٿئي ڪهڙي ڪم جا جو گهر ۾ اولاد چوي ته او ابا بک لڳي آهي ماني گهرجي ۽ ابو رڳو شاعريءَ ۾ پورو هجي ۽ ابو اگر ادبي ڪتاب رديءَ ۾ به کپائي تڏهن به مانيءَ جيترا پئسا نه ملندس.

اسان سڀ مشڪرا آهيون، اسان سڀ جيڪو لکون ٿا ڪوڙ ٿا لکون ته سنڌ جنت الفردوس آهي، سنڌ ڪشمير آهي، اڙي يار سنڌ سنڌين خاطر دوزخ آهي، سنڌ کي سنڌين ئي دوزخ بڻايو آهي. هڪڙا مختلف بهانن ۽ طريقن سان ڦرمار ڪن ٿا ته ٻيا وري ماٺ ڪريو تماشو ٿا ڏسن ڄڻ ته مرندا ئي نه. باقي اهو به سچ آهي ته “پيرن فقيرن جي سنڌڙي سونهاري” کي پيري فقيري جي آڙ ۾ پيرن ئي آخري قسط تي پهچايو آهي ۽ اسان پوءِ به گادي نشينن جي حويلين ۽ گودڙين ۾ مائين ۽ ٻارڙن سوڌو غلامي ڏيندا ٿا وتون، پيرن جا ٻار ولايت وڃي اعليٰ تعليم حاصل ٿا ڪن ۽ اسان جا ٻار وري ڏن خاطر زندگي تباهه ٿا ڪن. افسوس شعور کان وانجهيل قوم پوءِ شاعري ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان ڇا ٿيندو.

اسان جا سور ناسور بڻجي ويا آهن ۽ انهن ناسورن جو علاج ڪرائڻ نٿا چاهيون شايد جو مرشد جي پيجارو دڌڙ اڏائيندي ٿي وڃي ۽ اسان وري شڪر ٿا ڪريون ته مرشد جي گاڏي جي اٿندڙ مٽي ته نصيب ٿي چئي ڪري جهمريون ٿا پايون. جڏهن ته اها گاڏي اهو سبق ڏئي ويندي آهي ته هاڻي مرشدن جي پيرن تي مٿو رکڻ بجاءِ ماءُ جي قدمن کي چمي ڏيو ته اوهان کي جنت ملي. باقي امڙ ۽ ٻچڙا گهر ۾ بک تي ۽ مرشد وري مٺيون سچي مکڻ واريون بسريون پيو کائي. افسوس آهي اسان جي مردانگيءَ تي جو اڄ اسان جون عورتون ڪجھ پئسن خاطر سڄو سڄو ڏينهن ڌڪا، ٿاٻا ۽ دڙڪا ٿيون کائن ۽ اسان جي ٽوپي نرڙ تي، وري مٿان مڇون ايئن ٿا وٽيون ڄڻ ڪو هاري رسو وٽيندو هجي.

ڪير مري يا ڪير جيئي ان ۾ اسان جو ڇا وڃي چوندڙ قوم موت جي کوهه تي بيهي تماشو ڏسندي آهي. سو سنڌ مان هندو لڏيندا ٿا وڃن، شهر کنڊر ٿي رهيا آهن، پر ڪنهن به شاعر جي شاعري انهن هندن کي پناهه نه ڏئي سگهي آهي ۽ نه وري کين شهر ڇڏڻ کان روڪي سگهي آهي. ڇو ته هتي ڪو عمل ناهي، ايڪو ناهي، شعور ناهي، افسوس. ايئن به ڪونهي ڪو صفا ته اسان “ڀاڙين مٿان ڀت ڪانون وڌي ڪيري” وانگر آهيون، پر اسان سچ پچ ۾ وڏا ويڙهاڪ آهيون. پاڻيءَ جي پيچ تي، گاهه جي مُٺ تي، پير چاري تي، ٻنيءَ جي ٻني تي، سرڪاري امداد ۽ سرڪاري زمين جي کڻت تي وڙهي هڪ ٻئي جا بڻ بڻياد ڀسم ڪري خوشيءَ وچان جشن ملهائيندا آهيون، پر جڏهن ڌاريا اسان جي ڳوٺن تي قبضو ڪري اسان کي لڏائيندا آهن ته سينو ڪُٽي صبر اختيار ڪري اسڪرين تان ئي غائب ٿي ويندا آهيون ته پوءِ شاعريءَ سان وري ڪهڙو انقلاب ايندو. اسڪول بند پيا آهن ۽ اسان هليا آهيون شاعريءَ وسيلي انقلاب آڻڻ افسوس.

ڪو مري ٿو ته شاعري، ڪو ڄمي ٿو ته شاعري، اصل کان شاهوڪار سنڌ جا سنڌي هن وقت پنهنجي هر وسيلي ۽ معدني/قدرتي ذخيرن هوندي به پنن ٿا، اتي به شاعري، قوم نيم غلامي جي زندگي ٿي گهاري، پر اتي به شاعري، اجايا ڌرڻا، اجايون ريليون، اجايون ڊگهيون پيادل مارچون، اجايا نعرا، اجايون رڙيون، ڇڏيو اهو سڀ ڪجھ، ايڪتا پيدا ڪريو، باقي هي به قائد، هو به قائد، قائدن جا انبار لڳل آهن، قوم ڪهڙي قائد جي اڳواڻي ۾ اڳتي وڌي، باقي شاعري ڇا ڪندي.

شاعري يا ادب آخر ڪهڙي ڪم جو، شاعري ڪنهن درد جي دوا به ته ڪونهي ڪا جو ٽڪيءَ وانگر ڦڪجي. شاعري ڪا مرهم پٽي به ته ناهي نه جو زخم تي رکجي. ڇا هي ادب، ادب اهو آهي نه اديبن ۾ به اختلاف آهن، پروگرامن ۾ اديب ئي اديبن کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ٿا ڪڍن، اهو آهي ادب. ڇا شاعري اهو ٿي سيکاري هاڻ جن اديبن ۾ سياست وانگر الڳ پينل ۽ قوم پرستن وانگر جدا ڌڙا ۽ گادي نشينن وانگر مختلف درگاهون هجن ته پوءِ اهي اديب ڪهڙو قوم لاءِ اڳواڻي جو ڪردار ادا ڪندا. انگريز ته هليا ويا، پر اسان هيل تائين شاهه جي رسالي کي به هڪ نه ڪري سگهيا آهيون، جدا جدا رسالا، الڳ الڳ ترتيب ڏيڻ وارا، هر رسالو ٻئي کان مختلف، ڪنهن ۾ گهٽتائي ته ڪنهن ۾ واڌارو مطلب ته هيل تائين سهمت نه ٿي سگهيا آهيون ته سنڌ جو هيرو ڪير، راجا ڏاهر يا بن قاسم ڇو ته اسان پرمتڙي قوم آهيان جيڪا واچوڙي وانگر هلندي آهي. سو ڇا ڪندي شاعري، ڇا ڪبي شاعري.

باقي “جاڳ ڀٽائي گهوٽ توکي سنڌڙي ٿي سڏڙا ڪري” يا وري “چڱو ڀٽائي مان هلان ٿو”، ڇڏيو يار اها ريت رسم رواج ختم ڪريو، ڀٽائي ڇو جاڳي، اوهان پاڻ ڇو نٿا جاڳو يا اوهان نشو ڪري ۽ ننڊ جون گوريون کائي ستا آهيو. هونئن لطيف ڪنهن کي ياد ناهي هوندو، پر عرس تي اچي سڀ ڪڙڪندا ته من ڪو ايوارڊ ملي، من ڪا خرچي ملي، ايوارڊن جي بکين کي ڪهڙي ڪل ته غريب ۽ فاقن تي زندگي بسر ڪندڙ حاملا عورت جي پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار کي ڇا گهرجي اهو درد ان ماءُ کان پڇو، ڪنهن شاعر يا اديب کان نه جيڪو داد ۽ واهه واهه جو پوڄاري آهي. “شاعري امڙ جي ٿڃ ناهي جو ٻار پيئي ۽ سڪون حاصل ڪري”.

***