ٻارنھن مئي ملڪي تاريخ جو تاريڪ ڏينھن
اقتدار جي راند ھميشه کان موت جي راند به رھي آھي. مملڪت خداد ۾ ھي ٻئي رانديون ھميشه کان کيڏيون پيون وڃن، البته رانديگر تبديل ٿيندا رھيا آھن. اھڙي ئي ھڪ رت جي راند اڄ کان سورنھن سال پھريان ٻارنھن مئي 2007ع تي کيڏي وئي ھئي. ان ڏينھن کي ملڪ جي سياسي، جمھوري تاريخ خاص طور تي سنڌ جي راڄڌاني ۽ روشنين جي شھر ڪراچي جي لاءِ ڪاري ڏينھن طور ياد ڪيو ويندو آھي. ان ڏينھن تي لساني گروھ ايم ڪيو ايم سنڌ جي راڄڌانيءَ کي رت سان وھنجاري ڇڏيو ھو. ٻارنھن مئي جي سانحي کي اڄ سورنھن سال گذري چڪا آھن. پر اڄ تائين ان ڏينھن جي دھشت، وحشت ۽ بربريت جي خبر رکندڙن لاءِ ھڪ ڀيانڪ ياد آھي. ھر طرف گولين جي برسات ھئي عام ماڻھو گھرن تائين محدود ٿي پنھنجو سر بچائڻ ۾ پورا ھئا. ڪراچي جي رستن تي سياسي ڪارڪنن، وڪيلن ۽ جمھوريت پسندن جو رت وھي رھيو ھو. ٻارنھن مئي جو سانحو مارچ 2007ع جي ان حڪم جي ڪڙي ھو. جڏھن تڏھوڪي ڊڪٽيٽر صدر پرويز مشرف جي حڪومت ان وقت جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي استعفيٰ ڏيڻ جو چيو ۽ انڪار تي کيس عھدي تان ھٽايو ويو. جنھن خلاف ملڪ جي وڪيلن ”عدليه بحالي تحريڪ“ جو ملڪ گير آغاز ڪري ڇڏيو ھو. ان تحريڪ دوران 12 مئي 2007ع تي معذول تڏھوڪو چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ڪراچي ۾ منعقد ٿيندڙ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي گولڊن جوبلي ۾ شرڪت لاءِ اچي رھيو ھو. جنھن جي آجيان لاءِ پوري سنڌ جي وڪيلن سان گڏوگڏ آئين، قانون، جمھوريت ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ جدوجھد ڪندڙ مختلف قوتن ڪراچي ايئرپورٽ پھچي چيف جسٽس سان يڪجھتي جو اظھار ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪري چڪيون ھيون. اھو اعلان آمريت پسند قوتن ۽ ساٿارين پنھنجي آمريتي راڄ لاءِ خطري جو باعث سمجھندي، آمريتي راڄ پنھنجي دھشتگرد ساٿارين ذريعي استقبالي جلوسن کي ھر حال ۾ روڪڻ ۽ ناڪام بنائڻ جو منصوبو جوڙيو.
پوءِ ڇا ٿيو جڳ جھان ڏٺو، شھر اندر کلم کلا ھٿيار کڻي گھٽي گھٽي ۽ رستي رستي تي گولين جي برسات ڪئي وئي. بيگناھ مزدور، واٽھڙو، وڪيل ۽ سياسي ڪارڪن گوليون ھڻي ۽ ذبح ڪري شھيد ڪيا ويا، ميڊيا ھائوسز تي حملا ڪيا ويا. ايمبولينس کي زخمي ماڻھو کڻڻ نه ڏنا ويا. چيف جسٽس افتخار چوڌري ھاءِ ڪورٽ تائين نه پھچي سگھيو ۽ کيس اتان جبري طور اسلام آباد موٽايو ويو.
مون ڪنھن ليکڪ جو ان سانحي تي ليک پڙھيو ھو، جنھن ان سانحي کي پاڪستان جي تاريخ جو ھڪ ٻيو ڍاڪا سانحو قرار ڏنو ھو. ھڪ طرف روشنين جي شھر ۾ رياستي غنڊن جي سرپرستي ۾ رت جي ھولي پئي کيڏي وئي ته ٻئي طرف هوڏانهن اسلام آباد ۾ پاڪستان جي آئين ۽ قانون کي پامال ڪندڙ آمر پرويز مشرف مُڪي جو نشان ڏيکاري ڪراچي واقعن کي ”عوام جي طاقت“ جو نالو ڏيئي رهيو هو. ھن ستمگر جو لاشن تي مُڪو لھرائڻ پاڪستان جي آئين، قانون ۽ رياست جي چھري تي لڳل اھڙو بدنما داغ آھي جيڪو ھميشه نظر ايندو رھندو.
طاقت جي نشي ۾ غرق ٿيل آمر پرويز مشرف جي اشاري تي ٿيل ھن رت جي راند پٺيان ايم ڪيو ايم جي مختلف اڳواڻن ۽ وزيرن جو نالو ماسٽر مائينڊ طور کڄندو رھيو آھي، پر سال کن پھريان ايم ڪيو ايم اڳواڻ خالد مقبول صديقي ھن سانحي بابت پنھنجي ذميواري قبول ڪندي معافي وٺڻ جو اعلان ڪيو ھو. گڏوگڏ اھو به چيو ھو ته کين استعمال ڪيو ويو ھو. اھا ڪيڏي نه ستم ظريفي ۽ ظلم جي انتھا آھي ته ھڪ پارٽي جيڪا سياست جي نالي ۾ دھشت ۽ وحشت جي راڄ جو حصو رھي ھجي بلڪه ائين چئجي ته انھن کي ٺاھيو ۽ وڌايو ئي ان لاءِ ويو ھجي ته ضرورت پوڻ تي 12 مئي ۽ بلديه فيڪٽري جھڙيون قيامتون برپا ڪري ڇڏجن. ان پارٽي جا اڳواڻ تاريخ جي اھڙن تاريڪ واقعن کي معافي جي ٻن لفظن سان مٽائڻ جي صرف ڪوشش ئي ڪري سگھن ٿا. ليڪن دنيا جي ڪنھن جمھوريت پسند، آئين ۽ قانون جي حڪمراني واري ملڪ ۾ ڪو سياسي اڳواڻ اھڙي حرڪت لاءِ شايد سوچي به نه سگھي.
12 مئي جو واقعو ٿيڻ کانپوءِ هر زبان ۽ دماغ اندر اِها سوچ هئي ته خبر ناهي ته افتخار چوڌري جي بحالي کانپوءِ سندن شهيدن جي خون سان ڪهڙو تاريخي انصاف ٿيندو، پر وقت روان دوان رهيو، افتخار چوڌري وڪيلن جي قربانين کانپوءِ تحريڪ بعد بحال به ٿي ويو ۽ پنهنجو مدو پورو ڪري رٽائر ٿيو، پر واقعي وقت جيڪي اڀريل سوال هئا، سي اڄ سوڌو عدالتن اندر موجود آهن، حالانڪه ڪراچي اندر ٿيل اهو واقعو ڪنهن کان به ڳجهو ڪونهي ته اهڙي واقعي ۾ ڪهڙا چهرا ملوث ٿي سگهيا ٿي، پر جنهن وقت انهي هٽايل چيف جسٽس جي پٺيان هيڏي وڏي قرباني ڏني وئي، تنهن جي بحالي کانپوءِ به ڪجهه ڪونه ٿيو، سواءِ رپورٽن جمع ڪرائڻ جي، باقي اڳتي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي.
عدليه بحالي تحريڪ دوران چوڌري اعتزاز احسن جيڪو ان تحريڪ جو روح روان ھو، اھو پنھنجي نرالي انداز سان ماڻھن کي انصاف جي نويد ٻڌائي رھيو ھو ۽ ھن ملڪ جي مظلوم عوام کي يقين ڏياري رھيو ھو ته انصاف جو بول بالا ٿيندو. بقول اعتزار احسن جي ته:
دنیا کی تاریخ گواہ ہے
عدل بنا جمہور نہ ہو گا
عدل ہوا تو دیس ہمارا
کبھی بھی چکنا چور نہ ہو گا
عدل بنا کمزور ادارے
عدل بنا کمزور اکائیاں
عدل بنا بے بس ہر شہری
عدل بنا ہر سمت دہائیاں
اور دنیا کی تاریخ میں سوچو
کب کوئی منصف قید ہوا ہے؟
آمر کی اپنی ہی انا سے
عدل یہاں نا پید ہوا ہے
عدل کے ایوانوں میں سن لو
اصلی منصف پھر آئیں گے
روٹی کپڑا اور گھر اپنا
لوگوں کو ہم دلوائیں گے
آٹا ،بجلی، پانی، ایندھن
سب کو سستے دام ملے گا
بے روزگاروں کو ہر ممکن
روزگار اور کام ملے گا
ریاست ہو گی ماں کے جیسی
ہر شہری سے پیار کرے گی
اعتزاز احسن منزل کي تمام ويجھو ڏيکاري رهيو ھو، پر افسوس سورنھن سال گذرڻ باوجود به 12 مئي جي شھيدن ۽ متاثرن سميت ٻي رعايا کي انصاف نه ملي سگھيو. جمھوريت ۽ ادارا مضبوط ٿيڻ بدران ھر ڏينھن ڪمزور ٿي رھيا آھن، اڪايون ڪمزور ٿي رھيون آھن. بي وسي ۽ مفلسي خلق خدا تي کلي رھي آھي. آمراڻيون چالون اڄ به جاري آھن. اصلي منصف اڃا تائين ناھن آيا ۽ نه وري اڃا تائين ھن ملڪ جي ماڻھن کي اٽو، لٽو ۽ اجھو ملي سگھيو آھي. وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته بجلي گيس ۽ تيل گھڻو مھانگو ٿي چڪو آهي. رياست اڃا تائين پنھجن شھرين سان ماءُ جھڙو پيار نه ٿي ڪري. قائداعظم جي خواب جي تعبير اڃا تائين نه ٿي سگھي آھي. مذھبي فرق ۽ تشدد جو خاتمو اڃا تائين نه ٿي سگھيو آھي، پر جيت اسان جو مستقبل ضرور آھي ۽ اھا منزل اڃا دور آھي جيڪا ويجھي ڏيکاري وئي ھئي. بقول فيض احمد فيض جي ته:
وہ انتظار تھا جس کا یہ وہ سحر تو نہیں
یہ وہ سحر تو نہیں جس کی آرزو لے کر
نجاتِ دیدہ و دل کی گھڑی نہیں آئی
چلے چلو کہ وہ منزل ابھی نہیں آئی

