شهيدن ان ڪري قربانيون نه ڏنيون هيون ته ڪوئي عدالتي سلطان بڻجي وڃي: بلاول
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عالمي رينڪنگ ۾ پاڪستاني عدليه جنهن نمبر تي بيٺل آهي، اها دنيا آڏو قوم جي شرمندگيءَ جو سبب بڻيل آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 12 مئي جي شهيدن جي ورسي جي موقعي تي جاري پيغام ۾ چيو ته شهيدن قربانيون ان ڪري نه ڏنيون هيون ته ڪو عدالتي سلطان چونڊيل حڪومت کي پنهنجن سياسي ارادن خاطر هلڻ ئي نه ڏئي. هن جو چوڻ هو ته جيستائين جسٽس منير ۽ افتخار چوڌري جي من پسند تشريحن جون روايتون هلنديون تيستائين انصاف جو مان مٿانهون نه ٿيندو، لاڏلن جي لاءِ هڪڙو قانون ۽ باقي ملڪ لاءِ ٻيو قانون آهي، اسان جو انصاف وارو نظام عوام کي مفت ۽ فوري انصاف جي فراهمي واري منزل کان اڄ به گهڻو پري آهي.

