پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) جي نجڪاري جو عمل آخرڪار مڪمل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ لڪي سيمينٽ وارن 101 ارب 50 ڪروڙ رپين جي ٻولي لڳائي، ايئر بليو ايئرلائين وارن 26 ارب 50 ڪروڙن رپين جي ٻولي لڳائي، پر ڪامياب نه ٿي. جڏهن ته عارف حبيب ڪنسورشيم پاران 135 ارب رپين جي ڪامياب ٻوليءَ ۾ ان جا 75 سيڪڙو حصا حاصل ڪيا ويا آهن. هن فيصلي سان، پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۽ اهم قومي ايئر لائين جو ڪنٽرول نجي شعبي جي حوالي ڪيو ويو آهي، جنهن جا نه رڳو ملڪ جي معيشت، پر هوائي صنعت ۽ پي آءِ اي جي مستقبل تي به گهرا اثر پوندا. پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل ڪيترائي مهينا اڳ شروع ٿيو هو، جنهن ۾ ڪيترن ئي ڪنسورشيم ان کي خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي ڏيکاري هئي. ٻوليءَ جي شروعاتي مرحلي ۾، اوپن ڪنسورشيم، ايئر بليو ۽ عارف حبيب ڪنسورشيم جي وچ ۾ سخت مقابلو هو. بهرحال، عارف حبيب ڪنسورشيم 121 ارب رپين جي ٻولي ڏئي سڀ کان وڌيڪ قيمت پيش ڪئي. ان کانپوءِ، اوپن ڪنسورشيم وقفي دوران پنهنجي ٻولي وڌائي، پر عارف حبيب ڪنسورشيم 135 ارب رپين جي ٻولي ڏئي فيصلو ڪندڙ پوزيشن حاصل ڪئي. نجڪاري ڪميشن جي عملدارن موجب، عارف حبيب ڪنسورشيم کي پي آءِ اي جي 75 سيڪڙو شيئرز خريد ڪرڻ جو اهل قرار ڏنو ويو. ان کان علاوه خريد ڪندڙ کي باقي 25 سيڪڙو خريد ڪرڻ لاءِ 90 ڏينهن ڏنا ويندا. پي آءِ اي جو بيل آئوٽ هڪ نازڪ موڙ تي آيو آهي، جڏهن ايئر لائين جي مالي حالت نازڪ ٿي چڪي آهي. حڪومت گذريل سال پي آءِ اي جي 654 ارب رپين جي قرضن کي سنڀاليو هو، جنهن ايئر لائين جي مالي حالت ڪجهه بهتر ڪئي، پر پي آءِ اي کي مڪمل طور تي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ وڏي پيماني تي سيڙپڪاري ۽ انتظامي سڌارن جي ضرورت هئي. نجڪاري ڪميشن جي عملدارن چيو ته پي آءِ اي جي موجوده حالت کي بهتر بڻائڻ لاءِ سيڙپڪاري جي ضرورت هئي ۽ ان لاءِ خانگي شعبي جي شموليت ضروري هئي. نجڪاري ڪميشن موجب، پي آءِ اي جا انگلينڊ ۽ ٻيا يورپي رستا بحال ڪيا ويا آهن ۽ هن ڀيري پي آءِ اي جي نجڪاري وڌيڪ پرڪشش هئي. ان سان گڏ، حڪومت پاران پي آءِ اي ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت پڻ اهم ٿي وئي هئي ته جيئن اداري کي پنهنجي پيرن تي بيهاري سگهجي. بهرحال مني لانڊرنگ، ڪرپشن ۽ ٽيڪس چوري جي بي تاج بادشاهه “عارف حبيب گروپ” پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز (PIA) کي 135 ارب رپين ۾ خريد ڪري ورتو آهي. عارف حبيب گروپ بابت ڪيتريون ئي ڪهاڻيون موجود آهن، جيئن سال 2006ع ۾ عارف حبيب گروپ پاڪستان جي قومي خزاني کي 18.6 بلين رپين جو چونو لڳايو هو. 2006ع ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو فيصلو موجود آهي ته پاڪستان اسٽيل ملز جي نجڪاري (Privatization) وقت عارف حبيب گروپ 18.6 بلين رپين جو فراڊ ڪيو هو ۽ سپريم ڪورٽ پاڻ اسٽيل ملز جي نجڪاريءَ جي عمل کي غير شفاف قرار ڏئي روڪي ڇڏيو هو. ايئن سال 2018ع ۾ هڪ تحقيقاتي رپورٽ سامهون آئي هئي جنهن ۾ هڪ بزنس مين جاويد حسنين راشد عارف حبيب گروپ تي سيڪيورٽي فراڊ ۽ مني لانڊرنگ جا الزام لڳايا هئا ۽ بعد ۾ عدالتن مان اهي الزام ثابت به ٿي ويا هئا. عدالت عارف حبيب گروپ کي ڪجهه وقت لاءِ ڪنهن به نجڪاري واري عمل ۾ حصو وٺڻ لاءِ نااهل پڻ قرار ڏنو هو. وري سال 2024ع ۾ ايف بي آر (FBR) عارف حبيب گروپ کي ٽيڪس ڊيفالٽر قرار ڏنو هو. ايف بي آر موجب عارف حبيب گروپ فينٽم ڪمپنيون (Phantom Companies) هلائڻ ۾ ملوث آهي، يعني اهي ماڻهو ٽيڪس کان بچڻ لاءِ غير رجسٽرڊ ڪمپنيون هلائيندا آهن ۽ جعلي نالا استعمال ڪندا آهن. اسٽيبلشمينٽ اهڙن ماڻهن کي روڪڻ بجاءِ انهن جي همت افزائي ڪري انهن کي اڳيان اچڻ ڏئي ٿي، جيڪا افسوس جهڙي ڳالهه آهي. قانون به اهڙن ماڻهن جو ڪجهه نٿو ڪري سگهي.