بلاگنئون

“ھر وک نئين ڌرتي نئون آسمان” جو تنقيدي جائزو

اسان وٽ سنڌي ادب ۾ ناول لکڻ دوران نوان تجربا ڪرڻ ھڪ اھڙو معمول ٿي ويو آھي جنھن کي روڪڻ انتھائي ڏکيو عمل محسوس ٿئيم ٿو. ائين بلڪل ناھي ته ڪو معياري ۽ سٺا ناول نه لکجي رھيا آھن، پر اڪثريت اھڙن ناولن جي آھي جيڪي يا ته معياري ناھن يا وري تجرباتي آھن. انگريزن سنڌ تي سئو سالن کان مٿي حڪومت ڪئي ۽ پاڪستان قائم ٿئي به مني صدي جيترو عرصو ٿي ويو آھي، پر اسان واري سنڌي ادب خاص ڪري ناول ۾ نه ڪا نواڻ آھي، نه ئي ڪو معيار ۽ قوت جيڪا دنيا جي ٻي ادب خاص ڪري انگريزي، لاطيني آمريڪا يا ھندستاني ادب ۾ آھي. انھن ملڪن جو ادب ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پڙھيو ٿو وڃي. اسان وٽ ناول جون ھزار ڪاپيون پنجن سالن ۾ به مشڪل سان ڇپجن ٿيون. ان جا ڪيترائي سبب ھوندا، پر مونکي سمجھه ۾ اچي ٿو ته اسان جو سنڌي ادب ھڪ اھڙو تلاءَ بڻجي ويو آھي، جنھن ۾ مڇيون گھٽ ۽ ٽران ٽران ڪرڻ وارا ڏيڏر گھڻا آھن. ڏٺو ويو آھي ته جڏھن ڪا به قوم زوال پذير ٿيندي آھي ته سڀ کان پھريائين ان جو ادب زوال پذير ٿيندو آھي ۽ سماجي، اخلاقي، اقتصادي ۽ معاشي بحران ان کان بعد مينھن جي کنڀين جيان پيدا ٿيندا آھن. ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته سنڌي ادب ۽ اسانجو معاشرو اھڙن بحرانن مان گذري رھيا آھن. اھا حقيقت به آھي ته وڏي ۾ وڏي بدقسمتي به!

دنيا جو ادب اتان جا سماجي، اخلاقي، سياسي، سماجي، معاشي ۽ ٻيا سمورا بحران ڏسي ڪري انھن کي ننديندو آھي ۽ ان جي حل لاءِ تجويزون پيش ڪندو آھي جيڪي شاعري يا ادب جي ٻين شڪلن جي ذريعي پيش ڪيون وينديون آھن. ڪتاب تبديلي ۽ انقلاب جا سپاھي ھوندا آھن، پر اسان وٽ ڪم ابتو آھي. اسان وٽ ادب پاڻ ئي ھر قسم جي ڏيوالپڻي جي بدترين بحران مان گذري رھيو آھي. نتيجي طوري پورو معاشرو انتشار جو شڪار آھي. ھر قسم جا مسئلا واسينگ وانگر ڪر کڻي ڏنگڻ لاءِ تيار آھن. ادب ۾ نواڻ ناھي، چڻنگ ناھي، جذبو ناھي، جستجو ناھي، رستو، دڳ يا پيچرو ناھي، جديديت ۽ اصلوڪيت ناھي. مٿي مٿان وري سنڌ مذھبي شدت پسندي، دھشتگردي، اغوا، ڦرن، قبائلي جھيڙن ۽ خونريزين کي پڻ منھن ڏئي رھي آھي. ان جو بنيادي سبب اھو ئي آھي ته اسان وٽ ادب عشق ۽ سورمين ۽ تون به خان لکاڙي ته آئون به خان لکاڙي جھڙن دقيانوسي خيالن کان ٻاھر ئي نه نڪري سگھيو آھي. اسان اڄ به پنھنجي تقريرن ۾ شاهه، سچل، سامي ۽ چند مخصوص شاعرن ڏانھن واجھائي رھيا آھيون. اسان اڄ به اھڙا ڪردار، ڪھاڻيون ۽ ڊراما لکي رھيا آھيون جيڪي ڌاڙيل ڪلچر ۽ مذھبي جنونيت کي ھٿي وٺرائي رھيا آھن. اھو انڪري آھي  ڇو ته اسان وٽ تخليقي قوت ئي نه رھي آھي. انکان وڌيڪ ادبي ڏيوالپڻو ڇا ٿيندو؟ ناول تيل مالش، رنڊي جي ڌيءَ، سيتا زينب يا ٿر جي تاريخ تي لکيل ڪتاب ڪارونجھر جي دانھن کي ئي ڏسو. اھي ڪتاب اسانجي معاشري جي مسئلن جو ڪھڙو حل کڻي آيا آھن؟ رھندو کھندو اھي ’جلتي‘ تي ’تيلي‘ جو ڪم ڏئي رھيا آھن. اسان اکيون نه کوليون ته اسانکي اڃا به وڌيڪ برن حالتن کي منھن ڏيڻو پوندو، خير!

ته ناول ھڪ تمام اھم ۽ طاقتور ترين صنف آھي جيڪا معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻي سگھي ٿي. اھڙا ڪردار، اھڙيون ڪھاڻيون جوڙي سگھجن ٿيون جيڪي مثبت ھجن ۽ معاشري ۾ حقيقي ۽ تنقيدي ڪردار ادا ڪري سگھن، جيڪي جستجو ۽ جيئڻ جو ڏانءُ ڏيڻ کان علاوه اڄ جي انسان لاءِ مشعل راهه ھجن. تنھنڪري اسان کي سگھارا ڪردار ۽ ڪھاڻيون جوڙڻيون پونديون جيڪڏھن نه ته پوءِ ابول ڦٻندي!

انڪري آئون اڄ ھڪ اھڙي ناول جو مثال ۽ تجزيو لکندس جيڪو ھڪ نوجوان ناول نگار جو لکيل پھريون ناول آھي. محرابپور جو رھواسي شڪيل احمد ھن ناول کان اڳ شاعري جا ٽي ڪتاب لکي، ڇپرائي چڪو آھي. ھي ناول سندس پھريون، پر مجموعي طور چوٿون ڪتاب آھي. ھن ناول تي تجزيئي ڪرڻ کان پھريان معمول مطابق آئون ناول جي مختصر ڪھاڻي لکندس جيئن پڙھندڙ تنقيدي حصي کي بھتر نموني سمجھي سگھن.

ھي ھڪ قسم جو تجرباتي ناول چئي سگھجي ٿو جنھن ۾ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ۽ ڪردار آھن. بنيادي طور ناول جا ٻه اھم مرڪزي ڪردار آھن. روحان ناول جو ھيرو يا مرڪزي مرد ڪردار آھي ۽ اناميڪا، ناول جي ھيروئين يا مرڪزي عورت ڪردار آھي.

روحان ھڪ شھزور نالي وڏيري جو سڪيلڌو ۽ لاڏلو پٽ آھي. سندس ڏاڏي مرحوم جو نالو ڄام سوڀارو آھي جيڪو ھڪ وڻجارو ھو. روحان ھڪ وات ڳاڙھو، لاپرواھه، غير ذميوار ۽ ڇڙواڳ قسم جو يونيورسٽي جي فلسفي واري شعبي ۾ پڙھندڙ ھڪ ڇوڪرو آھي. يونيورسٽي ۾ روحان جا ڪيئي دوست آھن، پر رحمت ھن جو قريبي دوست آھي جيڪو روحان کي گرو سمجھي ٿو.

جڏھن ته وڏين اکين واري اناميڪا يونيورسٽي جي انگريزي شعبي ۾ پڙھندڙ ھڪ ڇوڪري آھي جيڪا شاعره پڻ آھي. اناميڪا جون ڪافي ٻيون به دوست ڇوڪريون آھن. اناميڪا ۽ روحان جي ھڪ ٻئي ۾ دلچسپي ٿي وڃي ٿي، پر پيار جي اظھار کان اڳ ئي اناميڪا جون ھڪ حادثي ۾ ٻئي ڄنگھون ضايع ٿي وڃن ٿيون. ھوءَ ڪنھن کي ڪجھه ٻڌائڻ بنا ناول مان گم ٿي وڃي ٿي. روحان، اناميڪا جي حالات کان بلڪل بي خبر آھي.

اھڙي طرح روحان پڻ ٻين مسئلن ۾ ڦاسي پوي ٿو. ھڪ ته روحان يونيورسٽي ۾ ٿيل جھيڙي جي فرياد ۾ نامزد ٿي روپوشي جي زندگي گذاري ٿو. ٻيو ته ان دوران، ھن جي ڀروراري ڳوٺ جو زميندار جنھن سان روحان جي پيءَ جو زمين تي جھيڙو ھلندڙ آھي، روحان تي ڪاري ھجڻ جو الزام لڳائي ٿو. انھن ٻنھي مسئلن کان بچائڻ لاءِ شھزور خان، روحان کي پنھنجي ڦوڳ نالي پراڻي ملازم ڏانھن ٿر موڪلي ٿو. ٿر ۾ روحان ھڪ اسڪول ۾ پڙھائڻ وڃي ٿو جتي سندس ملاقات اناميڪا سان ٿئي ٿي جيڪا پڻ ان اسڪول ۾ پڙھائي رھي آھي. اناميڪا، روحان کي پنھنجي حادثي جي پوري رام ڪھاڻي ٻڌائي ٿي. ڪجھه عرصي کانپوءِ روحان تان يونيورسٽي جو ڪيس ختم ٿي وڃي ٿو ۽ روحان، اناميڪا کي ساڻ ڪري يونيورسٽي پھچي ٿو. اناميڪا معزوري سبب وهيل چيئر تي ھلي ٿي. اڳتي ھلي، روحان ۽ اناميڪا، يونيورسٽي جي ڪلچرل پروگرام ۾ حقيقي شادي ڪن ٿا جنھن ۾ اناميڪا جي والدين جي مرضي پڻ شامل آھي. ھو سھاڳ رات موئن جي دڙي تي ملھائڻ کانپوءِ واپس يونيورسٽي اچي وڃن ٿا. شادي جي سڌ پوڻ ۽ انھن کي اطلاع نه ڏيڻ تي روحان جا والدين، روحان سان ڪاوڙ جو اظھار ڪن ٿا، پر ھي انھن کي گھڻو ليکي ۾ نه آڻي ٿو.

ان کانپوءِ اناميڪا جو پيءَ جيڪو ڊاڪٽر آھي، کي آمريڪا ۾ نوڪري ملي وڃي ٿي ۽ ھو پنھنجي زال ۽ اناميڪا کي آمريڪا وٺي وڃي ٿو. روحان ڪجھه ڏينھن کانپوءِ آمريڪا پھچي ٿو، پر آمريڪا ويندي ھي ھڪ آمريڪي اداڪارا ايماروز کان جھاز ۾ آٽوگراف وٺڻ جي ڪري وائرل ٿي مشھور ٿي وڃي ٿو ڇو ته اھڙي خبر سوشل ميڊيا تي باهه ٻاري ڇڏي ٿي. خير، آمريڪا ۾ اناميڪا کي ھڪ اسپتال ۾ مصنوعي ڄنگھون لڳن ٿيون. ان ئي اسپتال ۾ روحان سان آمريڪا جو ھڪ مشھور فلم ڊائريڪٽر ملي ٿو جيڪو روحان جي وائرل ٿيل پوسٽ جي ڪري روحان کي ايماروز سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڏئي ٿو جيڪا روحان قبول ڪري وٺي ٿو. ائين روحان آمريڪا ۾ سپر اسٽا ٿي وڃي ٿو ۽ ايماروز سان عشق لڙائي مڱڻو ڪري ٿو. مڱڻي تي موجود اناميڪا سمنڊ ۾ ڪري خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، پر روحان کيس بچائي وجھي ٿو ۽ ناول پنھنجي پڄاڻي تي پھچي ٿو.

ھن ناول جي خاص ڳالھه ناول جي ٻولي آھي. مون پنھنجي زندگي ۾ ڪافي سنڌي ناول پڙھيا آھن، پر مونکي ھن ناول کان اڳ، صرف ’موھن جو دڙو‘، خواب، خوشبو، ڇوڪري، رھجي ويل منظر ۽ ’ڊي ناڪ 109‘ جي ٻولي سٺي لڳي ھئي. ھن ناول جي مجموعي طور ٻولي ڪافي وڻندڙ، صاف ۽ سھڻي آھي. ڪافي اھڙا جملا آھن جن کي کڻي ڪري ماڻھو چوڻين طور استعمال ڪري سگھي ٿو. مجموعي ٻولي سٺي آھي، پر ناول نگار، لھجن جو خيال تمام گھٽ ڪيو آھي. مثال طور ٿر جي ڦوڳ ۽ محرابپور جي روحان جو لھجو ھڪ ئي آھي يا ٿر جي ٻين ماڻھن جي ٻولي به اترادي ٻولي لڳي ٿي. ناول جو ھڪ قصاگو چاچو ڳالھير پڻ اترادي ٻولي ڳالھائي ٿو. جيڪو عمل ثابت ڪري ٿو ته ناول نگار ٻولي ۾ لھجي جي عنصر کي نظرانداز ڪيو آهي.

ناول جي ٻي خوبي ناول نگار جي مصوري آھي. ٻولي سان گڏ منظرنگاري اھڙي خوبصورت ۽ وڻندڙ آھي جھڙوڪ ماڻھو فلم يا تصوير ويٺو ڏسي. ھر ضروري جاءِ، جڳھه ۽ منظر جي مڪمل چٽسازي ٿيل آھي. مون اھڙي مڪمل، لاجواب ۽ من موھيندڙ منظرڪشي وڏن وڏن تجربيگار ناول نگارن جھڙوڪ زيب سنڌي جو ناول سيتا زينب ۾ به نه ڏٺي. ان ڪامياب مصوراتي منظرڪشي تي ليکڪ جس لھڻي.

ان کان علاوه ناول نگار، روحان جي نفسياتي ۽ اندروني اسرارن کي خوابن جي ذريعي تمام سٺي نموني بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. جل پري يا نانگن کي ڏيڏر کائيندي ڏسي روحان جون الٽيون ڪرڻ ھڪ سگھاري ڪوشش آھي. نانگن، خوابن ۽ جل پرين جو خوابن يا خيالن ۾ اچڻ نه صرف علامتي، پر نفسياتي لحاظ کان ھڪ تعريف جوڳو عمل آھي. مون سنڌي ادب ۾ اھڙي ٽيڪنڪ پھريان نه پڙھي آھي. ليکڪ نئون آھي تنھنجي باوجود ان کي داد ڏيڻ کان سواءِ نه ٿو رھي سگهجي.

ھن ناول جي جيڪڏھن ڪردارن، ڪھاڻي يا پلاٽ يا موضوع ۽ مقصد تي ڳالھائجي ته ناول جا ڪردار بلڪل ڍلا ڪردار آھن. خاص ڪري مرڪزي ڪردار بلڪل زندگي جي مقصدن کان خالي آھن. روحان يا اناميڪا وٽ زندگي جو ڪو مقصد ناھي. ٻئي ھوا جي رخ تي ھلن ٿا، جاڏي وٺي وئي، ڏٺو ويندو. ٿورو گھڻو اگر ڪي جاندار ڪردار آھن ته اھي اناميڪا جي پيءَ ۽ روحان جي والدين جا آھن جن وٽ ھر ڪنھن لاءِ جذبا ۽ مقصد آھن. باقي ناول جي مرڪزي ڪردار روحان جو ڪردار ھڪ اھڙي ڇوڪري جو ڪردار آھي جيڪو ڪيڏي مھل ڪنھن ڇوڪري ڪيڏي مھل ڪنھن ڇوڪري جي پويان آھي.

ھن ناول ۾ ڪيئين ڪھاڻيون آھن. ھن ۾ روبي جھڙي رنڊي جي ڪھاڻي به آھي ته يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ اليزا جھڙي ماڊرن ڇوڪري جي ڪھاڻي به آھي جيڪا کلم کلا سيڪس ڪرڻ ۽ ڳالھائڻ لاءِ تيار آھي. ھن ناول ۾ ٿر ۾ ڏڪار کان وٺي، وسيلن تي قبضي جا قصا به آھن ته زمينن تي قبضن ۽ ڪاروڪاري جو بدبودار راڳ به آھي. اناميڪا ۽ روحان جو قصو ته آھي ئي آھي. ھي ھڪ گھڻ ڪھاڻين وارو ھڪ بي مقصد ناول آھي جنھن جي پڙھڻ کانپوءِ خبر نه ٿي پوي ته پڙھندڙ کي ڪھڙو سبق حاصل ڪرڻ گھرجي؟ ڪنھن به ڪھاڻي جو ڪو به انت ناھي، حل ناھي. دنيا ڪيتري به تبديل ٿي وڃي، پر اڄ جو نوجوان اھڙو ناھي. ائين ٿو لڳي ته ليکڪ اڄ جي نوجوان کي روحان، روبي ۽ اناميڪا جي روپ ۾ پيش ڪرڻ جو ڪوشش ڪئي آھي.

ھن ناول ۾ مشاھدي جي بي حساب کوٽ آھي. ناول نگار جھاز ۾ چڙھڻ کان وٺي پوليس مسئلن تائين شايد حقيقتن کان واقف ئي ناھي. آمريڪي اداڪاره ايماروز کي ايڪانامي ڪلاس ۾ سفر ٿو ڪرائي جتي ھن سان روحان ٽڪرائجي ٿو وڃي. اھڙا سپر اسٽار اڪانامي نه، پر فرسٽ ڪلاس ۾ سفر ڪندا آھن. اھو ٿو محسوس ٿئي ته ناول نگار ڪڏھن  جھاز ۾ سفر ئي ناھي ڪيو. ٻيو ناول نگار روحان تي ايف آءِ آر کانپوءِ وري وارنٽ ٿو ڪڍرائي. جڏھن حقيقت اھا آھي ته فرياد کانپوءِ وارنٽ جي ضرورت ئي ناھي پوندي. فرياد جي بنياد تي پوليس ڪنھن کي به گرفتار ڪري سگھي ٿي. اھڙي طرح ناول ۾ اھو ڏيکاريوويو آھي ته اناميڪا جو پيءَ اناميڪا کي ٿر اسڪول مان جيپ تي کڻڻ ٿو اچي، پر ناول نگار انھن جي واپسي وري ڪار ۾ ٿو ڪرائي!. اھڙي طرح ناول جي ڪردارن جا خاص ڪري روبي ۽ روحان جا ٻه ٻه نالا اچن ٿا، جيڪي شايد ايڊٽ ڪرڻ کان رھجي ويا آھن. ناول ۾ ڇپائي جو گھڻيون نه، رڳو ٻه ٽي سئو غلطيون آھن!

منھنجو خيال آھي ته آئون تمام گھڻو لکي چڪو آھيان، پر جيڪو به لکيو آھي اھا ھڪ ادبي راءِ آھي، ادب جي ڀلي لاءِ آھي، جيڪو سٺو لکندو ان جي تعريف ڪبي، جيڪو سٺو نه لکندو، ان جي وڌيڪ تعريف ڪبي جيئن مٿي ڪري آيو آھيان!.