برطانيه جي فوج لاءِ دنيا جا سڀ کان ننڍا جاسوسي ڊرون تيار

برطانيه جي دفاع واري وزارت جاسوسي لاءِ دنيا جو سڀ کان ننڍو ڊرون تيار ڪيو آهي جيڪو جنگ جي ميدان ۾ فوج لاءِ جاسوسي ڪندو. هن پروجيڪٽ لاءِ 8 ڪروڙ 70 لک ڊالرن جي رقم خرچ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ 200 ڊرون تيار ڪيا ويندا. هن قسم جي ڊرون کي بليڪ هارنيٽ 3 (Black Hornet-3) جاسوس ڊرون جو نالو ڏنو ويو آهي. هن ڊرون جو ڪم هوندو ته اهو دشمن جي علائقي مٿان اڏامي وڊيو ٺاهي سپاهي جي ڪئمرا ڏانهن موڪلي ڇڏيندو. برطانيه جي دفاع واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته هن ڊرون کي ايسٽونيا ۽ عراق جي حقيقي جنگ ۾ آزمائي چڪا آهيون جتي هن بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *