خاص

ايٿوپيا جو جهاز ڪري تباهه ٿي ويو 157 مسافر فوت

ايٿوپيا جو جهاز بوئنگ 737 اديس ابابا کان ڪئناڊا ڏانهن ويندي حادثي جو شڪار ٿي ڪري تباهه ٿي ويوآهي، جنهن جي نتيجي ۾ جهاز ۾ سوار 157 مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا. ايئر لائينز جي ترجمان مطابق جهاز ۾ 157 مسافرن کان علاوه 8 عملي جا ماڻهو به موجود هئا. ايئر لائنز جي ترجمان وڌيڪ چيو ته اڏام ڀرڻ بعد جهاز سان  رابطو ٽٽي ويو هو جنهن کانپوءِ حادثو ٿيو ۽ هن وقت تائين حادثي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي. ياد رهي ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ انڊونيشيا جو پوئنگ جهاز ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن ۾ 189 مسافر مري ويا هئا. جڏهن ته ان کان اڳ 2010 ۾ ايٿوپيا جو هڪ ٻيو جهاز ڪري تباهه ٿيو هو جنهن ۾ 83 مسافر فوت ٿي ويا هئا.