ڪاغذي ڳالهيون ڪتاب تي تبصرو راشد شر April 2021
زندگيءَ جا مختصر چار ڏينھن آڱرين تي ڳڻي گذارڻ جو وسيلو ناھن، ڇو ته زندگيءَ جو مقصد رسمي طور ڄمڻ کان شروع ٿي مرڻ تائين ختم نٿو ٿئي، نه ئي وري زندگي پنهنجي خوشين ۽ عياشين کي حاصل ڪري ٻين جي خوشين کي پامال ڪرڻ جو نالو آھي. عظيم گوتم ٻڌ جي چواڻي “سروم دکم دکم” جيئن ته زندگي مسلسل عذاب، اذيت ۽ ڏکن جي اھڙي پيڙا جو نالو آھي جتي انسان مسلسل پيڙبو رھي ٿو. زندگي ڪن ڪيفيتن ۾ جبر کي برداشت ڪرڻ جو نالو آھي ته وري ڪن ڪيفيتن ۾ جبر جھڙي قهر جي اکين ۾ اکيون ڏئي ويڙھ ۽ جدوجهد جو به نالو آھي. زندگيءَ جي حقيقتن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ واري سوال کان ويندي زندگيءَ جي جبر کي سمجھڻ ۽ اُن سان جدوجهد ۽ ويڙھ ڪرڻ هر عام ماڻھو جي وس جي ڳالھ ناهي، پر زندگيءَ جي ان پيچيده سوال کي جيڪو انسان سمجهي ٿو يقينن اھو ئي عظيم انسان به آھي ته وري ان جي عظمت تڏھن ئي حقيقي عظمت جي بلنديءَ جي معراج تائين پھچي ٿي جڏھن ھو پنهنجي علمي، عقلي ۽ منطقي سوچ وسيلي زندگيءَ جي سوال کي سمجھڻ سان گڏ انساني زندگيءَ جي مٿان غير فطري جبر، ظلم ۽ ڏاڍ خلاف عملي طور ويڙھ ڪري ۽ ذھن ۾ صرف ان سوال تي ڦاٿل نه رھي ته انسان کي ھي جبري ڏُک اذيتون نصيبن ۾ مليا آھن، نه ئي وري ھو انسانن جي اذيتن، بيوسين جي اکين مان ٽمندڙ ڳوڙھن جي مس مان ھڪ ليکڪ جي روپ ۾ پنھنجي قلم کي ڀڄائي لطف اندوز تخليق کي جنم ڏيڻ ئي پنهنجو ڪُل مقصد سمجهي.
يوسف جميل لغاريءَ جو ڪتاب “ڪاغذي ڳالهيون” جڏھن سامھون اچي ٿو ته اسان کي سندس هن دلچسپ ڪتاب “ڪاغذي ڳالهيون” جون لکڻيون پڙھڻ سان اھا سَرھائي محسوس ڪرائن ٿيون ته اسان جي نئين ٽهي جو نوجوان ليکڪ يوسف جميل لغاري زندگيءَ جي حقيقتن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ واري سفر ۾ عِلم، ادب جو جهنڊو کڻي پنھنجي قلم جي قوت سان ٻين روايتي ليکڪن جيئن صرف پنھنجا ڳوڙھا مھٽڻ بجاءِ پوري سماج جو فڪر کڻي نڪتو آھي جنھن جي گواهي اسان کي سندس ھن ڪتاب “ڪاغذي ڳالهيون” مان ملي ٿي. جو سندس ھن ڪتاب ۾ موجود مضمونن ۽ ڪالمن مان اھڙين لکڻين جي اڪثريت ملي ٿي جن جا موضوع تعليم ۽ سماجي مسئلا آھن.
بنيادي طور تي يوسف جميل لغاري اسان جي نئين ٽهيءَ جو ھڪ اھڙو سگھارو ڪالم نگار ليکڪ آھي جنھن ٿورڙي ئي وقت ۾ الاهي سارو لکيو آھي جو ھن جا ھن ڪتاب کانسواءِ ٻيا به پنج ڪتاب لکيل آھن، جن مان چار ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي موجود آھن ۽ سندس پنجون ڪتاب گذريل سال پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي طرفان شايع ڪرايو ويو آهي، جيڪو تعليم جهڙي اهم موضوع تي لکيل آهي. ان کانسواءِ ھو مسلسل اخبارن ۾ بہ لکندو رھي ٿو. جيڪڏھن پاڻ اخبارن ۾ ڇپجندڙ عام رسمي ڪالمن جي عمر ۽ اهميت جي ڳالھ کي وائکو ڪنداسين ته بظاهر عام اخباري ليکڪ جي ڪالم جي عمر مخصوص ۽ ننڍڙي ڏسڻ ۾ ايندي پر يوسف جميل لغاريءَ جھڙا ليکڪ تمام ٿورا ھوندا جن جا ڪالم اھڙا سگهارا ۽ جامع ھوندا آھن جيڪي روايتي ڪالمن جي ڀيٽ ۾ ڏاڍا طاقتور ۽ دلچسپ به ھوندا آھن جن کي ڪڏھن به پڙھڻ سان بوريت محسوس ناھي ٿيندي. يوسف جميل به اھڙن ليکڪن مان ھڪ آھي جنھن جي لکڻين جو وڌيڪ اندازو پڙھندڙ ئي ھن ڪتاب “ڪاغذي ڳالهيون” مان لڳائي سگھجي ٿو ته يوسف جميل پنهنجي ھن ڪتاب “ڪاغذي ڳالهيون” ۾ مضمونن، ڪالمن کان ويندي ترجمي ۾ ڪيترو پاڻ نڀايو آھي. يوسف جميل لغاريءَ جو ھي ڪتاب “ڪاغذي ڳالهيون” جيڪي مضمونن، ڪالمن ۽ ترجمن کان ويندي اھم ڪتابن تي ڪيل تبصرن تي مشتمل آھي. اميد ته پياري يوسف جي هي ادبي ڪاوش سنڌي ادب جي اھم ڪتابن ۾ پنھنجي جڳھ ضرور والاريندي.
***

