پاڪستانخاصنيو‍‍ز

ننڍي ڪاروبارين ۽ صنعتن لاءِ امدادي پئڪيج

وفاقي ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي اڄ وزيراعظم امدادي پئڪيج تحت صنعتن کي بجلي، گئس بلن ۾ رعايت ڏيندي. صنعت ۽ پيداوار جي وزير حماد اظهر جي ٽوئيٽ مطابق خزاني واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ننڍين صنعتن ۽ ڪاروبارين لاءِ امدادي پئڪيج جو پهريون مرحلو منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو. وزارت ننڍن واپارين لاءِ فري فنانس گارنٽي پئڪيج تي ڪم ڪري رهي آهي. ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار ڪندڙن لاءِ آسان قرضن جي فراهمي به غور هيٺ آهي. اڳئين مرحلي ۾ اهڙن شعبن کي امداد ڏني ويندي جيڪي ڪورونا سبب متاثر ٿيا آهن، ان سان لکن جي تعداد ۾ ننڍن واپارين ۽ صنعتن کي فائدو ٿيندو