ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ 13328 ٿي ويو 281 فوت

نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي تشخيص جو سلسلو جاري آهي. جنهن بعد وائرس متاثرين جو تصديق ٿيل انگ 13328 ٿي ويو، جڏهن ته ان مان 3029 ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جي انگن اکرن مطابق ڪورونا وائرس سبب هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 12 ماڻهو پنهنجي جان وڃائي ويٺا، جنهن کانپوءِ فوت ٿيلن جو انگ 281 ٿي ويو آهي