خاص

منافعي خورن ۽ ذخيرا اندوزن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

سنڌ حڪومت صوبي ۾ منافعي خورن ۽ ذخيرا اندوزن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو آهي. زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته صوبي ۾ وڌيڪ اگهه وٺندڙن خلاف دفعه 2008 سيڪشن 7 اي تحت ڪارروائي ٿيندي. ذميوار آفيسرن کي منافعي خورن ۽ ذخيرا اندوزي ڪندڙن خلاف فوري ڪارروائي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. صوبي جا سمورا ڊپٽي ڪمشنر، ايڊيشنل ڊي سي، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار پرائس مئجسٽريٽ جا فرض انجام ڏيندا. سڀني پرائس مئجسٽريٽن کي واڌو قيمتون وصول ڪندڙن خلاف ڇاپا هڻڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن. هن چيو ته صوبي ۾ سپلاءِ پرائسز جي 119 انسپيڪٽرن جون پرائس مئجسٽريٽن سان ڊيوٽيون لڳايون آهن. ڪراچي ۾ 28 سپلاءِ بيورو جا آفيسر پرائس مئجسٽريٽن سان گڏجي منافعي خورن خلاف ڪارروائي ڪندا. سنڌ جي ضلعن ۾ مانيٽرنگ ۽ شڪايتي سيل قائم ڪيا ويا آهن، جيڪي روزانو رپورٽ ڏيندا. هن چيو ته رمضان جي پهرين ڏينهن ئي منافعي خورن ۽ ذخيرا اندوزن خلاف شڪايتون مليون. ميون ۽ ڀاڄين جا دڪاندار ريٽ لسٽون ساڻ رکن، لسٽون نه هجڻ جي صورت ۾ ڏنڊ وڌا ويندا