خاصنئون

نمرتا ڪيس، ٽي ملازم معطل، 4 برطرف

چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا جي موت واري واقعي بعد وائيس چانسلر پاران چئن ملازمن کي معطل ۽ ٽن ملازمن کي برطرف ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي حراست هيٺ ٻن ملزمن جا موبائل فون فورنزڪ لاءِ ايف آءِ اي موڪليا ويا آهن. معطل ٿيندڙ ملازمن ۾ سينئر ڪلارڪ حسين شاهه، جونيئر ڪلارڪ روزينا، چوڪيدار خان محمد، اڪبر تنيو ۽ برطرف ٿيندڙن ۾ گرلز هاسٽل جي فيميل وارڊن مسمات عاصمه، مسمات حسنه ۽ مسمات ناديه شامل آهن.