(ھڪ معمولي گهر… جنهن ۾ ٽڙيل پکڙيل سامان پيل. کُليل دريءَ مان چانڊوڪي ليئا پائي رهي آهي. ڪمري ۾ اونداهيءَ جو راڄ آهي. دريءَ جي سامهون هڪ بي جان عورت بيٺي آهي، جا گگھه اوندهه ۾ سوچ جا گهوڙا ڊوڙائي رهي آهي. سندس هٿ ۾ ٻريل ميڻ بتي آهي. هُوءَ ٿڙڪي رهي آهي. ڪجھه لمحن کانپوءِ گهر جي دالان مان ھڪ مرد ظاهر ٿئي ٿو.)
عورت: ڇا توکي ٻڌڻ ۾ آيو؟
مرد: تون ھيڏانھن ويجهو اچ.
عورت: ڇا توکي واقعي به ٻُڌڻ ۾ نه آيو؟
مرد: تون ڇا ٿي چوين؟
عورت: هو ٻاهر ناڪابندي ڪري رهيا آهن.
مرد: ڪٿي؟
عورت: هتي، پنهنجي گهٽيءَ ۾.
(ڳپل سمي تائين ته سندن اکيون ڇنبڻ وساري ويهن ٿيون- مرد جو چهرو زرد ٿي وڃي ٿو. هُو دريءَ ڏانھن وڃي ٿو. عورت بي جان صورت ۾ ٿڙڪي رهي آهي، پر سندس اکيون مرد تي کُتل آهن ۽ اُن (مرد) جي رد عمل کي جاچين پيون.)
مرد: ۽ ٻارن جو ڇا ٿيندو؟ تو کانسواءِ انهن جي سنڀال ڪير ڪندو!
عورت: هي عمل ته ٻارن کان به گھڻو عظيم آهي.
مرد: جيڪر هُو مري وڃن ته پوءِ؟
عورت: جيڪر هو ڪنهن “سبب” جي ڪري مري وڃن ته پوءِ؟
مرد: ڇا سچ پچ اهي لفظ تنهنجا آهن؟ مون کي يقين نٿو اچي ته اهي لفظ ان امڙ جا آهن، جنھن پنھنجي سڄي ڄمار ٻارن جي سارسنڀال ۾ گذاري آهي. هي اها ئي امڙ آهي، جنهن جا ڏينهن ۽ راتيون پنهنجن ٻچن جي اون ۾ گذريا هجن!
عورت: اڳي برابر ائين هو، ھاڻ ائين نه آھي.
مرد: تو ۾ اچانڪ اهڙي تبديلي ڪيئن آئي آهي؟
عورت: ائين جيئن تو ۾ آئي آهي. مون کي مستقبل چِٽو نظر اچي رهيو آهي.
مرد: ڇا تون مون سان گڏ هلڻ چاهين ٿي؟
عورت: ها!
(ساهي…)
مهرباني ڪري ناراض نه ٿجانءِ. اڄ رات جنهن مهل هٿوڙن ۽ ڪهاڙين جا ٽڙڪاٽ هئا… تون اڃان تائين گهري ننڊ ۾ هئين… ۽ ان پل ئي اچانڪ مون سمجهي ورتو ته منهنجو وَرُ، منهنجا ٻارَ ۽ ٻيون سڀ شيون عارضي آهن… مون کي توسان بيحد محبت آهي. (هوءَ سندس هٿ کي ٻيهر قابو ڪري ٿي.) ٻاهر هٿوڙن جا آواز نٿو ٻُڌين؟ هُو هر شيءِ کي چيري، ڦاڙي ۽ ڊاهي رهيا آهن. گهڻيون ئي ديوارون ڦهڪو ڪرڻ واريون آهن… ڌرتي تبديل ٿي رهي آهي… وطن آزاد ٿي رهيو آهي… اجهو، هيءَ اها ئي خوشنصيب رات آهي، مون کي ته ائين لڳي ٿو، باک ڦُٽڻ واري آهي! آئون هن وقت ٻٽيھه ورهين جي آهيان، لڳي ائين ٿو ته وقت کان اڳ پوڙهي ٿي چڪي آهيان. تون منهنجي چهري مان ان ڳالھه جو اندازو لڳائي سگهين ٿو. تنهن هوندي به، اڄ رات آئون پاڻ کي سترھن سالن جي نوجوان ڇوڪري سمجهان ٿي… ائين لڳي ٿو ته زندگيءَ ۾ مون پهريون ڀيرو محبت اڄ ڪئي آهي… هي اُها عظيم ۽ بي انت محبت آهي، جا اونداهي آڪاس کي روشن ڪرڻ جي سگھه رکي ٿي.
مرد: ائين ٿو لڳي ته شهر اڳ ئي ختم ٿي، مري چڪو آهي. تون صحيح آهين. آئون پڻ خود کي اڄ ٻار لڳان ٿو.
عورت: هٿوڙن ۽ ڪهاڙين جو آواز مون کي مڌر موسيقي جيان لڳي ٿو. هي اهائي موسيقي آهي، جنهن جو مون ازل کان خواب لڌو آهي. آئون نٿي ڄاڻان، اها ڪهڙي شيءِ هئي، جنهن سان مون بيحد محبت ڪئي هئي. اها ڪهڙي شيءِ هئي، جنهن مون کي روئڻ، ٽهڪ ڏيڻ ۽ گُنگنائڻ سيکاريو هو. اي منهنجي پياري آزادي! اها شيءِ تون ئي آهين. مون کي پنهنجي ڀونءِ تان متان ڌڪارجانءِ! مون کي انهن سان گڏ مرڻ ڏي، جي تنهنجا گيت ڳائي رهيا آهن، جي تنهنجي ڪارڻ پتنگن جيان قربان ٿي رهيا آهن، جي مستقبل کي بيباڪيءَ ۽ بهادريءَ سان پُڪاري رهيا آهن، جي ماضيءَ جي (شاندار) مُڙدي کي قبر مان اُٿاري رهيا آهن.
مرد: (حيران ٿيندي) “وقت” نالي اهڙي ڪابه شيءِ نه آھي.
عورت: مطلب؟
مرد: سج اڀري ٿو ۽ لهي ٿو… گهڙيال جي گول چڪري جي چوڌاري هٿ ڦِري ٿو، پر منهنجي جان! وقت جو ڪوبه وجود نه آھي. اھو فريب آهي. تون ڪير آهين؟ آئون توکي سڃاڻان نٿو. ڇا تون انسان ذات آهين؟
(عورت وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي ٿي. هوءَ سچ پچ به اڄ سترھن سالن جي ڇوڪِري لڳي ٿي.)
عورت: مون کي پڻ تو بابت پتو نه آھي. ڇا تنهنجو به انسان ذات سان تعلق آهي؟ اھا ڪيڏي نه عجيب ۽ خوبصورت ڳالھه چئبي، جو ٻه انسان ھڪٻئي جي آڏو بيٺا آهن.