بلاگنئون

ايڊيپس ريڪس يوناني ناٽڪ: چوٿون منظر

ايڊيپس: (عوام کي مخاطب ٿيندي) ڌيانَ سان ٻُڌو ته مان هِنَ ڌنار کي نه ٿو ڄاڻان، پر مان سمجهان ٿو اهو شخص جيڪو هيڏانهن اچي رهيو آهي، اهو ڌنار ئي آهي. هي اسان جي پراڻن دوستن وانگر لڳي رهيو آهي ۽ هُن کي جيڪو وٺي اچي رهيو آهي اهو منهنجو ملازم ٿو ڏسجي، پر هاڻي مون کي ٻڌايو ته هي اهو ئي شخص آهي يا نه؟ جيڪڏهن توهان هُنَ کي پهريِن ڏٺو هجي.

ڌنار دربار ۾ داخل ٿئي ٿو.

ڪوراگوز: مان هِنَ کي سڃاڻان ٿو. هي بادشاهه لوئيس جو نوڪر هو. هي بادشاهه جي اعتماد وارو ماڻهو هو.

ايڊيپس: قاصد کي مخاطب ٿيندي چيو، سڀ کان پهرين اهو ٻڌائي ته ڇا هي اُهو ڌنار آهي جنهن جي باري ۾ اسان ڳالهائي رهيا هئاسين؟

قاصد: جي بلڪل هي اهو شخص آهي جنهن بابت اسان ڳالهائي رهيا هئاسين.

ايڊيپس: (ڌنار کي مخاطب ٿيندي چيو) هيڏانهن اچ. مون ڏانهن نهار، پنهنجون نظرون نه ڦيرائي. تون مون کي هر سوال جي جواب ڏيڻ جو پابند آهين. ڇا تون لوئيس جو غلام هئين؟

ڌنار: جي بلڪل مان ڄمندي ئي غلام رهيو آهيان.

ايڊيپس: تون پنهنجي ڪم جي باري ۾ ٻڌائي ته تون ڪهڙي قسم جو ڪم ڪندو هئين.

ڌنار: مان پنهنجي زندگي جو گهڻو حصو ڌنار ٿيڻ ۾ گذاريو. مان ڌناري ڪئي آهي.

ايڊيپس: تون ڪهڙي علائقي ۾ رڍون چاريندو هئين؟ ڪهڙي جڳهه تي گهڻو ويندو هئين؟

ڌنار: مان ڪڏهن ڪڏهن ڪٿرِيون ۽ ڪڏهن ويجهن پهاڙي علائقن ۾ رڍون چاريندو هئس.

ايڊيپس: ڇا تون هِنَ شخص (قاصد) کي ڪڏهن ڪٿرِيون ۾ ڏٺو هو؟

ڌنار: هي شخص هوڏانهن ڇو ويندو.

ايڊيپس: ڇا توهان هِنَ کي پهرين ڪڏهن ڏٺو آهي؟

ڌنار: نه ڪڏهن به نه، مون کي نٿو ياد اچي ته مون هن کي ڪڏهن ڏٺو آهي.

قاصد: (ايڊيپس کي مخاطب ٿيندي) منهنجا مالڪ! اها ڪا حيرت جي ڳالهه ڪونهي، مان هن کي ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندس. هن کي ضرور ياد هئڻ گهرجي ته مون ۽ هن ڌنار ٽي موسمون گڏ گذاريون آهن، مارچ کان وٺي سيپٽمبر تائين ڪٿرِيون ۾. هِنَ وٽ ٻه ڌڻ هوندا هئا جڏهن ته مون وٽ هڪ ڌڻ هوندو هو. هرمند جي پڇاڙيءَ ۾ مان پنهنجو ڌڻ گهر ڪاهي ويندو هئس، جڏهن ته هي پنهنجو ڌڻ بادشاهه لوئيس جي رڍن واري وٿاڻ ڏانهن ڪاهي ويندو هو. ڌنار هئڻ جي ناتي جيڪو ڪجهه مون چيو آهي، ڇا اهو سچ ناهي؟

ڌنار: هائو، اهو بلڪل سچ آهي، پر اها ته تمام پراڻي ڳالهه آهي.

قاصد: چڱو هاڻي هاڻي ياد ڪر ته اُنَ وقت تون هڪ ننڍو ٻار کڻي آيو هئين، جيڪو تو مون کي چيو هو ته تون هِنَ کي پنهنجي ٻار وانگر نِپائجانءِ؟

ڌنار: جيڪڏهن مون ڏنو ته ڇا ٿي پيو؟ تون ڇا ٿو ثابت ڪرڻ چاهين؟

قاصد: اُهو ننڍو ٻار هاڻوڪو بادشاهه ايڊيپس اٿئي.

ڌنار: لعنتي! تون ڪوڙ ٿو هڻين. پنهنجي زبان کي لغام ڏي ٻيهر اهڙي ڳالهه هرگز نه ڪجانءِ.

ايڊيپس: هِنَ مسئلي کان پري نه ڀَڄُ. هاڻي تون سچ ڳالهائڻ لاءِ پابند آهين، هاڻي تنهنجي هِڪَ به نه هلندي.

ڌنار: منهنجا بادشاهه سڳورا! منهنجا ڌڻي!! ڇا مون ڪجهه اوهان کي رنجايو آهي؟

ايڊيپس: تو هِنَ شخص جي سوال جو جواب ناهي ڏنو، جيڪو هن ٻار جي متعلق توکان پڇيو ويو هو.

ڌنار: منهنجا آقا! هي نٿو ڄاڻي ته هي ڪيتري هيبتناڪ راز کي کولڻ ٿو چاهي، جنهن جي پڌري ٿيڻ سان وڏي تباهي ٿيندي.

ايڊيپس: هاڻي ويجهو اَچُ ۽ سڌي ڳالهه ٻڌائي، نه ته تون تمام گهڻو پڇتائيندين.

ڌنار: مان خدا جي واسطي اوهان کي عرض ڪيان ٿو ته منهنجي پوڙهي ۽ هيڻي جسم تي رحم کائو.

ايڊيپس: (هڪ ملازم کي مخاطب ٿيندي سڏ ڪيو) هيڏانهن اچ ۽ هِنَ جا هَٿَ پوئتي ورائي ٻَڌِي ڇڏ.

ڌنار: منهنجا بادشاهه ٻيو تون مون کان ڇا معلوم ڪرڻ چاهين ٿو؟

ايڊيپس: ڇا توهان هِنَ شخص (قاصد) کي ٻار ڏنو هو، جنهن جي باري ۾ هي ڳالهه ڪري رهيو آهي؟

ڌنار: مون بلڪل به هِنَ کي ٻار ڏنو هو ۽ اي خدا! ڪاش مان انهيءَ ڏينهن ئي مري وڃان ها.

ايڊيپس: تون هاڻي ضرور مرندين، جيڪڏهن تون سچ نٿو ڳالهائين ته.

ڌنار: انهيءَ سچ ڳالهائڻ کان موت هزار دفعا بهتر آهي.

ايڊيپس: چڱو، مطلب ته تون جواب ڏيڻ کان نٽائي رهيو آهين.

ڌنار: نه، مون ته اڳ ۾ توکي ٻُڌائي ڇڏيو آهي ته مون هن کي ٻار ڏنو هو.

ايڊيپس: توکي اهو ٻار ڪٿان مليو هو؟ ڇا تون هُنَ کي پنهنجي گهر مان کڻي آيو هئين يا ڪنهن ٻئي جڳهه تان؟

ڌنار: اهو مان پنهنجي گهر مان نه کڻي آيو هئس، پر مون کي ٻئي ڪنهن اهو ٻار ڏنو هو.

ايڊيپس: ڇا اهو ماڻهو هتي موجود آهي جنهن اهو ٻار تنهنجي حوالي ڪيو هو؟ ڇا تون ٻڌائي سگهين ٿو ته اهو غلام ڪير هو؟

ڌنار: خدا جي واسطي منهنجا دلبر مون کان هاڻي وڌيڪ اهڙا سوال نه پُڇُ.

ايڊيپس: مان توکي ماريندس جيڪڏهن تو حقيقت نه ٻڌائي ته.

ڌنار: نه، پوءِ ته مان توهان کي هر ڳالهه ٻڌايان ٿو. اهو ٻار مون کي بادشاهه لوئيس جي محل مان مليو هو.

ايڊيپس: ڇا اهو ڪنهن غلام جو ٻار هو؟ يا اهو ٻار بادشاهه جي پنهنجي خاندان مان هو؟

ڌنار: الا!! هاڻي انهيءَ سوال جي جواب ڏيڻ لاءِ مون کي اوهان کي هڪ ڀيانڪ سچ ٻڌائڻو پوندو.

ايڊيپس: ۽ اهو ڀيانڪ سچ ٻڌڻ لاءِ مان بيچين آهيان. هاڻي اهو سچ ته مان ضرور ٻڌندس.

ڌنار: مان اوهان کي ضرور ٻڌايان ٿو. مون کي اِنَ ٻار جي حوالي سان اهو ٻڌايو ويو هو ته هو بادشاهه لوئيس جو ٻار آهي ۽ انهيءَ معاملي ۾ اوهان جي زال وڌيڪ ٻڌائي سگهي ٿي ته اهو انهن جو ٻار هو يا نه.

ايڊيپس: منهنجي زال، ڇا هُنَ توکي اهو ٻار ڏنو هو؟

ڌنار: منهنجا آقا، بلڪل اوهان جي زال ئي مون کي اهو ٻار ڏنو هو.

ايڊيپس: ڇا تون ڄاڻين ٿو ته ان توکي اهو ٻار ڇو ۽ ڇا لاءِ ڏنو هو؟

ڌنار: مون کي اهو چيو ويو هو ته اسان کي هن ٻار کان ڇوٽڪارو ڏيار.

ايڊيپس: ڪيڏي نه ذليل ماءُ هئي.

ڌنار: هُنَ مون کي ٻار انهيءَ ڪري حوالي ڪيو هو ته انهن کي چيو ويو هو ته هِنَ ڇوڪري جي ڄمڻ سان اوهان جي تباهي ۽ توهان جي ريت جو زوال ايندو. اها سڄي ڪهاڻي هڪ اڳڪٿي تي رٿيل هئي.

ايڊيپس: اڃان به کولي ٻڌائي مان تنهنجي زباني ٻڌڻ ٿو چاهيان اها اڳڪٿي ڪهڙي هئي.

ڌنار: اُنَ ٻار بابت اهو چيو ويو هو ته هي نڀاڳو ٻار پنهنجي پيءُ جو قتل ڪندو ۽ پنهنجي ماءُ سان شادي ڪندو.

ايڊيپس: پوءِ تو اهو ٻار اُنَ پوڙهي شخص (قاصد) جي حوالي ڇو ڪيو؟

ڌنار: منهنجا مالڪ مون کي ان ٻار جي مٿان ترس آيو. مون اِهو سوچيو ته هي ماڻهو هِنَ کي هتان گهڻو پري کڻي ويندو، جنهن جي نتيجي ۾ ان معصوم ٻار جي زندگي بچي پوندي، پر ڪنهن کي خبر ته اهو ٻار هِنَ گهڙيءَ تائين زنده رهندو. جيڪڏهن اهو ننڍو ٻار (ايڊيپس) تون آهين ته پوءِ مان دعويٰ سان چوان ٿو ته تون دنيا جو منحوس ترين ۽ بدبخت انسان آهين.

ايڊيپس: آهَه! او خدا!! مطلب ته سڀ اڳڪٿيون منهنجي متعلق سچيون ٿيون، سو مان هاڻي ڪڏهن به هدايت نٿو حاصل ڪري سگهان هاڻي مان شرمسار ۽ دنيا جو بدقسمت انسان آهيان. ايڊيپس مان پنهنجي ڄمڻ تي لعنت وجهان ٿو مان پنهنجي هر فعل ۾ شرمنده آهيان مون ڪيڏا نه ڪريِل عمل ڪيا آهن.

اهو چئي ايڊيپس محل ۾ وڃي ٿو. ان گهڙيءَ ٻيو قاصد محل ۾ اچي ٿو.

ٻيو قاصد: اي ٿيبس جا معزز شهري! اي ٿيبس جا بزرگ! مان توهان سان مخاطب آهيان، توهان کي هاڻي ڪجهه خوفناڪ ڏسڻو ۽ ڪجهه ڀيانڪ ٻڌڻو پوندو. توهان کي وڏيون ڏُکَ ڀَريون شيون ٻڌڻيون پونديون جيڪڏهن اوهان پنهنجي ملڪ سان پيار جو جذبو رکو ٿا يا پنهنجي ملڪ جي بادشاهه جي خاندان سان پيار ڪيو ٿا. هاڻي مان سمجهان ٿو ته ان ڪبيري گناهه کي ڪابه شيءِ پاڪ نٿي ڪري سگهي، پر ٻه درياءَ اسٽروس ۽ فيزِز به انهيءَ سنگين جرم کي نٿا ڌوئي سگهن ۽ اسان اُهي ئي آهيون جنهن پنهنجي مٿان پاڻ عذاب ڪيرايو آهي.

ڪوراگوز: صحيح ٿا چئو دوست! اسان اڳ ۾ ڪافي ڏُکن جو شڪار ٿي چڪا آهيون. توهان وري ڪهڙا نوان ڏُک کڻي آيا آهيو؟

ٻيو قاصد: راڻيءَ (جوڪاسٽا) جو موت ٿي چُڪو آهي.

ڪورس: جوڪاسٽا؟ مري وئي؟ پر ڇا ٿيو، اُنَ کي ڪنهن ماريو؟

ٻيو قاصد: راڻيءَ خودڪشي ڪئي آهي. توهان کي اها هرگز خبر نه پوندي ته هُنَ ڪهڙي خوف جي ڪري اهو سڀ ڪجهه ڪيو، ڇاڪاڻ ته توهان اهو سڀ ڪجهه نه ڏٺو آهي، پر مون ڏٺو. مان ڪوشش ڪيان ٿو ته اوهان کي هر شيءِ صاف صاف ٻڌايان ته راڻيءَ جو موت ڪيئن ٿيو. راڻي اسان جي بحث کي ڇڏي، راڻي اسان کي هڪ خاموش ۽ تجسُس واري ماحول ۾ ڇڏي پنهنجي اڪيلائي واري ڪمري ڏانهن وئي ۽ پنهنجي ڪمري ۾ پنهنجا وارَ پٽڻ لڳي. اُنَ کانپوءِ هُنَ ڪمري جو دروازو بند ڪيو ۽ پنهنجي مئل مُڙس لوئيس جي بستر جي ڀرسان بيٺي، پوءِ ۽ تنھن کانپوءِ هُوءَ زور سان ڪُوڪُون ڪرڻ ۽ شديد روئڻ لڳي ۽ اِنَ سان گڏ پنهنجي مرهيات مُڙس کي سَڏي رهي هئي، راڻيءَ جا رانڀاٽَ ٻاهر تائين اچڻ لڳا. اُنَ کانپوءِ هُوءَ پنهنجي ٻي شاديءَ کي پٽڻ لڳي ته منهنجو پُٽ منهنجو مُڙس ڪيئن پئي ٿي سگهيو؟ مطلب ته راڻي تمام وڏي پِيڙا ۾ هئي. پوري دنيا جا ڏُک اُنَ مٿان پئي وَريا، پر مان يقين سان نٿو ٻڌائي سگهان ته سندس موت ڪيئن ٿيو؟ ڇاڪاڻ ته سندس رڙِين تي ايڊيپس اچي ويو هو جنهن اسان کي اندر اچڻ جي اجازت نه ڏني. ايڊيپس در وٽ وڏي ڪاوڙ ۾ موجود هو. پوءِ ايڊيپس اسان مان هرهڪ کان تلوار وٺڻ لاءِ عرض ڪيو ۽ پنهنجي زال تي لعنت وجهي رهيو هو ته اها سندس زال نه هئي ۽ هُو ان عورت جي پيٽ مان ئي ڄميو هو ۽ ان مان وري ٻيا ٻار به ايڊيپس جي ذريعي ٿيا هئا. اسان مان ڪنهن به هُن کي تلوار نه ڏني. راڻيءَ جي ڪمري جو در پوري سختيءِ سان بند ٿيل هو، جنهن کي ايڊيپس ڪافي طاقت سان ٽوڙيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ در جا بولٽ اُکڙي ويا هئا. پوءِ اسان ڏٺو ته راڻيءَ جو لاش ٽنگيل هو، جيڪو لُڏي رهيو ۽ سندس ڪَنڌَ ۾ ڦاهو ٻڌل هو. بادشاهه پنهنجو ڪنڌ هيٺ ڪري هڪ وڏي رڙ ڪئي. ڪاش! مان سڀ ڪجهه وساري ويهان ها. ايڊيپس تمام گهڻي پريشاني جي عالم ۾ هو هُنَ شهزادِي جي خوبصورت وارن جي مُڙهي مان پِنون (ٽاچڻيون) پَٽيِون. بادشاھ انهيءَ پِنُنِ کي پٽِي سِڌيون پنهنجي اکين ۾ ٽُنبيون ۽ مسلسل ٽُنبڻ ۽ پنهنجو پاڻ تي حملا ڪرڻ لڳو، اي منهنجيون اکيون! توهان ڪيڏيون نه بدنصيب آهيو جو مون کي دنيا جا اهي ڏُکَ رَنجَ ڏيکاري رهيون آهيو جيڪي منهنجي بُري عمل ۽ بدفعلي جو نتيجو آهن. توهان دنيا جا سڀ چهرا ڏٺا آهن، پر مون کي پنهنجي ناجائز ٻارن جا چهرا هرگز نه ڏسڻ گهرجن ها، پر اڄ کانپوءِ توهان بلڪل به اونداهي جي گهِيري ۾ اچي وينديون، توهان ڪنهن به شيءِ کي ڏسڻ جي قابل نه رهنديون. اهي لفظ چئي هُن وري ٻيهر پنهنجين اکين کي انهن پِنُنِ سان رَتو رَتُ ڪري ڇڏيو ۽ بار بار ٽاچڻيون اکين ۾ ٽُنبڻ لڳو. انهيءَ نتيجي ۾ هُنَ جي اکين مان رت ڦوهارا ڪري وهڻ لڳو. سندس اکين وارا پيالا مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪا هئا ۽ رت هُنَ جي ڏاڙهيءَ تي مينهن وانگر وسي رهيو هو. مسلسل رت وهڻ جي ڪري هُنَ جي ڏاڙهيءَ تي رَتَ جا دُٻا ٺهي ويا هئا. اهي ٻن ماڻهن، مرد ۽ عورت جا ڏُک هن مٿان لعنت ۽ هن جي بربادي جو سبب بڻيا. انهيءَ نتيجي ۾ ليبڊيڪس جي پراڻي محل واري سڀني خوشين جو انت ٿئي ٿو. مطلب شاهي خاندان جي سڀني خوشين جو آخري ڏينهن ٿي ويو. سڀني خوشين جو اختتام ڏُکن جي ڳوڙهن ۽ شرمندگيءَ سان ٿي ويو، اهڙيءَ ريت هڪ شاهي خاندان جو زوال ٿيو. اهڙي طريقي سان بادشاهه ۽ راڻيءَ دنيا جون سڀ ذلتون کنيون جيڪي پوري انساني تاريخ ۾ ڪنهن به ڪڏهن نه کنيون هونديون.

ڪوراگوز: ڇا هُو اڃان اهڙي سُور واري حالت ۾ آهي؟ ڇا ان کي ڪا راحت يا سڪون آهي؟

ٻيو قاصد: ڇا هُو ڪنهن کي سڏي رهيو آهي جيڪو هُنَ کي ٻاهر وٺي وڃي ۽ پوري عوام کي ان جو تماشو ڏيکاري ته هو اهو شخص آهي جنهن پنهنجي پيءُ جو قتل ڪيو ۽ پنهنجي ماءُ سان شادي ڪئي. ڪاش! مان اهي لفظ نه چوان ۽ هاڻي هي چوي ٿو ته هُو پنهنجي پاڻ کي ٿيبس شهر مان نيڪالي ڏيندو جيئن هُو هيءُ گندو عمل شهر کان پري کڻي وڃي. هُو تمام ڪمزور ٿي چڪو آهي ۽ ڪوبه هُنَ کي وٺي وڃڻ لاءِ تيار ناهي. هُو شديد تڪليف ۽ غم ۾ آهي. هاڻي ڏسو دَرَ پاڻهي کُلي رهيا آهن. ٿوري دير کانپوءِ توهان دل ڏاريندڙ شخص کي ڏسندو جنهن تي اوهان جون دليون ڦاٽي پونديون ۽ اوهان کي اُنَ تي تَرسُ ايندو.

ڪوراگوز: واقعي ئي اهو لقاءُ ماڻهن جي ڏسڻ لاءِ ڀوائتو هوندو. منهنجين اکين به اڄ کان پهرين اهڙو ڊيڄاريندڙ منظر ناهي ڏٺو. ايڊيپسَ ڪهڙي چريائپ يا شيطان اوهان تي اهڙو قهر ڪيرايو آهي جيڪو ماڻهو جي برداشت جي حد کان ٻاهر آهي. منهنجي خواهش هئي ته توکان سوال پُڇان، پر مان نٿو پُڇي سگهان، پر مان ته اوهان کي ڏسي ڪري ڏڪان ٿو.

ايڊيپس: او خدا! جيڪو قهر مون مٿان نازل ٿيو آهي ڇا دنيا ۾ ان کان وڏو ڪو گناهه يا عذاب ٿي سگهي ٿو؟ مان دنيا ۾ ڪهڙي هنڌ پناهه وٺان؟ اي خدا! مان بلڪل به نٿو ڏسي سگهان. هاڻي مان ماڻهن کي هرگز به نٿو ڏسي سگهان. خدا مون کي ڪيڏي نه وڏي سزا ڏني اٿئي.

ڪوراگوز: توکي ڏسڻ سان به ڊپ پيو لڳي، پر سوچڻ سان به جسم ڪانڊارجي پيو وڃي.

ايڊيپس: اي اونداهي جا سدائين رهندڙ ڪَڪَرَ! منهنجي قسمت ئي مون کي اڄ هن مقام تي پهچايو آهي. اي خدا! منهنجي هن تڪليف کان به اهي پراڻيون ڳالهيون ڪافي اذيتناڪ آهن جن کي چاهيندي به مان وساري نه سگهندس، جن کي چاهيندي به مان وساري نه سگهندس.

ڪوراگوز: اها حيرت جي ڳالهه ناهي. تون تڪليف ۾ ڪِنجهي رهيو آهين ۽ ساڳئي وقت پَڇتائي به رهيو آهين.

ايڊيپس: آهَه! منهنجا دوستَ! ڇا تون اڃان به مون سان وفادار آهين؟ ڇا تون اڃان به منهنجو خيال رکندين، هڪڙي انڌي مريض جو جيئن خيال ڪيو وڃي ٿو؟ پر جيئن ته مان اَنڌو ٿي ويو آهيان جنهن جي ڪري مان اوهان جو چهرو به نٿو ڏسي سگهان، پر مان اوهان جو آواز به نٿو سڃاڻي سگهان توهان ڪير آهيو؟

ڪوراگوز: آهَه! ڪيڏو نه ڀيانڪ عمل آهي (پنهنجون اکيون ڪڍڻ) خدا جي تو مٿان ايتري ڪاوڙ هئي جو اوهان پاڻ آپي مان نڪري، پنهنجين اکين کي وڃائي ڇڏيو.

ايڊيپس: اهو اپولو هو، منهنجا پيارا ٻاروئو! اهو اپولو ئي هو جنهن منهنجي مٿان هي نڀاڳ آندو، پر جنهن هٿن مون کي انڌو ڪيو اهي منهنجا پنهنجا هٿ هئا، پر مان هي پنهنجي چوڌاري ۽ پنهنجي عوام جي وچ ۾ حراس ۽ وحشت کي ڪيئن ڏسي پئي سگهيس؟ ۽ مون ۾ ڏسڻ واري سگهه نه هئي. سو تنهن جي ڪري مون پنهنجو پاڻ کي انڌو ڪري ڇڏيو.

ڪوراگوز: هاڻي جيڪو به تنهنجي اڳيان آهي اهو سڀ سچ ۽ حقيقت آهي.

ايڊيپس: هاڻي ڪجهه به ناهي بچيو (دنيا جي ڪابه شيءِ مون کي سُکَ نه ڏئي سگهندي) نه ڪو پيار، نه ڪو دلاسو، نه وري پيارا ٻولَ، هاڻي منهنجو ڪجهه نه ٿيندو. پاڻي مٿي کان ٽپيِ چڪو آهي. هاڻي ڪوبه مون کي ٿيبس کان ٻاهر وٺي وڃڻ لاءِ تيار ناهي. هن (پنهنجي پاڻ کي گاريون ڏيندي) لعنتي ۽ برباد ٿيل ايڊيپس کي هِنَ شهر مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، ڇاڪاڻ هن کان ديوتا ايتري ته نفرت ۽ ڪِراهت ڪندا آهن جو متان مون هڪ جي ڪري پوري ٿيبس شهر تي عذاب نه اچي.

ڪوراگوز: تون پنهنجي تقدير جي باري ۾ چڱي طرح ڄاڻندو هئين. ڪاش تون ان کي ڳولهي نه لهين ها.

ايڊيپس: انهيءَ شخص تي به لعنت پوي جنهن منهنجن پيرن مان تارَ کولي هئي ۽ منهنجي حياتي بچائي هئي، ڪيتري نه واحيات ۽ عذاب واري زندگي آهي. ڪاش! مان ان وقت ئي مري وڃان ها ته مون کي بيحيائي، تباهي ۽ ذلت جيڪا مون پنهنجي مٿان پاڻ آندي، تَنھن جو وزن نه کڻڻو پوي ها؛ جنهن سان منهنجي چيلهه چٻي ٿي وئي آهي.

ڪوراگوز: منهنجي پڻ اها ئي خواهش هئي ته توهان ڄمڻ واري ڏينهن ئي مري وڃو ها.

ايڊيپس: ڪاش! مون پنهنجي پيءُ جو قتل نه ڪيو هجي ها ماڻهو مون کي منهنجي ماءُ جو مُڙس نه چون ها! مان اهوئي شيطاني ۽ پِٽِيل ٻار آهيان جنهن پنهنجي پيءُ جي بستري تي زنا ڪئي ۽ پنهنجو ڪِنُ اتي هاريو.

ڪوراگوز: مان نٿو ڄاڻان ته مون کي هِنَ مامري ۾ ڇا چوڻ گهرجي، پر مان ايترو چوندس ته موت توهان لاءِ بهتر هوندو بجاءِ زنده ۽ انڌي رهڻ جي.

ايڊيپس: مون کي هاڻي وڌيڪ مشورا نه ڏيو، جيڪا سزا مون پنهنجي پاڻ کي ڏني آهي، اهائي مون لاءِ ڪافي آهي. جيڪڏهن مون کي اکيون هجن ها ته مان ڪيئن پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جو مقابلو ڪيان ها. ڇاڪاڻ ته جيڪو مون ڪِريَلُ گناهه ڪيو آهي اُنَ جي لاءِ مان پنهنجي پاڻَ کي ٽنگي به ڇڏيان ته ڪا وڏي ڳالهه نه هئي ۽ ايئن ڪرڻ سان به مون کي سڪون نه ملي ها. اهو نه سوچجو ته جيڪي منهنجا ٻار آهن اهي مون کي پيارا آهن، اهي ٻار ڪڏهن به مون کي پيارا ڪونه ٿي سگهندا. نه هيءُ شهر جنهن جون ڀِتيون تمام اوچيون آهن، نه ئي ڪا پاڪ تصوير به منهنجي اکين کي ٿڌ پُڄائي سگهي ٿي. مان ايڊيپس ڪيڊمس جي سڀني ماڻهن کان اوچو پنهنجو پاڻ تي ملامت ۽ ذلت جا جبل ڪيرايا آهن، هاڻي مان هتان جي ڪنهن شيءِ مان به لطف نٿو وٺي سگهان. مان هڪ ذليل انسان جنهن جي ڪري خدا لوئيس جي گهر جي مٿان قهر جو عذاب ڪيرايو، جيئن مون کي هتان لوڌي ڪڍيو وڃي، جيئن مون کي انهيءَ گندي عمل جي سزا ملي، پر مان شرمندگي جي ڪري ڪنهن سان نظرون نٿو ملائي سگهان. مون پنهنجو ڪنڌ هيٺ جهڪائي ڇڏيو آهي. مان قسم ٿو کڻان ته مان پنهنجي ٻُڌڻ واري حس کي به ختم ڪري ڇڏيان ها، جيڪڏهن مون کي ڪنهن به روشني يا آوازَ جي سُڌَ پئي ها. اهڙي طريقي سان مان پنهنجي اونداهي ڀريلَ ڏُک ۾ محفوظ هجان ۽ ان کان به علاوه سڀني کان آجو ٿي پوان ها.

اي ڪيٿِريون (جبل)! جڏهن مون کي تو وٽ اڇلايو ويو هو تڏهن تو مون کي پناهه ڇو ڏني؟ مان اُنَ گهڙيءَ ڇو نه مري ويس؟ جيڪڏهن مان انهيءَ گهڙي مري وڃان ها ته منهنجي عزت جو جنازو نه نڪري ها ۽ پوري دنيا منهنجي مايوسي ۽ بيوسيءَ جو تماشو نه ڏسي ها. هئه مرد (پوليبس) ۽ ڪورِنٿ! مون توکي پنهنجي اباڻي شهر جيان پيار ڪيو ۽ توهان جي هڪ حسين ترين ٻار جي حيثيت سان رهيس، پر گناهه جو ناسُورُ سدائين منهنجي وجود ۾ رهيو. جنهن منهنجي ڄَمَ ۽ زندگيءَ کي خراب ڪري ڇڏيو.

اي اُهي ٽِواٽا! جيڪو جهنگ جي پڇاڙي ۽ اونداهي واديءَ وٽ موجود آهي، جتي مون ذليلَ پنهنجي پيءُ کي موت جي حوالي ڪيو. ڇا توکي اهو گناهه ياد ڪونهي جيڪو مون اُتي ڪيو ۽ اُنَ کانپوءِ به؟ جيئن مون هڪ گَندو وهانءُ ڪيو، جنهن جي ذريعي منهنجو جنم ٿيو، پوءِ وري اهو ساڳيو عمل مون پنهنجي ماءُ سان پنهنجي پيءُ جي بستري تي ڪيو. اهو فحاشي جو ڄار هو جنهن پيءُ، ڀائر، پُٽ، زالن ۽ سڀني کي پڪڙي هڪ ڪري ڇڏيو. انسان ذات جي تاريخ ۾ اهو سڀني کان غليظ ترين گناهه ڄاتو ويو. اهڙو گناهه جنهن جي باري ۾ هرگز نٿو ڳالهائي سگهجي، پر نه، خدا جي محبت جي واسطي مون کي هِنَ ٿيبس شهر مان ٿُڏي ٻاهر ڪڍو يا مون کي ماري سمنڊ جي تري ۾ اڇلائي ڇڏيو، جيئن انسان ذات منهنجي منحوس ۽ بيشرم وجود کان پري رهي. جيترو جلد ٿي سگهي مون کي هن شهر کان ٻاهر ڪڍِي ڇڏيو جيئن مان سدائين لاءِ هِنَ شهر کان پري ٿي وڃان. اچو ۽ مون کي وٺي هلو. مون کي ڇُهڻ کان هرگز نه ڊڄو، منهنجو گناهه ٻئي ڪنهن کي ڪجهه به نه ڪندو.

ڪرييون داخل ٿئي ٿو.

ڪوراگوز: اسان کي فيصلي ڪرڻ جو ڪوبه حق ڪونهي، پر ڪرييون ئي توهان جي تقدير لاءِ ڪو ٺاهوڪو فيصلو ڪندو. صرف ڪرييون ئي هينئر شاهي خاندان منجهان آهي جيڪو هاڻي اوهان جي جڳهه تي مُلڪ سنڀاليندو ۽ پوري شهر جا اختيار هُن وٽ هوندا.

ايڊيپس: افسوس، پر مان هُن کي ڪيئن عرض ڪري سگهان ٿو ته هُو منهنجي لاءِ ڪجهه ڪري ڇاڪاڻ ته مون اڳ ۾ ئي هُن سان بُرو سلوڪ ڪيو آهي؟

ڪرييون: مان هينئر اوهان تي چٿرون يا مذاق ڪرڻ لاءِ نه آيو آهيان. ملازمن ڏانهن مخاطب ٿيندي ڪرييون چوي ٿو، جيڪڏهن توهان وٽ هِنَ ماڻهو لاءِ عزت ناهي ته ٺيڪ آهي، پر خدا جي واسطي يا اپولو جي عظمت جي ڪري هِنَ کي ٻاهر وٺي وڃو ۽ هن گناهه جي گدلاڻ کي ڦاٽڻ کان پهرين کيس شهر مان ٻاهر وٺي وڃو نه ته هي ڌرتي، سج ۽ برسات هر شيءِ کي پنهنجي گدلاڻ سان گدلو ڪري ڇڏيندو. هِنَ کي ڪنهن ٻي جڳهه تي نه، پر سندس پنهنجي گهر ۾ ڇڏي اچجو ۽ جيترو جلدي ٿي سگهي ايترو جلدي کيس ڇڏي اچو، جيئن هن کي هِنَ تڪليف ۾ سندس پنهنجا ويجها مائٽ ئي ڏسي سگهن ته ساڻس ڪهڙو حشر ٿيو آهي.

ايڊيپس: توهان بلڪل به ٻاجهارا آهيو ۽ منهنجين غلطين کي نظر انداز ٿا ڪيو، پر مان خدا جي واسطي اوهان کي عرض ڪيان ٿو ته مان جيڪو توهان کان پڇان اُنَ جو جواب توهان پنهنجي دلچسپي سان ڏيو، منهنجيءَ مرضي سان نه ڏجو.

ڪرييون: تون ڇا چاهين ٿو ته مان تنهنجي لاءِ ڇا ڪيان؟

ايڊيپس: مون کي هن شهر مان جيترو جلدي ٿي سگهي نيڪالي ڏني وڃي.

ڪرييون: اهو مون کي پهرين ڪرڻ گهرجي ها، پر مان خدا جي رضا تي راضي رهيس.

ايڊيپس: خدا اسان کي حڪم ڏئي ٿو ته ان شخص کي قتل ڪيو جنهن پنهنجي پيءُ کي قتل ڪيو آهي. ۽ مان اهو لعنتي ماڻهو آهيان جنهن پنهنجي ئي پيءُ کي ماريو.

ڪرييون: ايئن ئي ڪرڻ گهرجي اهو هڪ عقلمندي وارو فيصلو آهي، پر هِنَ مايوسيءَ واري عالم ۾ ڪو درست فيصلو ڪرڻ ڏاڍو ڏُکيو آهي. اسان ڏسنداسين ته ڇا ڪري سگهجي ٿو.

ايڊيپس: ڇا توهان مون کي زنده رکي ڪري منهنجن گناهن کي وڌيڪ وائکو ڪرڻ ٿا چاهيو؟ ڇا توهان کي پهرين ئي خبر ناهي؟

ڪرييون: تون بلڪل به تيار آهين، هاڻي خدا جي پيغام کي غور سان ٻُڌ.

ايڊيپس: مان ضرور ٻڌندس، پر مان اوهان کي التجا ڪندس ته منهنجي مدد ڪيو، بجاءِ خدا کان پڇڻ جي. مان اوهان کي منٿ ڪيان ٿو ته مون کي غور سان ٻُڌو. محل جي اندر جيڪا عورت آهي اُها توهان جي ڀيڻ آهي. تون هُن جي تدفين پنهنجي مرضي مطابق ڪرائي سگهين ٿو، پر ڪرييون! خدا جي واسطي مون کي هتان پري وڃڻ ڏي. مون کي پنهنجي وجود جي گندگي هتان کان پري ڪيٿريون جي جهنگلي ۽ پهاڙي علائقن ۾ ڦِٽي ڪرڻ ڏي، اها جيڪا اڳئي ئي منهنجي ڪري ڪافي مشهور ٿي چڪي آهي، جتي منهنجي والدين جي طرفان مون لاءِ منهنجي قبر جو انتخاب ڪيو ويو. هاڻي مون کي وڃڻ ڏي ۽ مان هُتي پنهنجي والدين جي مرضي مطابق مرڻ ٿو چاهيان. مان ڄاڻان ٿو مان ڪنهن بيماري يا طبعي موت جي ذريعي نه مرندس. مون کي کي ڀيانڪ ڏيک ڏيکارڻ لاءِ منهنجي حياتي بچائي وئي هئي جيئن مان پنهنجي تقدير جو تماشو ڏسي سگهان. توهان مردن جي لاءِ فڪرمند نه ٿيو، اُهي ڪنهن به طريقي سان زندگي گهاري ويندا، پر منهنجي معصوم نياڻين جي پارتَ اَٿَو. اهي هميشه منهنجي جيءَ ۾ رهيون آهن ۽ ڪڏهن به مون کان جدا ناهن ٿيون. صرف اهو سهڪار مون سان ڪجو. ڇا توهان مون کي انهن کي ڇُهڻ ڏيندئو جيئن مان کين هٿ لاهي سگهان ۽ ساڻن گڏ روئي سگهان؟ جناب عالي (ڪرييون)! توهان اسان تي مهربان رهيا آهيو. جيڪڏهن مان انهن کي ڇُهندس ته مون کي اهو احساس ٿيندو ته اهي منهنجون پنهنجيون آهن جيئن مطلب پهرين هيئون جنهن مهل مون وٽ اکيون هُيون. انهي گهڙيءَ ايڊيپس جون ڌيئرون اينٽيگان ۽ اِسميني ملازم سان گڏ اچن ٿيون.

الا! اي خدا!! ڇا اهي روئڻ جا آواز منهنجين پيارين ڌيئرن جا آهن؟ ڇا ڪرييون کي منهنجي ڌيئرن تي ترس اچي ويو آهي جو هُو منهنجين ڌيئرن کي مون سان ملائڻ لاءِ مون وٽ وٺي آيو آهي؟

ڪرييون: جي بلڪل ايڊيپس، مان ڄاڻندو هئس، مون کي خبر هئي ته تون پنهنجي ڌيئرن سان پيار ڪندو هئين ۽ تون اڃان تائين به انهن کي پيار ڪرين ٿو.

ايڊيپس: خدا توهان تي رحم ڪري. تنهنجي هِنَ عظيم نرميءَ تي توهان کي رحمتن سان نوازي. هاڻ توهان جلدي ئي منهنجي ويجهو اچو جيئن مان توهان کي پنهنجي ئي هٿن سان ڇُهان. هاڻي هي هَٿَ توهان جي ڀاءُ جا هٿ آهن ۽ انهن هٿن ئي توهان جي پيءُ جو اکيون ڪڍيون آهن. منهنجيون پياريون ڌيئرون مون کي نه ئي ڄاڻ هئي نه ئي ڪو گمان هو ته مان انهيءَ عورت سان زنا ڪندس جنهن مون کي جنم ڏنو ۽ مان توهان لاءِ روئان ٿو. انڌي هئڻ جي باوجود به مان توهان لاءِ روئان ٿو جڏهن مون کي خيال اچي ٿو ته ماڻهو ڪيئن نه توهان کي حقارت سان ڏسندا جيسيتائين توهان زنده رهنديون. توهان جيڏانهن به وينديون، چاهي ڪنهن پارٽيءَ ۾ يا کڻي دعوتن ۾ يا ماڻهن جي گهرن ۾ وينديون، ماڻهو سدائين اوهان کي ڳوڙهن ٻوڙي، روئاڙي، زبردستي ڌڪاري ڪڍي ڇڏيندا. مون کي ضرور ٻڌائڻ گهرجي، پر اهو ڏاڍو مشڪل آهي، ڪوبه ماڻهو اوهان سان شادي نه ڪندو، جڏهن اوهان شادي واري عمر تي پهچندَيون. ڇاڪاڻ ته جيڪا لعنت منهنجي ٻارن تي ڪِري آهي اها تمام خراب آهي ڇا اها خراب ناهي؟

توهان کي ڪجهه به پريشان ڪرڻ لاءِ نه رهندو، توهان جي پيءُ پنهنجي پيءُ کي قتل ڪيو ۽ پنهنجي ماءُ سان شادي ڪئي ۽ انهي ماءُ مان اوهان کي پيدا ڪيو. اهي سڀ ڳالهيون ماڻهون توهان کي چوندا. ماڻهن جا طعنا ۽ تُنڪا اوهان جي زندگي زهر بڻائي ڇڏيندا. ڪير توهان سان شادي ڪندو؟ ڪوبه اوهان جو مُڙس نه بڻجندو. توهان پنهنجيون زندگيون صرف خالي خواب جيان گذارينديون. اي ڪرييون! مينوڪيِيس جا پُٽَ! هاڻي رڳو تون ئي منهنجي ڌيئرن جو پيءُ آهين. هي ڇوڪريون به اوهان جو پنهنجو خون آهن (توهان جي ڀيڻ جا ٻار آهن) منهنجن ڏُکن ۽ تڪليفن ۾ هنن کي ڪڏهن به شامل نه ڪجان. انهن تي ترس کائجان، ڇاڪاڻ ته هي معصوم ۽ گلاب جي گلن وانگر نازڪ شفاف آهن ۽ اوهان کان سواءِ هي بي يارو مددگار آهن. تون ئي هنن جو ساٿي ۽ عزيز آهين. منهنجا پيارا شهزادا! مون سان هٿ ملاءِ ته تون هنن جو ساٿ ڪڏهن به نه ڇڏيندي. ڪرييون پنهنجو ساڄو هٿ پڪڙي ٿو.

منهنجا ٻارئو! مان ڪافي ڪجهه چئي سگهان ٿو، جيڪڏهن اوهين مون کي سمجهي سگهو، پر توهان مون کي سمجهي نه ٿا سگهو. مان صرف اوهان لاءِ دعائون ۽ نيڪ خواهشون ئي پوئتي ڇڏي ويندس ته جيئن توهان پنهنجي پيءُ (ايڊيپس) کان خوشحال ۽ بهترين زندگي جي سَگهو.

ڪرييون: ڪافي ٿي ويو. تون اڳ ۾ ئي ڪافي روئي ۽ ٿڪجي چڪو آهين. هاڻي تون پنهنجي گهر ۾ وڃ.

ايڊيپس: مون کي وڃڻو پوندو، پر ايئن ڪرڻ مون لاءِ ڏاڍو ڏُکيو آهي.

ڪرييون: وقت هر ڏُک جي مرهم آهي.

ايڊيپس: پر تون موسان ضرور واعدو ڪر.

ڪرييون: چئو، جيڪا تنهنجي خواهش آهي مان اوهان لاءِ ڇا ڪري سگهان ٿو؟

ايڊيپس: مون کي ٿيبس کان پري موڪل.

ڪرييون: متان خدا :مون کي سگهه ڏئي انهي ڪم کي سرانجام ڏيڻ لاءِ.

ايڊيپس: خدا مون کان نفرت ڪري ٿو تنهنڪري ته توهان کي چئي رهيو آهيان.

ڪرييون: نه، خدا اوهان جي خواهش پوري ڪندو.

ايڊيپس: ڇا تون مون سان واعدو ڪرين ٿو؟

ڪرييون: مان اوهان سان واعدو نه ٿو ڪري سگهان، ڇاڪاڻ جو مون کي خدا جي فيصلي جي خبر ناهي.

ايڊيپس: پوءِ اچ مون کي اندر وٺي هل.

ڪرييون: هاڻي ئي اچو، ۽ پنهنجي ٻارن کي ڇڏيو.

ايڊيپس: نه، انهن کي مون کان  جدا نه ڪيو، مون بيوس انسان تي ڪجهه ترس کائو.

ڪرييون: تون هاڻي اهو نه سوچ ته تون اڃا بادشاهه آهين، پر اهو سوچ ته ڪيئن تو پنهنجي بربادي ڪئي.

ڪوراگوز: اي ٿيبس جي عوام! ڏسو، ايڊپس جو انجام. هيءُ اهو بادشاهه آهي جنهن سِنفنڪس وارو مامرو سُلجهايو هو ۽ هڪ طاقتور انسان بڻيو هو. ماڻهن هن سان تعصب ڪيو. پر هُنَ سڀ ڪجهه پنهنجي تباهيءَ سان ختم ڪيو. ۽ هر ماڻهو کي هُنَ جي ڪمزوري جو احساس ڏياريو ۽ هِنَ جي پڇاڙيءَ تي سوچيو جيڪا هڪ ڀيانڪ صورت ۾ ٿي آهي. ڪنهن کي به پنهنجي قسمت تي خوش نه ٿيڻ گهرجي جيستائين جو هُو پنهنجي زندگي ۾ هڪ ياد نه ڳولي جيڪا موت جي وقت سڀني سُورن کان آجي هجي.

…(هلندڙ)…

***