پاڪستاننئوننيو‍‍ز

اڄ پي ٽي آءِ قيادت عمران خان کي وزيراعظم لاءِ نامزد ڪندي

اڄ پي ٽي آءِ جي پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ عمران خان کي وزيراعظم جي اميدوار لاءِ نامزد ڪيو ويندو. اڄوڪي ٿيندڙ اجلاس ۾ ممڪنا طور تي وقافي وزيرن جا نالا به چونڊيا ويندا. واضح رهي ته پي ٽي آءِ جو چيئرمين پهرين ئي فيصلو ڪري چڪو آهي ته وفاقي ڪابينا ۾ صرف 15 کان 20 وزير ئي هوندا. هن اجلاس بابت ڳالهائيندي چوڌري فواد چيو آهي ته عمران خان کي ئي ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم چونڊيو ويندو. ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي ذريعن چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاران پي ٽي آءِ جي حمايت جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان ڪري ايم ڪيو ايم کي به هڪ وفاقي وزارت ڏني ويندي.