مشهور عالم دين مفتي تقي عثماني قاتلانا حملي ۾ بچي ويو
عيني شاهدن مطابق ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار چئن ڄڻن نيپا چورنگي ويجهو هڪ گاڏي تي حملو ڪري ڏنو. حملي ۾ مولانا سبحان الله ۽ سيڪيورٽي گارڊ صنوبر خان اجل جو شڪار ٿي ويا. ٻئي طرف مولانا مفتي تقي عثماني جي ڪار تي شاه راهه فيصل وٽ حملو ڪيوويو. پوليس مطابق حملي ۾ مفتي تقي عثماني جي گنمين سندس جان بچائيندي گولين جو کاڄ بڻجي ويو.جڏهن ته سندس ڊرائيور زخمي ٿي پيو جيڪو ڳڻتي جوڳي حالت ۾ آهي.