خاص

پاڪستان پيپلز پارٽي سينيٽ ۾ پنهنجو اپوزيشن اڳواڻ آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو

پاڪستان پيپلز پارٽي سينيٽ ۾ پنهنجو اپوزيشن اڳواڻ آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب ان سلسلي ۾ عوامي نيشنل پارٽي ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل طرفان پيپلز پارٽي کي حمايت جو يقين ڏياريو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي وٽ سينيٽ ۾ پنهنجا 21 ووٽ آهن جڏهن ته اي اين پي ۽ بي اين پي مينگل جا سينيٽ ۾ 2-2 ميمبر آهن. ذريعن موجب پيپلز پارٽي طرفان شيري رحمان کي اپوزيشن اڳواڻ نامزد ڪرڻ جو امڪان آهي ۽ پيپلز پارٽي 25 سينيٽرز جي صحيحن واري درخواست ڪجهه ڏينهن ۾ سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ ڏيندي. واضح رهي ته اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ جي اجلاس ۾ سينيٽ ۾ پنهنجو اپوزيشن اڳواڻ آڻڻ جي معاملي تي (ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ اختلاف سامهون آيا جنهن ۾ (ن) ليگ سينيٽ ۾ پنهنجو اپوزيشن اڳواڻ آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته پيپلز پارٽي پنهنجو اپوزيشن اڳواڻ آڻڻ تي قائم آهي. پي ڊي ايم ۾ استعيفائن جي معاملي تي به اختلاف ظاهر ٿي چڪا آهن جنهن سبب 26 مارچ کان شروع ٿيندڙ لانگ مارچ ملتوي ڪيو ويو آهي.