فيس بُڪ هاڻ سرڪاري ميڊيا جي خبرن ۽ پوسٽن بابت به خبردار ڪندو

سڄي دنيا ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي هن وقت به اظهار جي آزادي نه آهي ۽ اهڙي قسم جون ڪيتريون ئي پابنديون آهن جن جو هڪ مثال والاريل ڪشمير، شام، اتر ڪوريا ۽ ٻين ملڪن ۾ ڏسي سگهجي ٿو، پر هاڻ انهن ملڪن پنهنجون خبرون ۽ پروپيگنڊا جي لاءِ سوشل ميڊيا جي پليٽ فارمن کي به استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان شفافيت کي برقرار رکڻ لاءِ فيس بُڪ حڪومتي اثر هيٺ خبرن، پوسٽن ۽ بيانن تي پنهنجي طرف کان ليبل يا هدايت نامون لڳائي ڪم شروع ڪري ڏنو آهي. سڄي دنيا ۾ هن وقت به حڪومتون پنهنجي من پسند خبرن جي تعريف چاهين ٿيون، ان جي لاءِ هو هر وسيلو استعمال ڪنديون آهن. فيس بُڪ جي خواهش آهي ته انهن خبرن تي بحث ڪرڻ يا شيئر ڪرڻ کان اڳ پاڻ فيس بُڪ جو آگاهي نوٽ پڙهيو وڃي ته جيئن فيس بڪ استعمال ڪندڙ صارفين هن پوسٽ يا خبر جي نوعيت کي سمجهي سگهن. فيس بُڪ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسان خبرون پوسٽ ڪندڙ پبلشرن بابت وڌيڪ شفافيت ڏيڻ چاهيون ٿا. ڇو ته ڪيترن ئي ميڊيا جي ادارن تي يا ته حڪومتن جو دٻاءُ هوندو آهي يا پوءِ اهي ادارا سڌو سنئون سرڪاري ڪنٽرول ۾ هوندا آهن. ماڻهن جو حق آهي ته کين به ڄاڻ ڏني وڃي ۽ ان حوالي سان صفحي جي ڄاڻ (پيج انفو) واري حصي ۾ پنهنجي ليبل يا نوٽ جو اضافو ڪندا. اهڙي طرح پاڻ ماڻهو ڪنهن به خبر يا پوسٽ جو پاڻمرادو جائزو وٺي سگهندو ۽ پوءِ ان جي ڀيٽ ٻي ويب سائيٽ تان ڪري سگهجي ٿي.