خاص

ڀارت حڪم ڪيو ته پاڪستان هاءِ ڪميشن جو 50 سيڪڙو عملو ختم ڪيو وڃي.

وائڙائپ جي شڪار ڀارتي حڪومت نئين دهلي ۾ قائم پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي پنجاهه سيڪڙي عملي کي واپس وڃڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب ڀارت اسلام آباد ۾ پنهنجي هاءِ ڪميشن کان به 50 سيڪڙو عملي کي واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ان فيصلي تي عملدرآمد ايندڙ ستن ڏينهن ۾ ٿيندو. ڀارت پاڪستاني ناظم الامور کي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت اهو قدم اسلام آباد ۾ ٻن ڀارتي اهلڪارن کي حراست ۾ وٺڻ کانپوءِ طيش ۾ اچي کنيو آهي.