نئونناول

سمرقند (قسط ڇائيتاليهين)

ترجمو: زاهده ابڙو

فاضل ئي هو جنهن مون سان پهرئين معجزي بابت ڳالهه ڪئي، فتح جي احساس سان، ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيائين: “هوڏانهن هن ڏانهن ڏس! مون چيو هو نه ته باسڪر ويل جهڙو ئي  ڪو مقرر ٿيندو!”

هو، مورگن شوسٽر هو، ايران جو نئون عوامي خزانچي، جيڪو اسان جي استقبال جي لاءِ اچي رهيو هو- اسان “شاهراههِ قزوين” تي ساڻس ملاقات لاءِ ويا هئاسين- هو پنهنجن ماڻهن سان پراڻي سراڻي گهوڙي گاڏيءَ ۾، جنهن کي ٻه مرڻينگ گهوڙا ڇڪي رهيا هئا اچي پهتو هو، حيرت انگيز طور تي هاورڊ جهڙو ٿي لڳو: ساڳيون اکيون، ساڳيو نڪ ساڳيو ئي نفاست سان شيو ٿيل چهرو جيڪو ٿورو وڌيڪ گول هو، ساڳيائي ڀوري رنگ وارا وار جن مان ساڳي طرح سان سينڌ نڪتل هئي، ساڳيو ئي گرم جوشيءَ سان ملڻ- اسان جهڙيءَ ريت سندس جائزو وٺي رهيا هئاسين ان تي ضرور کيس برو محسوس ٿيو هوندو، پر هن ان جو اظهار نه ٿيڻ ڏنو، اهو ممڪن آهي ته ان طرح اهڙن غير معمولي حالتن ۾ هڪ اڻ ڄاتل ملڪ ۾ اچڻ تي هو پنهنجو پاڻ کي مسلسل ان ريت ڏسڻ جو امڪان رکندو هجي- اسان جي قيام جي ڪل مدت سندس نگراني هوندي، جاچ ۽ پيڇو ڪيو ويندو- ڪڏهن ٿي سگهي ٿو ته بدخواهي سان- سندس هڪ هڪ حرڪت، هر ڪوتاهيءَ جي رپورٽ ڏني ويندي، ان تي تبصرو ٿيندو، تعريف ڪئي ويندي يا مذمت-

سندس اچڻ کانپوءِ هڪ هفتي اندر پهريون بحران پيدا ٿيو- سوين ماڻهو جيڪي روزانو جي بنياد تي آمريڪين جي استقبال لاءِ آيا ٿي ڪڏهن ڪڏهن شوسٽر کان پڇي وٺندا هئا ته هو انگريز ۽ روسي لگيشنز وڃڻ جو ارادو ڪڏهن رکي ٿو- ان ڳالهه جو جواب به هن گول مٽول ڪري ڏنو، پر سوالن ۾ شدت ايندي وئي ۽ اهو معاملو ظاهر ٿي پيو ۽ بازار ۾ تمام گهڻو بحث جو سبب بڻجي پيو: ڇا آمريڪين کي رسمي ملاقاتن لاءِ انهن لگيشنز ۾ وڃڻ کپي يا نه؟ هوڏانهن انهن لگيشنز اهو ظاهر ڪيو ته ڄڻ سندن بيعزتي ڪئي وئي هجي ۽ سندن لاءِ ماحول خراب ٿي ويو هجي- شوسٽر کي گهرائڻ ۾ فاضل جيڪو ڪردار ادا ڪيو هو ان سان سفارتي معاملن ۾ جيڪا رنڊڪ پئجي وئي هئي ان سبب هو گهڻي شرمندگي محسوس ڪري رهيو هو اها صورتحال سندس سڄي منصوبي کي متاثر ڪري رهي هئي- هن مون کي مداخلت لاءِ چيو-

اهڙيءَ ريت مان پنهنجي هم وطن سان ملڻ لاءِ “قصر اتا بڪ” پهتس- اها اڇي پٿر جي ٺهيل عمارت هئي، جنهن جا نازڪ ۽ نفيس ٿنبَ تلاءُ جي صاف ۽ شفاف پاڻيءَ ۾ پنهنجو عڪس ڏيئي رهيا هئا، ان عمارت ۾ 30 وڏا ويڪرا ڪمرا هئا، ڪجهه اوڀر جي ۽ ٻيا يورپي ساز و سامان سان سينگاريل ۽ قالين ۽ فن پارن سان ڀريل- ان جي چوڌاري هڪ وسيع باغ هو جنهن ۾ جتي ڪٿي چشما وهي رهيا هئا ۽ هٿراديون ڍنڍون ٺهيل هيون- هڪ حقيقي ايراني بهشت جنهن جي نغمگي شهر جي گوڙ کان پري ٿي رکيو- هي تهران جي خوبصورت ترين رهائش گاهن مان هڪ هئي- هيءَ عمارت هڪ اڳوڻي وزيراعليٰ جي ملڪيت هئي، جنهن کي بعد ۾ هڪ امير پارسي واپاريءَ خريد ڪيو هو جيڪو “دستور” جو زبردست حامي هو ۽ هن اها بلڊنگ آمريڪا جي استعمال ۾ ڏني هئي-

شوسٽر چاڙهين وٽ اچي منهنجو آڌرڀاءُ ڪيو- جيئن ته سفر جي ٿڪاوٽ هاڻي ختم ٿي چڪي هئي، اڄ هو مون کي چڱو خاصو تازو توانو نوجوان لڳي رهيو هو- صرف 34 سالن جو هو، پر هو ايتري عمر جو نظر نٿي آيو- مان اهو سوچي ويٺو هئس ته واشنگٽن جو سفير ڪو “وڏي عمر جو شخص هوندو-”

“مان اوهان سان هي جيڪو لگيشنز جو معاملو آهي ان بابت ڳالهائڻ آيو آهيان-”

“اوهان به!”

هن ڏاڍو خوش دليءَ سان ڊرامائي انداز ۾ چيو

“خبر ناهي،” مون چيو، “اوهان سفارتي اخلاقيات ۽ شائستگيءَ جي باري ۾ ڪيتري ڄاڻ رکو ٿا، پر هاڻي اهي سڀ اهم بڻجي ويا آهن- اهو نه وسارجوَ، ته اسان سازشن جي ملڪ ۾ آهيون، بلڪه سازشن ۽ فسادن واري ملڪ ۾ آهيون!”

“سازشن مان جيترو لطف مون کي ايندو آهي ٻئي ڪنهن کي ڇا ايندو!”

هو وري ٿورو کليو، پر هڪ ڀيرو خاموش ٿي ويو ۽ انتهائي سنجيده نظر اچڻ لڳو ايترو جيترو سندس عهدي جي تقاضا هئي-

مسٽر ليسيج، اهو صرف اخلاقيات ۽ رسمن جو سوال ناهي- اهو اصولن جو سوال پڻ آهي هن عهدي کي قبول ڪرڻ کان اڳ، مون هن ملڪ ۾ اچڻ کان پهرين هتي ايندڙ ڪيترن ئي ماهرن کان صلاحون ۽ هدايتون حاصل ڪيون آهن- انهن مان ڪيترن ۾ نه مهارت جي ڪمي هئي نه خير خواهيءَ جي، پر اهي سڀ ناڪام رهيا- توهان کي خبر آهي ته ڇو؟ ڇو ته اهي سڀ ان ڄار ۾ ڦاسي پيا جنهن ۾ ڦاسڻ لاءِ اڄ مون کي چيو پيو وڃي- ايران جي خزانچيءَ جي حيثيت سان منهنجي تقرري ايران جي پارليامان ڪئي آهي، ان ڪري اها ڳالهه دستور مطابق آهي ته مان پنهنجي آمد بابت شاهه، ولي شاهه ۽ حڪومت کي آگاهه ڪريان- مان آمريڪي آهيان ان لاءِ مون کي من موهيندڙ مسٽر رسل سان به ملڻ لاءِ وڃڻو پوندو- پر روسين جا درشن ڪرڻ جي لاءِ مون کان مطالبو ڇو پيو ڪيو وڃي انگريزن سان بيلجينز ۽ آسٽرينز سان؟

“مان اوهان کي ٻڌايان ٿو ته ڇو: ان لاءِ ته اهي سڀني کي ڏيکارڻ چاهين ٿا، ايرانين کي ڏيکارڻ چاهين ٿا جيڪي آمريڪين مان ايتري گهڻي اميد رکيو ويٺا آهن، پارليامان کي ڏيکارڻ ٿا چاهين- جنهن پنهنجي مٿان ايڏي ساري دٻاءُ جي باوجود اسان کي قبول ڪيو- ته مورگن شوسٽر ٻين سڀني پرڏيهين وانگر ئي هڪ پرڏيهي آهي، هڪ “فرنگي-” بس اتي منهنجي پهرين ملاقات لاءِ وڃڻ جي دير آهي، ۽ دعوت نامن جي برسات شروع ٿي ويندي، سفير ڏاڍا گرم جوش ماڻهو هوندا آهن، ڀليڪار چوڻ وارا، خوش مزاج، اهي ٻوليون ڳالهائيندا آهن جيڪي مان سمجهان ٿو ۽ ساڳي راند کيڏندا آهن- مسٽر ليسيج، مان هتي ڏاڍي خوشگوار زندگي گذاري سگهان ٿو- پتن جي راندين جي وچ ۾، چانهن جي محفلن ۾، ٽينس، گهوڙي سواري ۽ نقاب پوش حسينائن جي رقص جي وچ ۾ ۽ جڏهن ٽن سالن کانپوءِ گهر واپس موٽندس ته ڏاڍو مالدار ٿي موٽندس، خوش هوندس روشنيءَ سان سينگاريل چهري سان صحتمند بڻجي چڪو هوندس- پر مسٽر ليسيج، هي اهي سڀ شيون ته ناهن جنهن جي لاءِ مان هتي موجود آهيان-”

هن لڳ ڀڳ رڙ ڪندي چيو- هڪ نظر نه ايندڙ هٿ، جيڪو شايد سندس زال جو هو، ڏاڍي احتياط سان هن ڪمري جو دروازو بند ڪيو- لڳو ٿي ته ڄڻ کيس اهو نظر ئي نه آيو هو ۽ هن پنهنجي ڳالهه جاري رکي:

“مان هتي هڪ طئي ٿيل ڪم لاءِ آيو آهيان: ايران جي ماليات کي جديد انداز ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ- هنن ماڻهن اسان کي گهرايو آهي ته ان لاءِ انهن کي اسان جي ادارن ۽ جهڙي طرح اسين پنهنجا معاملا هلايون ٿا انهن تي ڀروسو هجڻ گهرجي- کين مايوس ڪرڻ جي منهنجي ڪابه نيت ناهي، نه ئي کين گمراهه ڪرڻ جي- مان هڪ عيسائي قوم جو فرد آهيان، مسٽر ليسيج ۽ اهو مون لاءِ وڏي معنيٰ رکي ٿو- اڄ ايرانين جي نظر ۾ مسيحي قومن جو ڇا ڪردار آهي؟ ڪٽر مسيحي انگلستان جيڪو سندن پيٽرول کايو وڃي ۽ ڪٽر مسيحي روس جنهن مطابق ‘اهو ئي زنده رهي سگهندو جيڪو سڀني کان وڌيڪ چاڪ ۽ چوبند هوندو جي اصول مطابق پنهنجي مرضي هنن مٿان مڙهي ٿو؟ اهي ڪهڙا مسيحي آهن جيڪي هتي ايندا ويندا ٿا رهن؟ ٺڳ، مغرور، بي دين ماڻهو ۽ ڦورو- تنهنجي نظر ۾ ايرانين کي اسان کان ڪهڙي شيءِ ملڻ جي اميد رکڻ گهرجي؟ اسان ڪهڙي دنيا ۾ گڏ گڏ رهنداسين؟ ڇا اسان وٽ کين پيش ڪرڻ جي لاءِ انهن ٻن ڳالهين کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي: يا ته هو اسان جا غلام بڻجي رهن يا اسان جا دشمن؟ ڇا هو اسان جا شريڪ ۽ برابريءَ ۾ رهي نٿا سگهن؟ خوشقسمتيءَ سان اسان اڃان به ڪجهه قدرن تي يقين رکون ٿا، پر اهو آخر ڪيستائين جيڪي انهن هزارين يورپين کي شيطان سان ڀيٽين ٿا انهن ماڻهن کي ان کان روڪي سگهندا؟

“سڀاڻي جو ايران ڪهڙو هوندو؟ ان جو انحصار ان ڳالهه تي آهي اسان جو رويو ڪهڙو هوندو ۽ اهو مثال جيڪو اڄ اسان پيش ڪنداسين- باسڪر ويل جي قرباني ماڻهن کان ڪيترن ئي يورپين جي لالچ ذهن مان ڪڍي ڇڏي آهي- مان سندس حد کان وڌيڪ عزت ڪريان ٿو، پر مان اوهان کي اهو يقين ڏياريان ٿو ته منهنجو مرڻ جو ڪوبه ارادو ناهي، صاف ۽ سڌي ڳالهه اها آهي ته مان ديانتدار رهڻ چاهيان ٿو- مان ايران جي ان ساڳئي طريقي سان خدمت ڪندس جهڙيءَ ريت ڪنهن آمريڪي اداري جي- مان ايران ۾ ڦر نه ڪندس، پر ان جي نظام کي هر طرح سڌارڻ ۽ خوشحال بنائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندس، ان جي حڪومت جو احترام ڪندس، عاجزيءَ سان جهڪي يا بنا ڪنهن جهيڙي جي-”

ناسمجهي طور، ڳوڙها منهنجي چهري تي وهڻ شروع ٿي ويا- شوسٽر چپ ٿي ويو ۽ مون کي حيراني ۽ غور سان ڏسڻ لڳو-

“جيڪڏهن مون پنهنجي لهجي يا لفظن سان اوهان کي ڪا تڪليف پهچائي آهي ته مون کي معاف ڪيو-”

مان اٿي بيٺس ۽ هٿ ملائڻ لاءِ پنهنجو هٿ اڳتي وڌايم-

“اوهان مون کي ڪا تڪليف ناهي پهچائي، مسٽر شوسٽر، مان ته ڄڻ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو آهيان- مان اوهان جا اهي لفظ وڃي پنهنجن ايراني دوستن سان ونڊيندس ۽ يقين اٿم ته انهن جو رد عمل به منهنجي رد عمل کان مختلف نه هوندو-”

مان ڊوڙندو “بهارستان” پهتس، مون کي خبر هئي ته فاضل اتي هوندو- کيس ٿورو پرڀرو ڏسندي ئي زور سان رڙ ڪيم:

“فاضل- معجزو ٿي ويو آهي!”

13 جون تي، هڪ بينظير ووٽ جي ذريعي ايراني پارليامان شوسٽر کي ملڪ جي وزارت کي ٻيهر منظم ڪرڻ لاءِ سڀئي اختيارات ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي- ان کانپوءِ کيس “مجلس” جي مڙني اجلاسن ۾ شرڪت ڪرڻ جي مستقل دعوت ملڻ لڳي-

انهيءَ وچ ۾، بازار ۽ سفارتي دفترن ۾ هڪ ٻئي واقعي تي افواهه ڦهلجڻ لڳا- هڪ افواهه جنهن جي ذريعي جي ڪا خبر نه هئي، پر سولائيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، مورگن شوسٽر تي هڪ ايراني فرقي ۾ رڪنيت جي تهمت لڳائي- اهو سڄو معاملو ڏاڍو واهيات نظر ٿي آيو، پر افواهه پکيڙڻ وارن پنهنجو زهر تمام گهڻي مهارت سان لاٿو هو جو ان افواهه جو رنگ امڪان وارو نظر اچي رهيو هو- اک ڇنب ۾ آمريڪي، ماڻهن جي نظر ۾ مشڪوڪ بڻجي ويو- هڪ ڀيرو مون کي خزاني جي وزير سان ان سلسلي ۾ ڳالهه ڪرڻ جي ذميداري ڏني وئي- پهرين ملاقات کانپوءِ اسان جا تعلقات ڏاڍا ويجهڙائي وارا ٿي ويا هئا- مان کيس مورگن چئي سڏڻ لڳو هئس ۽ هو مون کي “بين” چئي- مون کيس آپريشن واري موضوع کان آگاهه ڪيو-

“اهي چئي رهيا آهن ته تنهنجن ملازمن ۾ گهڻائي بابي يا مشهور بَهائي آهن، هڪ حقيقت جنهن جي فاضل منهنجي سامهون تصديق ڪئي آهي- هن اهو چيو پئي ته بهائين تازوئي آمريڪا ۾ پنهنجي هڪ ڏاڍي مضبوط ۽ متحرڪ شاخ قائم ڪئي آهي جنهن مان اهو نتيجو ٿو نڪري ته لگيشن ۾ سڀئي آمريڪي دراصل بهائي آهن جيڪي ملڪ جي وزارت خزانا جي درستگيءَ جي بجاءِ ان جي پٺيان ماڻهن کي بهائي بنائڻ آيا آهن-”

مورگن ڪجهه دير جي لاءِ غور ڪندو رهيو:

“مان صرف اهم سوال جو جواب ئي ڏيندس: مان هتي واعظ ڪرڻ ۽ مذهب تبديل ڪرائڻ نه آيو آهيان. منهنجي هتي اچڻ جو مقصد ماليات جي اصلاح آهي جنهن جي سخت ضرورت آهي- وڌيڪ صرف تنهنجي اطلاع جي لاءِ ظاهر آهي ته مان بهائي ناهيان ۽ ان فرقي جي وجود بابت مون کي هتي اچڻ کان ڪجهه وقت پهرين پروفيسر برائون جي ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ خبر پئي، وڏي ڳالهه اها آهي ته مون کي اڃان تائين بابين ۽ بهائين جي وچ ۾ فرق جي به خبر ناهي- رهيو سوال منهنجن ملازمن جو جن جو تعداد هن وڏي گهر ۾ 15 کن ته هوندو، هر شخص کي اها خبر آهي ته اهي منهنجي اچڻ کان پهرين اتي موجود آهن- مان سندن ڪارڪردگيءَ کان مطمئن آهيان ۽ ان جي وڏي اهميت آهي- مان پنهنجي عملي جي ماڻهن کي سندن مذهب يا ٽاءِ جي رنگ سان جاچڻ جو عادي ناهيان!”

“مان تنهنجي رويي کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهان ٿو منهنجو پنهنجو عقيدو تنهنجي عقيدي سان مطابقت رکي ٿو ڳالهه اها آهي ته اسان ايران ۾ آهيون ۽ هتي هجڻ جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن اسان جا احساس مختلف هوندا آهن- مان هينئر ماليات جي نئين وزير سان مليو آهيان- سندس خيال آهي ته انهن الزام لڳائڻ وارن ماڻهن کي خاموش ڪرائڻ لاءِ، لاڳاپيل ملازمن کي، يا گهٽ ۾ گهٽ انهن مان ڪجهه کي برطرف ڪرڻو پوندو-”

“ڇا وزير ماليات ان معاملي ۾ پريشان آهي؟”

“اوهان جي خيال کان وڌيڪ- کيس ان ڳالهه جو خدشو آهي ته اهي ڳالهيون انهن سڀني شين کي خطري ۾ نه وجهي ڇڏين جيڪي هن پنهنجي شعبي ۾ لاڳو ڪيون آهن- هن مون کي چيو آهي ته اڄ شام تائين کيس پنهنجي ڀڄ ڊڪ بابت خبر ڏيان-”

“ته پوءِ مون کي اهو نٿو جڳائي ته توکي دير ڪرڻ ڏيان- منهنجي طرفان کيس ٻڌائي ڇڏجانءِ ته هڪ ملازم به برطرف نه ڪيو ويندو ۽ جيستائين منهنجو تعلق آهي اهو تڪرار ان تي ختم ٿيندو!”

هو اٿي بيٺو مون محسوس ڪيو ته مون کي اڃان وڌيڪ ڪوشش ڪرڻ گهرجي-

“مورگن، مون کي يقين ناهي ته ايترو جواب ڪافي هوندو!”

“نه؟ ته پوءِ، ان ۾ اهو اضافو ڪري ڇڏ: ‘وزير ماليات جيڪڏهن تو وٽ منهنجي مذهب جي تفتيش کان بهتر ٻيو ڪو ڪم ناهي، ته مان توکي وقت گذارڻ لاءِ ٻيا ڪيترائي اهم فائيل ڏئي سگهان ٿو-’

مون وزير کي صرف سندس لفظن جو تت پيش ڪيو، پر مون کي پورو يقين آهي ته پهريون موقعو ملندي ئي مورگن پاڻ کيس حرف به حرف وڃي اهي ساڳيا جملا چوندو ۽ وڌيڪ اهو ته بنا ڪنهن ناٽڪ جي- حقيقت اها آهي ته سڀ خوش هئا بي نتيجا ڪوبه ڪم ڪرڻ جي عقل سليم کان ڪم ورتو ويو هو-

“جڏهن کان شوسٽر هتي آيو آهي،” هڪ ڏينهن شيرين مون کي ڏاڍي رازداريءَ واري انداز ۾ چيو، “ماحول ڪيڏو نه صحتمند ۽ صاف سٿرو ٿي ويو آهي- جڏهن سامهون گدلاڻ ۽ ابتر صورتحال هجي ته ماڻهو اهو ئي سوچيندو پيو آهي ته انهن سڀني کي ٺيڪ ٿيندي صديون لڳي وينديون- اوچتو ئي هڪ ماڻهو ايندو آهي ۽ ڄڻ جادوءَ ذريعي، اهو وڻ جنهن بابت اسان سوچيو هو ته ان جو خاتمو ٿيڻ وارو آهي، ٻيهر ان کي نئين زندگي ڏيئي ڇڏيندو آهي ان کي سرسبز ڪري ڇڏيندو آهي، ان مان وري ميوو ڦٽڻ لڳندو آهي ۽ گهاٽي ڇانوَ ملڻ لڳندي آهي- ان پرڏيهي منهنجن هم وطنن تي منهنجو ايمان پڪو ڪيو آهي هو انهن سان مقامي ماڻهن وانگر نٿو ڳالهائي، ماڻهن جي احساسن ۽ انهن جي گهٽ حيثيت جي پرواهه نٿو ڪري، بلڪه انسانن وانگر ڳالهائي ٿو ۽ ايراني ٻيهر پنهنجو انسان هجڻ دريافت ڪري رهيا آهن- توکي خبر آهي، منهنجي خاندان جون پڪيون پوڙهيون سڀ سندس حق ۾ دعا ٿيون ڪن؟”

***