عبدالوحيد/وحيد محسن پهرين ڊسمبر 1968ع تي رستم، تعلقي لکي، ضلعي شڪارپور ۾ عبدالقادر سومرو جي گهر جنم ورتو، ايم اي سنڌي ادب ۽ بي ايڊ ڪئي اٿس، درس و تدريس جي ڪرِت سان سلهاڙيل هيءَ سنڌي ادب جو شاعر ۽ نثر نگار خاص طور ٻارن جي لکڻ کي ترجيح ڏيندڙ آهي، ٻالڪ ادب ۾ سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل موجود آهن، هن اردو ۽ سنڌي ٻنهي ٻولين ۾ لکيو آهي، پاڻ ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ اڪيڊمي شڪارپور پاران ڪتابن جي پبليڪيشن جو ڪم ڪندڙ آهن، کين ٻالڪ ادب جي ڪتابن تي ايوارڊ مليل آهن.
جواب: مون ٻارن لاءِ شاعري ۽ نثر ۾ مضمون، ڪهاڻيون، ناول ۽ تبصرا تحرير ڪيا آهن، منهنجي ٻنهي شعبن ۾ رياضت رهي آهي، موجوده دور ۾ شاعري جا ڪتاب وڌيڪ شايع ٿيا پئي مون نثري صنفن جي کوٽ محسوس ڪندي ان ۾ ترجيحي بنياد تي لکيو آهي باقي ته شاعري سان منهنجو تعلق وڌيڪ گهرو آهي ان ۾ اظهار جو ذريعو منفرد ۽ خوبصورت ٿئي ٿو هر هڪ تخليقڪار جي پنهنجي سوچ هوندي آهي ته اهو ڪهڙي شعبي ۾ وڌيڪ ڪم ڪري ٿو، هن وقت مون ٻاراڻي ادب ۾ نثري ادب ۾ وڌيڪ ڪم ڪيو آهي ۽ ڪجهه ڪهاڻيون ترجمو به ڪيون آهن جيڪو هڪ الڳ ڪتاب آڻيندس.
سوال 5: ڇا اڄ جو ٻار مطالعي کان پري نه وڃي رهيو آهي؟ ٻارن کي ادبي مطالعي ڏانهن متوجهه ڪرڻ لاءِ ڪهڙا اُپاءُ وٺڻ گهرجن؟
جواب: جي ادي اوهان جي ان ڳالهه ۾ گهڻو وزن آهي ۽ سماج جو تجزيو پڻ آهي پر پاڻ کي ان جي گهرائيءَ ۾ وڃڻو پوندو ۽ ان جا سبب ڳولڻا پوندا. مون جيڪو محسوس ڪيو آهي ته جديد دور جي اثر هيٺ اسان جو ٻار به آهي جيڪو ڪمپيوٽر ۽ موبائل تي پنهنجو گهڻو ڌيان ڏئي رهيو آهي ۽ ڪتاب پڙهڻ واري تعلق کان ٿورو پري ٿي ويو آهي ان لاءِ اسان سڀني تي اهو فرض لازم آهي ته ٻارن کي مطالعي ڏانهن واپس آڻيون ان حوالي سان والدين، استاد ۽ لائبريريون اهم ڪردار ادا ڪري سگهڻ جي سگهه رکن ٿا، ٻارن کي مطالعي جي اهميت کان انهن کي روشناس ڪرڻو پوندو جيئن اهي ان جي وڌيڪ ويجهو اچي وڃن. ٻارن کي ادبي مطالعي جي طرف اديب ۽ استاد پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۽ لائبريرين کي وڌيڪ آڻڻ لاءِ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي جتان ٻارن کي جديد دور جي ضرورت مطابق ڪتاب فراهم ڪيا وڃن ته جيئن ٻارن جي هٿن ۾ موبائل سان گڏ ڪتاب پڻ هوندا.
سوال 6: موجوده وقت ڪنهن اخبار ۾ ڪو به ٻارن لاءِ الڳ صفحو ڪونهي بلڪه ٻالڪ صفحا بند ٿي ويا آهن، ڪو به رسالو نٿو نڪري سواءِ ماهوار ”گل ڦل“ جي انهيءَ جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟
جواب: ادي واقعي موجوده دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيندڙ اخبارن ۾ ٻارن لاءِ ادبي صفحا ڪونه ٿا شايع ٿين اسان جنهن دور ۾ لکندا هئاسين تڏهن روزاني جاڳو، روزاني عوامي آواز، روزاني عبرت، روزاني هلال پاڪستان، روزاني سنڌ نيوز، روزاني آفتاب، روزاني ڪاوش وغيره ۾ ٻارن لاءِ ادبي صفحا شايع ٿيندا هئا ان ڪري هر گهر ۾ ٻارَ اهو ادب پڙهندا هئا، سنڌي اخبارن جي مالڪن کي گذارش ڪجي ٿي ته اهي وري ٻارن لاءِ هفتيوار ادبي صفحا شايع ڪن ته اتان ادب جي نرسري تيار ٿيندي ۽ ٻارَ لکڻ پڙهڻ ۾ دلچسپي پڻ وٺندا باقي صفحا بند ٿيڻ جا ڪافي سبب هوندا پڙهندڙ ان جي ڊمانڊ يعني گهر ڪرن جڏهن پڙهندڙ ئي خاموش آهن ته ادارن کي ڪهڙي ميار ڏجي. ٻيو ٻارن جا رسالا به بند ٿي ويا آهن ان جا ڪارڻ فقط اهي سامهون ٿا اچن ته رسالا خريد گهٽ ڪيا وڃن ٿا يا انهن جي ٻارن تائين رسائي نٿي ٿئي ڪجهه رسالا گهڻو عرصو هلي وري بند ٿي وڃن ٿا، جيڪڏهن انهن کي اخبارن جيان گورنمينٽ اشتهار ڏئي ته رسالا وري شايع ٿيندا ان لاءِ سڀني کي پنهنجي ذميواري نڀائڻي پوندي، هڪ رسالو ماهوار ”گل ڦل“ گورنمينٽ جو وڃي بچي ٿو جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو تسلسل سان شايع ڪندي رهي آهي. ان لاءِ سنڌي ادبي سنگت سنڌ، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) جيڪڏهن ٻارن لاءِ ماهوار رسالو جاري ڪن ته انهن وٽ گهڻو وسيع پليٽ فارم آهي، سگا وٽ ته پنهنجا اسڪول به آهن اهو ٻارن تائين وڌيڪ سولائيءَ سان پهچي ويندو، باقي آن لائين رسالي جي ايتري اهميت نه ٿي رهي ڇو ته رسالو ڪتاب هٿ ۾ کڻي پڙهڻ سان وڌيڪ اثرائتو هوندو آهي.
سوال 7: توهان هڪ اُستاد جي حيثيت ۾ مستقبل جي معمارن لاءِ ڪو پيغام ڏيو؟
جواب: مان پنهنجي ديس جي مستقبل جي معمارن کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته” اهي پنهنجي تعليم لاءِ گهڻو سنجيده ٿين ۽ مستقل بنياد تي پڙهڻ کي ترجيح ڏين. هڪ مقصد انهن جو اهو به هجڻ گهرجي ته اهي ڪهڙي شعبي ۾ پاڻ کي ذھين ۽ اهميت جوڳو سمجهن ٿا پوءِ انهن کي اهو طئي ڪرڻو آهي ته اهي ڊاڪٽر، انجنيئر، استاد، سائنسدان وغيره ٿيڻ چاهين، انهن کي پنهنجي اهميت جي خبر هئڻ گهرجي.
ٻارَ درسي ڪتابن سان گڏ علمي، ادبي ۽ سائنسي ڪتابن کي به پڙهن ته جيئن انهن جي تعليم ۽ تربيت خوبصورت نموني سان ٿيندي رهي ۽ اهي ئي اسان جي سماج جو مستقبل آهن.