ملڪ ۾ غير قانوني افغان شهرين ۽ افغان پناهگيرن جو مسئلو گهڻو پراڻو به آهي ۽ موجوده وقت ۾ ان اسان لاءِ ڪيترائي مسئلا پيدا ڪيا آهن. تازو افغان شهرين جو جعلي ميڊيڪل ويزائن تي پاڪستان مان ٻين ملڪن ۾ وڃڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ايف آءِ اي حڪام مطابق پاڪستان پاران وزٽ ويزا بند ٿيڻ کانپوءِ افغان شهري وڏي تعداد ۾ علاج جي بهاني پاڪستان جا ويزا حاصل ڪري رهيا آهن. اهڙا افغان شهري ڪابل مان اسلام آباد اچن ٿا ۽ هتان ٻين ملڪن ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. هرڪو ڄاڻي ٿو ته اسان جي سرڪار غير قانوني طور تي مقيم افغان پناهگيرن کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ڏنل معياد کي اڳيان وڌائيندي ڄڻ انهن کان اها خاطري ورتي آهي ته اهي مليل معياد کان پهرين پنهنجي ملڪ هليا ويندا.
پاڪستان جي وزارت داخلا غير قانوني افغان پناهگيرن جي موجودگيءَ کي ملڪ جي سلامتي لاءِ مسئلا پيدا ڪيا آهن ۽ ملڪ تي معاشي ۽ معاشرتي بار انهيءَ کان الڳ آهي. اسين سمجهون ٿا ته انهيءَ قدم سان افغان شهري متاثر ٿيندا، پر لڳي ٿو ته اسان جي ملڪ کي به انهيءَ کانسواءِ ٻيو رستو ناهي. دهشتگردي جي خلاف جنگ جي نتيجي ۾ گذريل 45 سالن کان افغان شهري پاڪستان ايندا رهيا آهن ۽ اسان جو ملڪ پناهگيرن لاءِ جنيوا ڪنوينشن 1951 مطابق انهن کي پناهه ڏيندو رهيو آهي. پناهگيرن لاءِ جنيوا ڪنوينشن 1951 مطابق ڪوبه شخص جيڪو پنهنجي ملڪ ۾ انهيءَ جي سياسي، نسلي عقيدي يا ڪنهن معاشرتي گروهه سان وابستگي جي ڪري ان جي جان کي خطرو هجي ته هو ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ نقل مڪاني ڪري وڃي سگهي ٿو. تڏهن اهو پناهه گزين قرار ڏيڻ جو اهل هجي ٿو. اسان وٽ جيئن ته اهو سياسي ۽ جاگرافيائي فيصلو هو ۽ اسين افغان مسئلي ۾ هڪ طرح سان ڄڻ شريڪ هئاسين. انهيءَ ڪري افغان پناهگير اسان وٽ ڪئمپن جي بدران ڪٿي به گهمي ڦري سگهيا پئي ۽ معاشي ۽ مالياتي سرگرمين ۾ انهن حصو پئي ورتو ۽ سرڪار سياسي سببن جي ڪري انهيءَ مسئلي کي نظر انداز پئي ڪيو. جنيوا ڪنوينشن مطابق جيڪڏهن پناهگير ميزبان ملڪ جي قانونن جي خلاف ورزي ڪري ۽ امن امان جو مسئلو پيدا ڪري ته انهيءَ کان پناهگير هجڻ جو حق واپس وٺي سگهجي ٿو. اسان وٽ ائين ٿيو جو 45 سال پراڻو مسئلو اسان لاءِ سلامتي جو مسئلو بڻجي ويو ۽ اسان جا ٻه صوبا خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ڄڻ جنگ جو ميدان بڻجي ويا. 1979ع کان افغان پناهگيرن اسان جي ملڪ ۾ اچڻ شروع ڪيو. 1990 تائين انهن جو تعداد 32 لک ٿي چڪو هو. سڌ سماءَ جا ذريعا هاڻي افغان پناهگيرن جو تعداد 50 لک کان وڌيڪ ٻڌائين ٿا. جن ۾ لکين اهڙا آهن جن وٽ ڪوبه شناختي دستاويز نه آهي. حيراني ان ڳالهه تي ٿئي جو اهي اسان جي ملڪ جا شناختي ڪارڊ ۽ ٻيون شناختون ٺهرايو وٺن ۽ غير قانوني طرح اهي اسان جي ملڪ جا شهري ٿيو پون. پاڪستان ۾ جيئن ته ٻٽي شهريت جو قانون موجود ناهي انهيءَ ڪري افغان پناهگيرن جي حيثيت تي هميشه سواليه نشان رهيو آهي. اسان جي ملڪ ۾ جيئن ته افغان ماڻهن جي ٻوڏ ايندي رهي ۽ انهن اسان جي سلامتي لاءِ مسئلا پيدا ڪيا ۽ بين الاقوامي دهشتگرد گروهن سان پنهنجا ناتا جوڙيا تڏهن سرڪار مجبور ٿي ڪري افغان پناهگيرن کي پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ جو چيو آهي. انهيءَ قدم جي ڪري 4 لک 71 هزار کان وڌيڪ افغان شهري پنهنجي ملڪ واپس وڃي چڪا آهن.
جيئن ته اسان جي ملڪ جي سلامتي سڀ کان اهم آهي. انهيءَ ڪري سرڪار جي افغان پناهگيرن متعلق پاليسي کي پسند ڪيو ويو آهي. ان وقتائتي پاليسي جي ڪري اسان جو ملڪ ۽ ان جا ادارا چوڪس آهيون. نتيجي ۾ افغان شهرين جي جعلي ميڊيڪل ويزائن تي پاڪستان اچڻ تي ٿيل گرفتاريون اهم آهن. اميگريشن حڪام ٻڌايو آهي ته گذريل ٽن ڏينهن دوران اهڙن 9 افغان شهرين کي ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪي جعلي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ تي علاج لاءِ پاڪستان آيا هئا ۽ هتان ٻاهرين ملڪن ۾ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ملڪ جي پرڏيهي شهرين جي متعلق پاليسي جن ۾ افغان پناهگير به شامل آهن. ڇاڪاڻ جو ملڪ جي سلامتي قانون ۽ انتظام کان مٿي ڪجهه به ناهي.