ايڊيٽوريل

تيل جي قيمتن ۾ وڏو اضافو

وفاقي سرڪار پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ هڪ دفعو ٻيهر اضافو ڪيو آهي. آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اها ڳالهه اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ لاڳيتو اضافو ٿي رهيو آهي. هن وقت وچ اوڀر ۾ مختلف ملڪن جي وچ ۾ سياسي صورتحال سبب هڪ طرح جنگ جهڙو ماحول آهي. انهيءَ ڪري تيل پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ هڪ طرف ڪٿي ڪٿي تيل جي پيداوار متاثر ٿي آهي ۽ وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تيل جي ٻين ملڪن کي سپلاءِ کي متاثر ڪيو آهي. ٻنهي سببن جي ڪري ته هڪ پاسي تيل جي پيداوار گهٽجي پئي، ٻئي طرف ان جي سپلاءِ خطري ۾ آهي. انهيءَ ڪري تازو تيل جي قيمت عالمي مارڪيٽ ۾ 90.40 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي ۽ اها صورتحال وڌيڪ ڳنڀير ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن ايران ۽ اسرائيل جي وچ واري ڇڪتاڻ ۾ اضافو آيو ته اسين سمجهون ٿا ته انسانيت ۽ عالمي ضمير وچ اوڀر ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو ۽ خطي جي صورتحال امن جي طرف پيش قدمي ڪندي. ڇاڪاڻ جو اسان جو مطلب تيل جون قيمتون آهن پوءِ انهن جي قيمتن ۾ اضافو عالمي منڊي ۾ هجي يا اسان جي ملڪ ۾، متاثر دنيا جو عام ماڻهو ٿئي ٿو.
اسان جو ملڪ جيئن ته هڪ اسرندڙ ملڪ آهي ان ڪري اسان جا ماڻهو غريب آهن، قيمتن ۾ اضافو پوءِ اهو کاڌ خوراڪ جي شين تي هجي يا کاڄرو تيل کان وٺي پيٽرول ۽ ڊيزل تائين اهو اضافو عام ماڻهو جي زندگيءَ کي متاثر ڪري ٿو. سرڪار اهو ته نٿي ڪري ته پاڪستان ۾ روزگار جا ذريعا وڌائي جيئن عام ماڻهو جي قوت خريد وڌي. اهو سڀ ملڪ ۾ زرعي ۽ صنعتي ترقي سان سڌو لاڳاپيل آهي. اها اميد جهڙي ڳالهه آهي ته سرڪار (SIFC) special investment facilitation council جي ذريعي زراعت ۽ صنعت جي ترقي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. وفاقي سرڪار ۽ صوبائي سرڪارن جا صنعت ۽ زراعت جي ترقيءَ ڏانهن اهي قدم ملڪ مان بيروزگاريءَ کي گهٽائيندا ۽ عام ماڻهو جي قوت خريد وڌندي. هيستائين ملڪ ۾ 30 سيڪڙو تيل ۽ گئس جا ذخيرا ڳوليا ويا آهن. جڏهن ته 70 سيڪڙو ذخيرا اڃان ڳوليا ئي نه ويا آهن. اهو به مڃون ٿا ته اسان وٽ وڏي پئماني تي تيل جا کوهه کوٽڻ جي صلاحيت گهٽ آهي، اميد آهي ته ٻاهرين ملڪن کان سيڙپڪار ان ميدان ۾ به سيڙپڪاري ڪري تيل ۽ گئس جي ڳولها کي تيز ڪندي. جنهن سان ملڪي ترقيءَ ۾ واڌ ايندي. ڇاڪاڻ جو اسان جي تيل جي وفاقي وزارت اهو چڱيءَ طرح ڄاڻندي هوندي ته آئنده 20 سالن ۾ جڏهن متبادل توانائيون پيٽرول، ڊيزل ۽ گئس جي جاءِ والاري وٺنديون ته پوءِ اسان جا ذخيرا اسان جي ڪم نه ايندا. ان ڪري اسان جي وزارت پيٽروليم کي هنگامي بنيادن تي تيل ۽ گئس جا ذخيرا ڳولهڻ گهرجن. جيڪڏهن انگن اکرن ڏانهن وڃون ٿا ته گذريل هڪ سال جي دوران تيل ۽ گئس جي اسمن ۾ اسان جو 18 ارب ڊالرن جو پرڏيهي ناڻو خرچ ٿيو آهي.
جيڪڏهن اسان وٽ تيل ۽ گئس جا پنهنجا ذخيرا هوندا ته ڪجهه ارب ڊالر اسين انهيءَ مان به بچائي وٺنداسين. جيڪي ملڪي ترقيءَ ۾ ڪم ايندا. تيل جي موجوده قيمتن ۾ اضافو عام ماڻهو جي سهپ کان وڌيڪ آهي. پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا 53 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 293 رپيا 94 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي قيمت ۾ 8 رپيا 14 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي. ڊيزل جي نئين قيمت 290 رپيا 38 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. تيل جي قيمتن ۾ اهو وڏو اضافو آهي. اسين توانائي جي وزارت کي اهو چونداسين ته تيل ۽ گئس جي قيمتن ۾ اضافي وقت ماڻهن جي قوت خريد کي ضرور نظر ۾ رکيو وڃي.