اليڪشن 2024 ۽ پيپلز پارٽي جو 30 لک گهر اڏائڻ جو واعدو
هن وقت سڄي پاڪستان ۾ مختلف سياسي جماعتون پنهنجي سياسي، ڪيمپين هلائي رهيون آهن، ڇو ته 8 فيبروري تي عام چونڊون ٿي رهيون آهن. پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مختلف جاين تي خاص ڪري پنجاب جي جلسن ۾ پارٽي منشور جون 10 پوائنٽن جو ذڪر تمام گهڻي اعتماد سان ڪري رهيو آهي. سندس انهيءَ منشور ۾ ٻين نقطن سان گڏ هڪ اهم نقطو 30 لک نوان گهر اڏي ڏيڻ جو واعدو پڻ آهي. پيپلز پارٽي جڏهن ٺهي ته انهيءَ جو نعرو به “روٽي، ڪپڙا اور مڪان” هو ۽ هن وقت به چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 30 لک گهر ٺاهڻ جي دعويٰ ڪري رهيو آهي. اسين اهڙي دعويٰ تحريڪِ انصاف جي طرفان 2018 جي چونڊ مهم دوران ڏسي ۽ ٻڌي چڪا آهيون جنهن ۾ تحريڪِ انصاف جي چيئرمين کي بار بار اهو چوندي ٻڌو ويو هو ته هو ملڪ ۾ 50 لک نوان گهر اڏي ماڻهن جي حوالي ڪندو. سندس دورِ حڪومت ۾ مشڪل سان 500 گهر به ڪٿي نه ٺهيا. هن وقت پيپلز پارٽي جو منشور عوامي مسئلن جي حل طرف ڏسجي ته ڪافي بهتر آهي ۽ پيپلز پارٽي “روٽي، ڪپڙا اور مڪان” واري نعري کي وري جيارڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ ان ۾ هڪڙو نقطو جيڪو 30 لک گهر اڏرائڻ وارو به آهي ته پيپلز پارٽي حڪومت ۾ اچي 30 لک گهر ٺهرائي غريب عورتن جي حوالي ڪري انهن کي مالڪاڻه حقوق ڏيندي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين طرفان اها هڪ وڏي دعويٰ آهي، ۽ اها سندس مرضي آهي ته هو 30 لک چوي يا 80 لک ۽ سندس چوڻ اهو آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ 21 لک گهر ٺهرائي ماڻهن جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. اصل ۾ ڳالهه اها آهي ته ٻوڏ سبب گهرن جي تباهي جي مدد لاءِ ورلڊ بينڪ جيڪا امداد ڏني هئي ان مان ڪجهه پئسا انهن جي مرمت جي لاءِ ڏنا ويا هئا، نه ڪي نوان گهر ٺاهي ماڻهن جي حوالي ڪيا ويا آهن. هاڻي عوام وٽ سواءِ تاڙيون وڄائڻ جي ٻيو ڪو گس نه آهي. باقي جيستائين گهرن ٺهڻ جو تعلق آهي ته اها مذاق ماضي ۾ به ٿيندي رهي آهي ۽ شايد هن وقت جيڪو واعدو ڪيو پيو وڃي، اهو ان جو تسلسل آهي ته عوام کي بيوقوف بڻائي ان کان ووٽ وٺي 5 سال حڪومت جا مزا وٺجن. پيپلز پارٽي جنهن جي گذريل 15 سالن کان سنڌ صوبي ۾ حڪومت رهي آهي. انهيءَ صوبي گذريل بارشن ۾ جيترو ڀوڳيو آهي، جيترو نقصان عام ماڻهو جو ٿيو آهي، ان جي خبر شايد انهن متاثر ٿيل ماڻهن کي هوندي. اقوامِ متحده جو سيڪريٽري جنرل هجي، جيڪو سنڌ جي دوري ڪرڻ کانپوءِ دنيا جي ترقي يافته ملڪن کي اپيلون ڪندي نظر آيو ته ڪنهن به طرح سان هنن برسات سٽيل ماڻهن جي واهر ڪري، اهو ئي سبب هو جو سنڌ حڪومت کي اربين ڊالر برسات سٽيل ماڻهن جي آبادڪاري ڪرڻ جي لاءِ ڏنا ويا ۽ سنڌ حڪومت اعلان ڪيو ته اسين سنڌ صوبي جي ماڻهن کي 21 لک نوان گهر ٺهرائي ڏينداسين. پر عملي طور تي نه ميدان تي ۽ نه ئي ان بابت ڪا معلومات ڪنهن ويب سائٽ تي ڏنل آهي ته اهي گهر ڪهڙي ضلعي ۾ ٺهيا آهن؟ ڪيترا ٺهيا آهن؟ ۽ ان جا ملڪاڻا حق ڪنهن کي ڏنا ويا آهن؟ اڳوڻو وزير اعليٰ مراد علي شاهه ميڊيا جي سامهون دعويٰ ڪري چڪو آهي ته سندس حڪومت ۾ 21 لک گهر ٺهرائي، غريب ماڻهن جي حوالي ڪيا ويا آهن شايد سندس مطلب ڪا ٽٽل ڀِت يا ڪو ٽٽل رڌڻو ٺهرائي ڏيڻ هوندو. ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ جڏهن اسين سيٽلائٽ جي ذريعي پوري دنيا جي ڪنهن به ڪُنڊ کي هڪ سيڪنڊ جي اندر ڏسي سگهون ٿا ته پوءِ سنڌ ۾ ٺهيل 21 لک گهر اسان کي نظر ڇو نه ٿا اچن. سنڌ حڪومت جا دعويٰ اهڙا ئي آهن، جهڙا دعويٰ تحريڪ انصاف پنهنجي دور حڪومت ۾ ڪندي رهي ۽ انهن جا وزير ميڊيا جي سامهون اکيون پوري چوندا رهيا ته تحريڪ انصاف جي حڪومت عام ماڻهو کي 50 لک گهر ٺاهي ڏنا آهن. جهڙي نموني سان انهن گهرن جو به زمين تي ڪو وجود نه آهي، اهڙي نموني سان 21 لک گهرن جو پڻ زمين تي ڪو به حقيقي وجود نه آهي. انهيءَ ڪري اسين اهو سمجهون ٿا ته 30 لک گهر ٺاهي ڏيڻ واري دعويٰ به هڪ خواب آهي، جيڪو عوام کي ڏيکاريو پيو وڃي. سراسري طور چئون ته سنڌ جي 30 ضلعن ۾ 21 لک گهر ٺهن، مطلب في ضلعي ۾ 70 هزار گهر ٺهي چڪا هجن، جنهن جي دعويٰ اڳوڻو وزير اعليٰ ڪري رهيو آهي، پر اسين جڏهن سرزمين تي وڃون ٿا ته اسان کي سنڌ جي ڪنهن به ضلعي ۾ 70 گهر به نظر نه ٿا اچن، جيڪي تيار ٿي غريب ماڻهن جي حوالي ٿي چڪا هجن. ها ايڪڙ ٻيڪڙ ڪم ضرور هلي پيو ۽ جنهن رفتار سان ڪم هلي پيو ته 21 لک گهر ايندڙ سئو سالن ۾ ضرور ٺهي راس ٿيندا. سنڌ سرڪار اهڙو ٺيڪو پنهنجي من پسند اين جي اوز کي ڏنو. جن کان معلوم ڪرڻ تي خبر پوي ٿي ته انهن جي ڪاغذن جو پيٽ ته ڪنهن حد تائين ڀريل آهي، پر سرزمين شاهدي ڏئي رهي آهي ته اهي ڳالهيون صرف ڪاغذي آهن، انهن جو حقيقت سان ڪوبه تعلق نه آهي، ته ڇا اسان ائين سمجهون ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين طرفان پنهنجي منشور جي 10 اهم نقطن ۾ جيڪو هڪ نقطو 30 لک گهر ٺاهڻ وارو واعدو آهي سو به صرف زباني ڪلامي هوندو، سنڌ حڪومت جي تاريخ ۽ ڪارڪردگي ته اهو ٿي ٻڌائي، باقي مستقبل جي خبر ايندڙ وقت ۾ پوندي.

