بلاگنئون

بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جي نئين لهر ۽ حڪومتي پاليسي

پنهنجي ملڪ جي امن امان جي مجموعي صورتحال بهتر نه رهي آهي. خاص طور تي بلوچستان صوبي اندر بدامني جو جن قابو ۾ اچڻ جو نالو نٿو وٺي. گذريل رات پڻ بلوچستان جي علائقي موسيٰ خيل ۾ دهشتگردي جي ظالماڻي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 23 معصوم ۽ بيگناهه ماڻهو بسن ۽ ٽرڪن مان لاهي انهن جي نشاندهي ڪري ته انهن جو تعلق پنجاب صوبي سان آهي انهن کي شهيد ڪيو ويو، قلات ضلعي ۾ سيڪيورٽي جي عملي تي حملو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هڪ سب انسپيڪٽر پوليس جو، ليويز جا اهلڪار ۽ ڪجهه سويلين ماڻهو مجموعي طور تي 10 ماڻهو مارجي ويا. ريلوي ٽريڪ کي پڻ دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو. بم بلاسٽ ٿيڻ جي نتيجي ۾ بولان جي علائقي ۾ ريلوي پل جو هڪ حصو تباهه ٿي ويو جنهن جي ڪري ڪوئيٽا جو ريلوي ذريعي ملڪ سان ڳانڍاپو ختم ٿي ويو.
سيڪيورٽي ادارن جوابي ڪارروائي ڪندي 12 دهشتگردن کي ماريو آهي. هي صرف هڪ ڏينهن جي ڪارروائي جا انگ اکر آهن. اهي واقعا اسان کي واضح طور ٻڌائي رهيا آهن ته بلوچستان ۾ حالتون ڪنٽرول کان ٻاهر وڃي رهيون آهن. خوف ۽ دهشت پوري صوبي جي بيگناهه ماڻهن کي قابو ۾ آڻي ڇڏيو آهي. عام ماڻهو چاهيندي نه چاهيندي انهن دهشتگردن جا سهولتڪار بڻجن ٿا يا نشانو بڻجن ٿا. سيڪيورٽي ادارن طرفان جنهن ۾ فوج، ليويز، ايف سي ۽ پوليس شامل آهن طرفان پوري ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته جيئن انهيءَ دهشتگرديءَ کي خاتمي تائين پهچائجي. خاص طور تي ريل جا رستا، مين شاهراهه ۽ شهري علائقن ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪيو وڃي، باقي پهاڙي علائقا، ٻهراڙيون، ننڍا ننڍا شهر هن وقت دهشتگردن جي رحم و ڪرم تي آهن، اتي رياست جي ڪابه اختياري نظر نٿي اچي. اهو ممڪن ناهي ته عوام جي سپورٽ کانسواءِ اڪيلي سر ڪو ادارو ايڏي وڏي دهشتگرديءَ کي ختم ڪري سگهي. هي ته پورو صوبو آهي، پر اسان کي ڪچي جي ڌاڙيلن کي جيڪي هڪ ننڍي علائقي ۾ موجود آهن، قابو ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچن ٿيون. ڇو ته انهن کي به سهولت انهيءَ علائقي جو عام ماڻهو جنهن ۾ سردار، چوڌري پڻ شامل آهن ڏين ٿا. انهن طرفان جڏهن انهن جي سهولتڪاري ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ اهي ڌاڙيل پنهنجن علائقن مان ٻاهر نڪري پوليس جي جوانن مٿان حملا ڪن ٿا، اهڙو واقعو اسان رحيم يار خان واري علائقي ۾ ڏٺو جتي پنجاب پوليس جا 12 اهلڪار شهيد ٿي ويا. عوام کي سيڪيورٽي ادارن تي ڀروسو نظر نٿو اچي، انهن کي اهو به شڪ آهي ته سندن حفاظت سيڪيورٽي ادارا ڪري سگهندا يا نه؟ عام ماڻهو انهن دهشتگردن جو نشانو بڻبو رهي ٿو. جيتوڻيڪ هن وقت پاڪستان فوج جو آرمي چيف، پاڪستان جو وزيراعظم عوام کي اميد جي روشني ڏيکارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن. سندن نيتن تي به شڪ نه آهي ۽ بلوچستان ۾ هڪ سياسي حڪومت پڻ موجود آهي، جنهن جو وزيراعليٰ ڪيتري عرصي کان وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن ۾ وزير طور ڪم ڪندو رهيو آهي. نگران حڪومت ۾ پڻ هو پوري ملڪ جو وزير داخلا هو، ان جي باوجود بلوچستان صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ جي بجاءِ ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي رهي ٿي. ضروري آهي ته نه صرف حڪومت، پر بلوچستان جا اهي قومپرست سياسي اڳواڻ جيڪي مختلف وقتن تي حڪومت جو حصو ٿيندا رهيا آهن ۽ پاڪستان جي آئين ۽ قانون کي تسليم ڪندا رهيا آهن، انهن کي به اهم گڏجاڻين ۾ شامل ڪيو وڃي. ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، سردار اختر مينگل ۽ بلوچستان جي پشتون علائقي جا سياسي اڳواڻ، بلوچستان جي حڪومت، پاڪستان جي فوج ۽ وفاقي حڪومت اهي سڀ گڏجي ويهي گڏيل طور دهشتگرديءَ جي خاتمي جي لاءِ حل ڳولهين. بلوچستان جي عوام کي نه صرف اعتماد ۾ ورتو وڃي، پر انهن کي اهو ڀروسو ڏياريو وڃي ته ساڻن ڪنهن به قسم جي ناانصافي نه ٿيندي. اسان جي سمجهه مطابق اهو ئي واحد رستو آهي، جنهن سان بلوچستان ۾ ۽ پوري ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ جا امڪان وڌي سگهن ٿا، جي ايئن نه ٿيو ته بلوچستان جي باهه ڀڀڙ بڻجي پوري ملڪ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيندي. بلوچستان جي دهشتگردن کي پاڪستان دشمن قوتن طرفان مڪمل سپورٽ ڏني وڃي ٿي. اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته پاڪستان مخالف بين الاقوامي قوتون نروار ٿي سامهون اچي چڪيون آهن، انهن جو مقصد پاڪستان جي سالميت کي نقصان ڏيڻ آهي.
هن وقت اها جنگ هڪ طرفي نه آهي، جنهن ۾ اڪيلي سر فوج منهن ڏئي سگهي، اها جنگ چوطرفي آهي، ان لاءِ سڀني ساڃاهه وند اسٽيڪ هولڊرن کي ويهي مسئلي جو حل ڳولڻو پوندو، جنهن ۾ پڻ دير ٿيڻ نه گهرجي. دير سان ٿيل فيصلا ڪامياب نه ٿيندا آهن، فيصلا وقت سر ڪيا ويندا آهن ۽ هن کان وڌيڪ نازڪ وقت نظر نٿو اچي.