ادبشاعرينئون شاعري March 16, 2024 Zahida Abro غزل ساحر راهو پرار تان ڏِسان پيو، ڪنن جي تار چاندني، وسي ٿي ڀيڄ ڀيڄ ٿي، چُٽي نِبار چاندني. دخل ڏِئي ٿي کيچلي، گُلاب جي سُڪُون ۾، ھوا جي چُرِتِ تي لڳي، هي بار بار چاندني. ٽِمي ٿي بُوند بُوند ٿي، گِلاس ۾ انگُور جان، ڳڙي ٿي لُڙڪ لُڙڪ ٿي، نِهار يار چاندني. لغڙ جي ڏور سان گسيون، نفيس شام اُڱُريون، خيال ۾ ٽِڪي پيا، چپن جا لِيار چاندني. ڪنول ڪنول پسار ڪر، لهر لهر سان لانو لھُ، ڪڪر ڪڪر سان کاءُ ٽڪر، وِڇاءِ وار چاندني. دليل ٿِيا نہ درد جي، دوا شفا يا آٿتُون، مريضِ عشق جي طلب، ٻانهُن جا هار چاندني. تلاش اڻ ڏِٺي جي ڪئي، جنم جنم کان دل مگر، وجُود سان وِصال ۾ چڙهيا خُمار چاندني. پري پري کان ڳيت جي، صدا اچي ٿي ساحرو، ٿڪل ٿڪل آ اتِما، اُداسِ سار چاندني. *** غزل پرتاب راءِ سنڌي هڪ سڄـڻ کـي ڏبـي سلامـي بس ٻيو نه ڪنهنجي ڪبي غلامي بس هن جي آواز ڏئي سـڏيو سڪ مان، مـان به ويندس هـليـو اڏامـي بس يار جو گھـر مـڃان خدا جو گھـر، جڳ ڪڍي ٿو اها ئي خامـي بس هـڪ هجـي ديار يار جـو محـور، ٻيو هجـي يـار هـم ڪـلامي بـس پيار ڏيندس ۽ پيار پـيو وٺندس، نفرت جا پاڻ ناهيون حـامي بس ڌوڙ جون ڌاڻيون مال ملڪيت هڙ، عاشقيءَ عاشقن جي آسـامي بس ٻي نه خواهش هوندي مرڻ کان پو، هڪٻئي سان گڏ ٿيون آرامي بس *** وائي علي عاجز شر ھئه ھئه! جِيوَن جَي پوتِيءَ ۾ ٿِيون، دردَ سَدائين واڻُيون ڀَينَرُ. نَيٺِ غُلامي ڀي ٽُٽِڻِي آھي. هيءَ غلامي ڪَيتَر سھندُيون سَي؟ ڄاڻَ اِھا جَي ڄاڻيون ڀَينَرُ. نَيٺِ غُلامي ڀي ٽُٽِڻِي آھي. غَيرَن جَي ھَٿِ ڇا جَي لئه آيُون؟ ھِنَ ڌرتيءَ جُون کاڻيون ڀَينَرُ. نَيٺِ غُلامي ڀي ٽُٽِڻِي آھي. ھاڻ بَغاوَتَ تَنِ سان ڪَرڻِي آ، جَي تلوارُون تاڻيون ڀَينَرُ. نَيٺِ غُلامي ڀي ٽُٽِڻِي آھي. ھيءَ خاموشي ڪوڙُھ وَڏو آھي، رُلنديُون راڄَن راڻيون ڀَينَرُ. نَيٺِ غُلامي ڀي ٽُٽِڻِي آھي. ڪا ڌيءَ حوا جِي روئي ڇا لئه، آزادي جَي آڻيون ڀَينَرُ. نَيٺِ غُلامي ڀي ٽُٽِڻِي آھي. ڇَڏِڻُيون پَوَندُيون ڇَڏِڻُيون ئي آھن، ريتون ھاڻِ پُراڻيون ڀَينَرُ. نَيٺِ غُلامي ڀي ٽُٽِڻِي آھي. ڪَيرُ پَڙھي جَيڪَر، جيڪي آھن، اکڙين ۾ آکاڻيون ڀَينَرُ. نَيٺِ غُلامي ڀي ٽُٽِڻِي آھي. ڪَي آزاديءَ جا سِجَّ اُڀاري، مُرڪِي منزل ماڻيون ڀَينَرُ. نَيٺِ غُلامي ڀي ٽُٽِڻِي آھي. وڙھندَي وڙھندَي ڏاهَرُ ماريو وِيو، قيد ۾ سنڌُ ڌَڃاڻيون ڀَينَرُ. نَيٺِ غُلامي ڀي ٽُٽِڻِي آھي. *** غزل مرتضيٰ جمالي جوهي گهٽ ٿي اجرت ملي مزوري ۾ ڪونه ٿو گهر هلي مزوري ۾ پو به ڪرڻي اٿم کڻي ڪيڏو سور هڏ هڏ ڪري مزوري ۾ اڄ ته آ شل هجي سڀاڻي ڀي هي ٿي ڳڻتي رهي مزوري ۾ ڀل ڪيڏو لوڙجي لقب پو ڀي ٿو نڪمو ملي مزوري ۾ روز ڪو سيٺ يار گهپيرو ڪنڌ ۾ ٿو لڳي مزوري ۾ *** غزل ڪريم چانڊيو حافظو جي اگر هليو ويندو هڪڙو غم آهي ڪًرً هليو ويندو مونکي ڀئو آ ته زندگي کان آ موت ايندين ته ڏر هليو ويندو ڪاٿي آهين وڏين اکين واري؟ هن وڇوڙي ۾ سر هليو ويندو ڪنهن هو سوچيو ته سمنڊ تي سارو هن جي پويان شهر هليو ويندو تون ترائي جي تًرُ ۾ ٻيهر تًرٍ تُرٍ نه ايندينءَ ته تًر هليو ويندو *** غزل مرتضي’ جمالي جان درد مان ڇڏاءِ رب يا ته پاڻ ڏي گهراءِ رب مان ۽ ھو ملون کلون وري دوۡر سو وري وراءِ رب غم منجهان نه خودڪشي ڪيان ان گناھ کان بچاءِ رب منهنجي تر ۾ ساوڪون هجن کوٽ پاڻي جي کٽاءِ رب *** Post Views: 215