بلاگنئون

ڪانوَ  کي سدائين لڙ ۾ مزو

اسان کي ۽ سڄي دنيا کي سدائين ۽ دائمي يقين ڪامل رهندو آيو آهي ته اسان وٽ سي آءِ اي جا لوڪل ايجنٽ آهن، ڇو ته هنن جو ٻانهن ٻيلي هتي جون لوڪل ايجنسيون ۽ ڀارت ۾ را رهندو آيو آهي ته جيئن سي آءِ اي جا وارا نيارا رهندا اچن. اسان مٿان سي آءِ اي جا لامارا، انهن جي حرفتن جا ڄار، مذهبي گروهن ۽ خاص ڪري لساني گروهن ۾ را ۽ انهن جي ذيلي طاقت ايم سڪس (برطانيا جي ايجنسي) ۽ سدائين وانگي لوڪل ايجنسيون به رهنديون آيون آهن، جيڪا ملڪي لساني جماعتن کي پاليندي رهي ٿي، ڇو ته اهي چاهيندا آهن ته مڙئي لڙ هجي يا ڪانوَ کي سدائين لڙَ ۾ مزو. انهن اهڙين ايجنسين جا ڪارندا گهڻي ڀاڱي صحافي، ملڪي ڊپلوميٽ، مذهبي جماعتن جا اڳواڻ ۽ ننڍڙا ننڍڙا ورڪر به رهندا آيا آهن. اهو به واضح آهي ته 2008 کان وٺي 2011 هڪ چڱو تعداد سي آءِ اي جي ايجنٽن جو موجود رهندو آيو آهي. ”اناٽول ليون“ جي هڪ انٽيلجنس رپورٽ مطابق اهو تعداد وڌندو رهي ٿو، ان رپورٽ مطابق اهو به آهي ته انهن سي آءِ اي جي ايجنٽن جو وڏو تعداد ڪي پي جي ٽرائيبل ايرياز ۾ رهي ٿو، جيڪي سڄو ڏينهن سي آءِ اي جي لاءِ ڪم ڪندا رهن ٿا، ڇو ته انهن جي خبرن چارن ۽ چرچ تي سي آءِ اي حملا ڪندي رهندي هئي، جيڪي 2004 کان 2008 تائين ٿيندا رهيا. سي آءِ اي شمسي ايئربيس (بلوچستان) استعمال ڪندي رهي ٿي، جنهن ۾ اهي بليڪ واٽر آرمي (جيڪي سي آءِ اي جا ايجنٽ هوندا هئا (۽ آهن) جن کي ”ايڪس اي“ به چيو ويندو هو، پر ان کان اڳ سي آءِ اي افغانستان ۾ موجود هوندي هئي، جيڪي 2001 کان 2011 تائين ڀرپور رهندا آيا ۽ ڊرون حملا ڪندا رهيا. سي آءِ اي وارا ته شهباز ايئربيس جيڪب آباد تي به هئا. انٽرنيشنل ڪرائيسس گروپ تحت اهي ٻئي ايئربيس رڳو سي آءِ اي جي ڪمن جي لاءِ مختص هوندا هئا، ڇو ته لشڪر طيبا جا حملا جيڪي 2008 ۾ بمبئي ۾ ٿيا هئا، انهن جا پيرا به سي آءِ اي جي طرف هئا، جيڪي ان ٽائيم تي هن خطي ۾ موجود هئا (جنهن ۾ حافظ سعيد کي ملوث قرار ڏيندا آهن).

نيو يارڪ ٽائيمز ۾ ”مارڪ مزيٽي“ پنهنجي ڪتاب ”وي آف دي نائيف“ ۾ لکي ٿو ته اها ٽريجڊي سي آءِ اي کي ان ڳالھ تي اڀاريو ته اهي اهڙن گروهن جي متعلق آگاهي رکن ٿا جيڪي هن جي ڪم جا به آهن. اهڙين خبرن سي آءِ اي جي ايجنٽن کي ڪي پي جي ٽرائيبل ايرياز مان ڪڍي پاڪستان ۽ ڀارت جي وڏن شهرن تائين اماڻيو ته اهي اتي ڪارروايون ڪري سگهن. سي آءِ اي جي ايجنٽن جي اهڙي لڏپلاڻ جي خبر لوڪل ايجنسين ۽ سي آءِ اي کي به هئي. 2013 جي ”اوپن سوسائٽي جسٽس انيشيئيٽو“ رپورٽ جي مطابق اهو طئي هو ته لوڪل ايجنسيون سي آءِ اي کي پاڻ دعوت ڏينديون هيون ته اهي لوڪل ٺڪاڻن تي حملا ڪن جن ۾ ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۽ پشاور شامل هئا ۽ اهي انهن جي وس پاڻ ڏئي ڇڏيندا هئا. 2011 ۾ ٻه اهڙا واقعا به ٿيا هئا، جن ۾ سي آءِ اي جي پٺيان پاڻ لوڪل ايجنسيون شامل هونديون هيون، جن ۾ ريمنڊ ڊيوس جو واقعو ۽ ٻيو ان ئي سال هڪ مقامي ڊاڪٽر شڪيل آفريدي جو قتل به هو جنهن ۾ هن مٿان الزام هو ته اهو اساما بن لادن کي ڪنهن بهاني انجيڪشن هڻي آيو هو، پر 2011 جي آخر ۾ پاڪستاني سفارتي ناتا آمريڪا سان وري ڪنهن تذبذب جو شڪار رهيا، ڇو ته ڪيترائي آمريڪي ايجنٽ جيڪي شمسي ايئربيس تي ٽڪيل هئا، انهن ملڪ ڇڏي ڏنو هو، پر حيرت اها به آهي ته سي آءِ اي جا ايجنٽ ملڪ اندر اڄ به آسانيءَ سان ڪم ڪندا رهن ٿا. وري اهو به هو ته 2008 کان 2011 تائين سي آءِ اي جا اسپيشل ايجنٽ لوڪل ايجنسيءَ جي ماڻهن کي خاص تربيت ڏيندا رهندا هئا. انهي دوران 2010 ۾ ٽي آمريڪي فوجي جيڪي سي آءِ اي جا ايجنٽ، ڪارندا ۽ متحرڪ هئا، انهن کي ڪي پي جي ٽرائيبل ايرياز ۾ ماريو ويو هو، جيڪي هڪ ڇوڪرين جي اسڪول جي اوپننگ ڪرڻ ويا هئا، جيڪو يو ايس فنڊنگ تحت هلڻو هو. ان ڪري اڄ تائين سي آءِ اي جا ايجنٽ زبردست طريقي سان خطي ۾ متحرڪ آهن. واشنگٽن پوسٽ جي هڪ جرنلسٽ مطابق جڏهن هڪ خاص بجيٽ معنيٰ امداد هن پاڻ ڏٺي، جيڪا يو ايس طرفان طالبان کي اچڻي ۽ ملڻي هئي، جنهن ۾ هڪ اسپريڊ شيٽ (لسٽ) هئي، جنهن ۾ ڊرون حملن کان علاوه، فوجي آپريشن ۽ متعدد حملا به هئا، جنهن ۾ هي سدائين ڊو مور چوندا هئا ۽ هوڏانهن ڪيش (ڊالر) اڇلائيندا هئا، پر ان کانپوءِ ڊرون حملن ۾ گھٽتائي آئي ۽ سي آءِ اي جا گھڻي ڀاڱي ايجنٽ پوءِ وري آهستي آهستي افغانستان ۾ لڪي ويهي رهيا.

آڪسفورڊ جي هڪڙي ريسرچر (مسودا بانو) مطابق ڊرون حملن جي ڪري آمريڪا جي لاءِ عام ماڻهن ۾ سي آءِ اي جي چالن جي خبر پوڻ شروع ٿي وئي هئي، انهن جي بليڪ واٽر ايجنسين تان پردو کڄڻ شروع ٿي ويو هو ۽ خطي جي ماڻهن ۾ اهو تاثر هو ته آمريڪا غلط ٿو ڪري ۽ ان سوچ به جنم ورتو ته آمريڪا هرو ڀرو مسلم ڪنٽريز کي وڪڙ ٿو چاڙهي، انهن جي مٿان حملا ڪري انهن تي ظلم ٿو ڪري. ايران، عراق، لبيا، لبنان، بحرين، پاڪستان ۽ وري افغانستان سميت انهن سڀني ملڪن تي آمريڪا حملا ڪري ڏيندو يا سڀاڻي تي اهو ڪهڙو اسلامي ملڪ هوندو جنهن تي آمريڪا حملا نه ڪندو يا حملي جا بهانا نه ڪندو، ڇو ته اهڙن حملن کانپوءِ طالبان ٽائيپ ٻيون گهڻيون ئي مذهبي جماعتون جنم وٺي رهيون هيون ۽ ڪجھ پاڪستاني مذهبي تنظيمون وري اهڙن ڊرون حملن جي ڪري پنهنجن خودڪش حملن کي جائز قرار ڏئي رهيون هيون، ڇو ته جيڪو به عوامي جاين، مسجدن ۽ اسڪولن تي حملا ٿين پيا، انهن حملن جي سڌي سنئين ذميواري وري طالبان جي مٿان هڻي ايجنسيون پنهنجي جان ڇڏائي پئي ويون. ساڳي ترتيب سان وري طالبان جي ٺڪاڻن تي حملا ۽ وري عوامي جاين تي بي سبب حملا معني سلسلو ته کٽڻ وارو ئي نه هو ۽ اهڙي خونريزي وري کٽڻ واري نه هئي، جنهن جي ڪري پاڪستاني رياست کي خطرو لاحق ٿي پيو.

اها ڳالھ مڃڻ جهڙي هئي ته 2001 کان وٺي ڪيترن ئي سياسي حلقن ۽ سماجي ڌرين ان ڳالھ تي اعتراض واريا هئا ته خطي ۾ ڪوبه دهشتگرد ناهي، نه ئي هتي ڪير ڪنهن اهڙن گروهن جي پشت پناهي ئي ڪري ٿو ۽ جيستائين سي آءِ اي افغانستان ۾ نه هئي تيستائين اسان به محفوظ هئاسين. اها به حقيقت آهي هن خطي ۾ تيستائين طالبان مجاهدن خودڪش حملن ۽ جنت جي ٽڪيٽن جو ڪوبه ڪاروبار نه ڪيو، جيستائين اسان وٽ ضياءُ جي حڪومت نه هئي، پر پوءِ لوڪل ايجنسين به لَهِي گڏ ڪم ڪيو، جو هنن سي آءِ اي سان گڏجي مجاهدن جي ٽريننگ ڪرائي، ماڻهن ۾ اسلام جي محبت اجاگر ڪئي ۽ تبليغ تيز ڪري ڏني، مدرسن جي پشت پناهي ڪرڻ شروع ڪيائون، نڌڻڪن ۽ نادار ماڻهن جي پالنا ڪري، انهن جو مائينڊ سيٽ ۽ برين واش ڪري انهن کي پنهنجن مقصدن جي لاءِ استعمال ڪندا رهيا. ايستائين جو مجاهدن جي يلغار جي نتيجي ۾ ضياءُ کي عرب سڳورن سچو مسلمان سمجهيو ۽ هڪ مجاهد تصور ڪرڻ لڳا، هي (ضياءُ) هتي ته اميرالمومنين ٿي ويو هو. هن جي سخت گير اسلامي قانونن، شدت پسندي ۽ مجاهدن کي تربيت وارين ڳالهين مان ايراني شيعت ۽ سعودي ديو بنديت کي فروغ ملي رهيو هو، جنهن جي ڪري ملڪ ۾ اسلامي شدت پسندي کي به هٿي ملي رهي هئي. هوڏانهن وري روس جي بلاڪنگ ۽ بندش لڳائڻ جي ڪري ماڻهن ۾ اهو ڪانسيپٽ عروج تي چڙهي رهيو هو ته طالبان مجاهد جيڪو به ڪم ڪن ٿا (توڻي جو ان جو سڌو اثر رڳو روس کي نقصان ڏيڻ هو)، پر ان جا اثر اسان جي ملڪ تي اهڙا پيا، جو انهن مان جند ڇڏائين وري سالن تائين مشڪل ۽ ڪنهن حد تائين ناممڪن به ٿي پيو (جيڪو هلندو پيو اچي، جنهن جا نشان ۽ نقصان اڃان تائين پيا ڀوڳيون) ڇو ته ان ٽائيم تي اها سڀ رڳو اسلام جي جوش ۽ خروش ۾ ڪجھ نه پيا لڳن، ڇو ته هي ساڳيا ئي طالبان ۽ پختون افغاني جنگجو جيڪي ان مهل به اهڙا ئي شدت پسند هئا ۽ هاڻي به اهو ئي ٿا سمجهن ته جهاد في سبيل الله ٿا ڪن پيا، پر هو سڀ ڪجھ ان جي ابتڙ پيا ڪن، معنيٰ اهي تڏهن به آمريڪي انٽريسٽ ۾ ڪم ڪندا هئا ۽ هاڻي به اهوئي ڪن پيا. 2001 ۾ وري نائن اليون جي ٿيڻ ۽ (ڪرائڻ کانپوءِ) يو ايس (معنيٰ سي آءِ اي) نيٽو فورسز جي بهاني ۽ اڳواڻيءَ ۾ افغانستان ۾ گهڙي پيا، جنهن جي اثر ۾ افغانستان ۾ هر سال ماڻهن جي مارجي وڃڻ ۾ اضافو ٿيندو رهيو. طالبان ته ڊالرن جي عيوض خطي جي حڪومتن کي خريد ڪري ورتو هو، جنهن سان سي آءِ اي جي ڊرون حملن جو نئون راڳ شروع ٿي ويو هو، جنهن ۾ هنن ڊو مور جو نعرو ڏنو، جيڪو کٽو نه، پر ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو. انهن ڊرون حملن جي ڪري آمريڪا جي لاءِ عام ماڻهن ۾ نفرت وڌندي رهي، توڻي جو انهن جي پٺيان ڪو مقصد پائيدار نه هو، جنهن جا نتيجا هتان جي مقامي ماڻهن جي لاءِ فائدي وارا نه هئا، نه آمريڪا جي انٽريسٽ ۾ هو.