اسان کي ۽ سڄي دنيا کي سدائين ۽ دائمي يقين ڪامل رهندو آيو آهي ته اسان وٽ سي آءِ اي جا لوڪل ايجنٽ آهن، ڇو ته هنن جو ٻانهن ٻيلي هتي جون لوڪل ايجنسيون ۽ ڀارت ۾ را رهندو آيو آهي ته جيئن سي آءِ اي جا وارا نيارا رهندا اچن. اسان مٿان سي آءِ اي جا لامارا، انهن جي حرفتن جا ڄار، مذهبي گروهن ۽ خاص ڪري لساني گروهن ۾ را ۽ انهن جي ذيلي طاقت ايم سڪس (برطانيا جي ايجنسي) ۽ سدائين وانگي لوڪل ايجنسيون به رهنديون آيون آهن، جيڪا ملڪي لساني جماعتن کي پاليندي رهي ٿي، ڇو ته اهي چاهيندا آهن ته مڙئي لڙ هجي يا ڪانوَ کي سدائين لڙَ ۾ مزو. انهن اهڙين ايجنسين جا ڪارندا گهڻي ڀاڱي صحافي، ملڪي ڊپلوميٽ، مذهبي جماعتن جا اڳواڻ ۽ ننڍڙا ننڍڙا ورڪر به رهندا آيا آهن. اهو به واضح آهي ته 2008 کان وٺي 2011 هڪ چڱو تعداد سي آءِ اي جي ايجنٽن جو موجود رهندو آيو آهي. ”اناٽول ليون“ جي هڪ انٽيلجنس رپورٽ مطابق اهو تعداد وڌندو رهي ٿو، ان رپورٽ مطابق اهو به آهي ته انهن سي آءِ اي جي ايجنٽن جو وڏو تعداد ڪي پي جي ٽرائيبل ايرياز ۾ رهي ٿو، جيڪي سڄو ڏينهن سي آءِ اي جي لاءِ ڪم ڪندا رهن ٿا، ڇو ته انهن جي خبرن چارن ۽ چرچ تي سي آءِ اي حملا ڪندي رهندي هئي، جيڪي 2004 کان 2008 تائين ٿيندا رهيا. سي آءِ اي شمسي ايئربيس (بلوچستان) استعمال ڪندي رهي ٿي، جنهن ۾ اهي بليڪ واٽر آرمي (جيڪي سي آءِ اي جا ايجنٽ هوندا هئا (۽ آهن) جن کي ”ايڪس اي“ به چيو ويندو هو، پر ان کان اڳ سي آءِ اي افغانستان ۾ موجود هوندي هئي، جيڪي 2001 کان 2011 تائين ڀرپور رهندا آيا ۽ ڊرون حملا ڪندا رهيا. سي آءِ اي وارا ته شهباز ايئربيس جيڪب آباد تي به هئا. انٽرنيشنل ڪرائيسس گروپ تحت اهي ٻئي ايئربيس رڳو سي آءِ اي جي ڪمن جي لاءِ مختص هوندا هئا، ڇو ته لشڪر طيبا جا حملا جيڪي 2008 ۾ بمبئي ۾ ٿيا هئا، انهن جا پيرا به سي آءِ اي جي طرف هئا، جيڪي ان ٽائيم تي هن خطي ۾ موجود هئا (جنهن ۾ حافظ سعيد کي ملوث قرار ڏيندا آهن).