بلاگنئون

19 آگسٽ عالمي انسان دوستي جو ڏينهن هڪ سوچ ۽ هڪ ذميواري

مهاتما گانڌي جو قول آهي ته “پنهنجي پاڻ کي ڳولهڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته پاڻ کي ٻين جي خدمت ۾ وساري ڇڏيو.” مھاتما جي هن قول مان مراد اها آهي ته انسان جي سچي سڃاڻپ صرف پنهنجي ذاتي خواهشن يا لذت ۾ نه، پر ٻين جي فائدي لاءِ ڪيل قرباني ۽ خدمت ۾ لڪل آهي. جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي خواهشن کي ٻاريندو ۽ ٻين جي تڪليفن کي گهٽائڻ ۾ پاڻ کي مصروف ڪندو، تڏهن ئي هو پنهنجي وجود جي اصل معنيٰ ۽ مقصد کي سمجهي سگهندو. خدمت انساني زندگي کي عزت، محبت ۽ امن ڏئي ٿي.

اهو عمل انسان کي خود غرضيءَ مان ٻاهر ڪڍي ٻين جي خوشيءَ سان ڳنڍي ٿو. ٻين لاءِ ڪجهه ڪرڻ سان دل کي سڪون ۽ روح کي سچو اطمينان ملي ٿو. جيڪو پئسو يا دنياوي حاصلات مان نه ٿو ملي سگهي. اقوام متحده 19 آگسٽ کي “عالمي انسان دوستي جو ڏينهن” قرار ڏنو آهي. انساني خدمت کي هميشه زنده رکڻ لاءِ  دنيا هر سال اهو ڏينهن ملهائي ٿي. هي ڏينهن انهن ماڻهن جي ياد ۾ هوندو آهي، جيڪي بنا ڪنهن مفاد جي ٻوڏ، زلزلي، جنگ يا وبا ۾ انساني زندگين کي بچائڻ لاءِ اڳتي وڌن ٿا. نامور مفڪر البرٽ شوائزر چيو آهي ته: “انسان جي وڏي ۾ وڏي عبادت، انسان جي خدمت ڪرڻ آهي.” هن وقت دنيا ۾ نفرت، تعصب ۽ خود غرضي ڏينهون ڏينھن وڌي رهي آهي. اهڙي ماحول ۾ انسان دوستي ئي اها قوت آهي، جيڪا دلين مان نفرتون ختم ڪري محبت، امن ۽ سهڪار جي خوشبو ڦهلائي سگهي ٿي. اهو رڳو حڪومتن يا وڏين تنظيمن جو ڪم ناهي، پر هر عام ماڻهوءَ جي ذميواري آهي ته هو پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري. اصل انسان دوست ته اهو آهي جيڪو ويرين جو واهرو ٿئي. دشمن سان نيڪي ڪرڻ جو ارادو هر ماڻھو جي قول ۽ فعل ۾ موجود هجي. اهو ان ڪري جو انسان جي خمير ۽ ضمير ۾ ماڻهپو، محبت، ميٺ، خلوص ۽ سچائي شامل آهي، اسان کي مذهبن مان انسانيت جي خدمت ڪرڻ جا مثال ملن ٿا.  سنڌ جي مفڪر ۽ عالم جي شاعر حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائي جو فڪر به انسان دوستي جو درس ڏئي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ موجود سمورا ڪردار انسان دوستي جي جذبي سان سرشار آھن، اهڙي طرح پروٽوگورس کان سارتر تائين اسان کي انسان دوستي جا سبق ملن ٿا.

ڪارل مارڪس جو به سمورو فلسفو انسان دوستي تي ٻڌل ڏسجي ٿو. ليئو ٽالسٽاءِ به زندگي جو واحد مقصد انسانيت جي خدمت ڪرڻ کي سمجھي ٿو. حقيقيت ۾ زندگي ۾ اسان جو بنيادي مقصد ٻين جي مدد ڪرڻ آهي ۽ جيڪڏهن توهان مدد نٿا ڪري سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ نقصان به نه ڏيو. جڳ مشهور ڏاهي ايني فرينڪ جو چوڻ آهي ته “ڪڏهن به ڪو ماڻهو ڏيڻ سان غريب نه ٿيو آهي.”

ڏيڻ وارو هٿ وٺڻ واري هٿ کان وڌيڪ بهتر آهي. اسان سڀني کي اهو عهد ڪرڻو پوندو ته نفرت بدران محبت، تعصب بدران همدردي ۽ خود غرضي بدران خدمت کي ترجيح ڏيون. ڇو ته سماج جو حسن تڏهن آهي، جڏهن ماڻهو هڪٻئي لاءِ بي لوث سهارو بڻجن. انسان دوستي ئي انسانيت جي بقا جو ضامن آهي. ان ۾ ڪو  شڪ ناھي ته انساني تاريخ جو سڀ کان وڏو درس محبت، سهائتا ۽ ڀائيچارو آهي. دنيا ۾ جتي جتي انسانيت جي خدمت جي خوشبو پکڙجي ٿي، اُتي دلين ۾ اميد جا ڏيئا روشن ٿين ٿا. 19 آگسٽ جو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته انسانيت ڪنهن سرحد، زبان يا نسل جي محتاج ناهي، پر اها ته هڪ اهڙي روشني آهي، جيڪا هر دل کي ساڳيءَ شدت سان روشن ڪري ٿي. هي ڏينهن صرف رسمي تقريبن جو نه، پر ضمير جي جاڳرتا جو ڏينهن آهي. اسان سڀني لاءِ اهو هڪ سڏ آهي ته مصيبت ۾ ڦاٿل ماڻهن جي مدد لاءِ اڳتي وڌون، بغير ڪنهن فرق جي، بغير ڪنهن مفاد جي.

 ڇاڪاڻ ته جڏهن اسان ڪنهن ڏکايل انسان جو هٿ جهليون ٿا ته اصل ۾ پنهنجي انسان هجڻ جي سچائي ثابت ڪريون ٿا. اڄ جي دنيا ۾، جتي نفرت، جنگ ۽ مفادن جي سياست وڌي رهي آهي، اُتي انساني محبت جو پيغام سڀ کان وڌيڪ اهم ٿي ويو آهي. انسان دوستي رڳو نعرن ۾ نه، پر عمل ۾ نظر اچڻ گهرجي. ڪنهن جو بکيو پيٽ ڀرڻ، ڪنهن جي اڃ اجھائڻ، ڪنهن جو اڪيلائي ۾ ساٿي بڻجڻ ئي اصل ۾ عالمي انسان دوستي ڏينهن جو پيغام آهي.

آخر ۾ اهوئي چوڻ چاهيندس ته: انسانيت جي خدمت صرف هڪ چونڊ نه، پر هڪ ذميواري آهي. اچو ته 19 آگسٽ جي هن ڏينهن تي ھي عهد ڪيون ته جتي به ظلم، ڏک يا محرومي ڏسون، اُتي پنهنجي حصي جي مدد، سهائتا ۽ محبت ضرور پهچايون.