بلاگنئون

بارشي سياست ۽ بدنيت شهري پريشر گروهه

سموري دنيا ۽ سڄي ملڪ ۾ مينهن وسي، پر ڪراچي شهر ۾ مينهن جو ڦڙو نه ڪري، ان ڪري ته شهري پريشر گروھ کوھ جي ڏيڏرن وانگي مينهن ۾ ٻاهر نڪري ٿا اچن ۽ سنڀريا ويٺا هوندا آهن ته رڳو مينهن جو ڦڙو ڪري ته هي سنڌ سرڪار کي لوھ جا چڻا چٻاڙڻ تي مجبور ڪن. اها حقيقت آهي ته جنهن به صوبائي پروجيڪٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي ماڻهن کي ٺيڪا ناهن ملندا، اتي اهي سياسي ڏڦير پيدا ڪندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته ائين ڪرڻ سان وفاقي ۽ صوبائي سرڪار کي بليڪ ميل ڪري سگهجي ٿو ۽ پنهنجي حصي پتي جي رقم اوڳاڙي ويندا ۽ حقيقت ۾ هو ان ۾ ڪنهن حد تائين ڪامياب به ٿي وڃن ٿا، ڇو ته اهي وفاق يا وڏين سرڪارن جي وقت تي مدد ڪرڻ جي لاءِ استعمال ٿين ٿا. مثال اجرڪي پليٽ واري مسئلي جي ڳالھ ڪيون ته ايم ڪيو ايم وارن کي ٺيڪو نه مليو ته واويلا ڪين ۽ پاڻيءَ جي ٽينڪرن جا ٺيڪا هنن کي ملندا رهن ٿا، ان ڪري شهر ۾ پاڻي جي کوٽ هجي يا گهڻائي هي سڳورا لفظ نه ڪڇندا، ڇو ته هنن جا ڪم سولا لڳا پيا آهن. وفاق به هنن جي ٻڌي ٿو ۽ پنجينءَ پندرهين نون صوبن جا شوشا هلائي نفرتون وڌائين ٿا ۽ سمجهن به ٿا ته شهر جي ڊيموگرافي هاڻي ساڳي ناهي رهي، شهري سيڙپڪاري ۾ هاڻي ملڪ جا سڀ ماڻهو اسٽيڪ هولڊر آهن، سڀني جو حصو پتي آهي. مثال: جي ملڪ ۾ ڪنزيومرزم آهي ته معنيٰ ملڪ جي ٽيھ ڪروڙ آبادي مري يا جيئي، پر هر صورت ۾ فقير کان وٺي امير تائين هر ماڻهو ٽيڪس ڀري ٿو ۽ ملڪ ۾ جيڪڏهن 12 ملين کان وڌيڪ سرڪاري ملازم ۽ اوترا ئي خانگي ملازم آهن، 33 لک کان وڌيڪ پينشنر آهن يا ملڪ ۾ جيتريون به فيڪٽريون آهن اهي سڀ جا سڀ ٽيڪس ڀرين ٿا ۽ ڪراچيءَ ۾ سڀني جي سيڙپڪاري آهي، جيڪي ڪمائي پنهنجن پنهنجن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سيڙپڪاريون به ڪن ٿا ۽ خرچ به ڪن ٿا.

هتي مسئلو ميڊيا جو تمام گهڻو آهي جيڪو هڪ انڌُ آهي، ٻيو ڪجھ به نه، ميڊيا وارا صبح جي ورتل مينهن واري تصوير سمورو ڏينهن هلائي ماڻهن کي پريشان ڪندا آهن ۽ عام ماڻهو به مينهن وارن ڏينهن ۾ ٽي وي ۾ اکيون وجهي ٿو ويهي ته جيڪي اهي چون ۽ جيئن اهي چون، آفيسن ۽ گهرن ۾ خابرو ادارا يا ذريعا رڳو ٽي وي چينل آهن، جيڪي اڳڀرائيءَ جي چڪر ۾ ماڻهن کي گمراھ ٿا ڪن، اهي سمجهن ٿا ته صوبائي سرڪار مينهن جي مند يا ڏينهن ۾ هٿن ۾ ٿالھ کڻي بيهن ته جيئن مينهن جو ڦڙو روڊ تي نه ڪري، روڊ تي جيڪڏهن پاڻي ڪريو ته شامت اچي ويندي ۽ ٽي وي چينلن جا نمائندا ڪئمرائون کڻي بيٺا هوندا آهن ته رڳو مينهن وسڻ جي دير هوندي آهي، اهي شڪاري ڪتن وانگر پيا روڊ ڳولهيندا آهن ته ڪٿي پاڻي جمع ٿيو آهي ته ان جي وڊيو يا تصوير ٺاهي حڪومت کي بدنام ڪجي. حالانڪه ملڪ جي اترئين علائقن ۾ هزارين ماڻهو لڙهي مري ويا، جابلو علائقن تان لهندڙ پاڻي انهن جي الھ تلھ چٽ ڪري ويو، شهرن جا شهر، بازارن جون بازارون لڙهي ويون جون ماڻهو ڏسي ڊٺي ويا، پر ايترو پريشر انهن تي به نه آيو. سوشل ميڊيا کي شابس آهي جو انهن جون اهي وڊيوز جيڪي فيڪ ناهن هونديون (گهڻي ڀاڱي) وائرل ڪري ڦهلائي ڇڏيندا آهن، پر حيرت ان ڳالھ تي به آهي ته اهي ئي ٽي وي چينل ڪڏهن ڪي پي ڪي، گلگت بلتستان، سوات، صوابي، ڪشمير يا انهن جي آسپاس جي علائقن کي ايتري ڪوريج ناهن ڏيندا، جيتري ڪوريج ڪراچيءَ جي علائقن کي ڏئي حڪومت کي بدنام ڪيو ويندو آهي، جتي جتي هيٺانهين هوندي آهي ۽ جتي جتي پاڻي بيهي ٿو وڃي ۽ سرڪاري مشينون پاڻي ڪڍڻ ۾ ٽي چار ڪلاڪ وٺن ٿيون، پر پاڻي ته پوءِ به نڪري ٿو وڃي ۽ ڪو وڏو نقصان نٿو ڪري. هتي ته اهڙا روڊ به آهن جيڪي بارشن جو ڌڪ جهلي ٿا وڃن، مثال: شاهراھ فيصل سميت ڊفينس جا روڊ يا ايم اي جناح اهي ڪجھ اهڙا روڊ آهن جيڪي بارشن ۾ پريشان نٿا ڪن يا لياري ايڪسپريس وي به مٿانهين تي هجڻ جي ڪري بارشي پاڻي جهلي نٿو، پر وهائي ٿو ڇڏي.

روڊن جي هيٺان بارشي نالا ٺاهڻ گهرجن ۽ اهي هر ڇهين مهيني صاف به ٿيڻ گهرجن، انهن نالن ۾ گٽر جو پاڻي ۽ ڪِن ڪچرو نه هجي، ان ڪري ته دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ ڊرينيج ۽ بارشي نالا الڳ الڳ هوندا آهن. خاص ڪري اهڙن ملڪن ۾ جتي بارش گهڻي ٿي وسي ۽ انهن جي لاءِ آساني هوندي آهي ته بارشن جو پاڻي فورن صاف ڪري وري انهن کي علائقن کي ڏئي ڇڏيندا آهن، ان ڪري اتي پاڻي جي کوٽ ناهي ٿيندي، پر هتي حيرت اها به هوندي آهي ته ڪجھ علائقن ۾ ماڻهو گهر جا پاليل جانور به پاڻي سان وهنجاريندا آهن ته ڪجھ علائقن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي هوندو ۽ ڪجھ علائقن ۾ پاڻي روڊن تي وهي هلندو آهي ته ڪجھ علائقا سُڪا ٺوٺ ٿي ويندا آهن، جنهن جو مطلب آهي ته اسان کي گورننس کي بهتر ڪرڻو پوندو، پر جيڪي به اردو آبادي جا ڳتيل علائقا آهن اتي مسئلا ناهن، اتي نٿي بجلي وڃي، نٿو پاڻيءَ جو مسئلو ٿئي، اتي روڊ رستا به صاف سٿرا ۽ سهولتون سڀ گهر جي چائنٺ تي ملن يا مهيا ڪيون ٿيون وڃن. هاڻي ته ٻوليءَ جي فرق جي ڪري اردو آبادي وارن ڪنَ اڀا ڪيا آهن، جو آفيسن ۾ جيڪڏهن ڪو پنهنجو اردو وارو نوڪري ۾ هڻائي ته صحيح آهي، پر جيڪڏهن ڪو سنڌي پنهنجي ڪنهن سنڌيءَ کي نوڪري ڏياري يا رڪمينڊ ڪري ته اهو قوم پرست سڏرائبو. ماڻهو هاڻي وڃي ته ڪاڏي وڃي. 1947 کانپوءِ لياقت علي خان اردو آبادي کي خوش ڪرڻ جي لاءِ ڪوٽا سسٽم جي ڳالھ ڪئي جو متان شهري آبادي ۾ ڳوٺاڻا گهڻيون نوڪريون وٺي وڃن ۽ شهري ۽ ڳوٺاڻي آبادي جو فرق رکيو ويو، جيڪي هيل تائين اهي ئي پيا هلن. حالانڪه ڪير پنجاب ۽ ڪي پي ڪي وارن کان سوال ڪري ته توهان جا اربن ۽ رورل ايرياز ڪهڙا آهن جو هتي ڪراچي حيدرآباد رڳو شهري آبادي آهي ۽ اربن ايرياز آهن باقي سڀ جهنگل بيابان آهي، جتي هي اردو آبادي وارا رهن اتي ڪو به مسئلو نه هجي.

حيرت اها به آهي ته ڪي پي، گلگت بلتستان، سوات يا صوابي يا ڪشمير ۾ مينهن راڱا لاهي ڇڏي ته اهو سڀ قدرتي آفتن ۾ اچي ٿو، پر جي ڪراچي شهر ۾ رڳو بارش وسي ته اها حڪومت جي ناڪامي سڏبي، ان ڪري ته ڪڪر پيپلزپارٽيءَ جي ڪنهن ڪارخاني مان ٺهي ايندا آهن ۽ سرڪار جي مرضي هوندي آهي ته هيل اهي شاهراھ فيصل تي 400 ملي ميٽر بارش ڪرائي ۽ روڊ ٻوڙائي. ايمانداري سان ڏسجي ته ايم ڪيو ايم جي دورن ۾ جنهن ۾ هنن وٽ اٽڪل 32 سال ميئرشپ رهي ۽ ناظم به هنن جا هئا جن 800 ارب رپيا مشرف جي دور ۾ شهر جي روڊ رستن تي خرچ ڪيا، پر بنيادي انفرااسٽرڪچر بهتر نه ڪري سگهيا، جو چئجي ته شهري نظام هاڻي بهتر آهن، پر هنن پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ڀلا ڪم ڪيا ۽ جيڪي غير مهاجر علائقا هئا انهن ۾ هنن هڪ پٿر نه لڳايو. هاڻي به شهري نظام درهم برهم لڳو پيو آهي، شهر جا روڊ رستا اکڙيل پيا آهن، ڪا به روڊ لائين سڌي ناهي. صنعتي علائقن جا روڊ ته اڃان به وڌيڪ خراب لڳا پيا آهن، جتي پاڻي بيهي ٿو وڃي. شهر جي وچ ۾ جيڪي به پراڻا علائقا آهن يا جيڪي هيٺانهين وارا علائقا آهن، اهي پاڻي سان ڀرجي ٿا وڃن، جو جماعت اسلامي جا ڪارڪن رونشي ۾ ٻيڙيون کڻي روڊن تي بيهي ٿا رهن ۽ ماڻهن کي سمجهائين ٿا ته سنڌ سرڪار ڪنهن ڪم جي ناهي ۽ اهي ئي ڪم جا آهن، جو بارش وسي ٿي اهي هڏڏوکي ماڻهن جي مدد جي لاءِ تَتِيءَ تيار ويٺا هوندا آهن. حالانڪه دنيا جي ترقي يافتا ملڪن کي به موسمياتي خطرا آهن جو شنگهائي به سوناميءَ ٿريٽ ۾ اچي ٿو وڃي، آسٽريليا جي جهنگن ۾ باھ لڳي ٿي وڃي، آمريڪي رياستون به لڙهي ٿيون وڃن، ڪڏهن باھ آمريڪي شهرن جا شهر ساڙي خاڪ ڪري ٿي ڇڏي. اسان ته وري به ٿرڊ ورلڊ ڪنٽريز جا ماڻهو جن جا شهري ۽ ڳوٺاڻا نظام ڪنهن ڪم جا ناهن، جڏهن به طوفان ٿا اچن ته اهي سسٽم اڊڙي ڊهي ٿا پون، بارشون پون ٿيون ته روڊ ڌوپجي ٿا وڃن، جو انهن جا پاڙ وارا پٿر به ٻاهر نڪري ٿا اچن، ان ڪري سسٽم بهتر هجن ته ڪجھ ڀلائي ٿي سگهي ٿي.

ماڻهن ۾ ميڊِيا هڪ خوف ”پينڪ“ ڦهلائي ٿي ڇڏي جو روڊ گاڏين سان ڀرجي ٿا وڃن، سڀ هڪ ڌڪ ڪنهن خوف ۾ آفيسون ۽ دڪان بند ڪري وٺي ٿا گهرن ڏي ڀڄن جو روڊ جي وٿي خالي نه بچي، هڪ ته ليز تي آساني سان ملندڙ گاڏين ماڻهن جي لاءِ آساني ڪري ڇڏي آهي ته اهي لائف اسٽينڊرڊ بهتر ڪن، پر ايترا ويڪرا روڊ رستا ڪٿان اچن جو گاڏيون وهائي سگهجن. ائين هجي جو سرڪار ٽرانسپورٽ جو ڪو جوڳو ۽ ترت انتظام ڪري، جو روڊن تان گاڏيون گهٽائي سگهجن يا ڪنهن صورت ڪمپنيءَ جون گاڏيون وهي هلن، پر هتي انهن سڀني شين جي اڻاٺ آهي. هتي سڀ پنهنجي پنهنجي سياست چمڪائڻ جي چڪر ۾ لڳا آهن، پر حيرت ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن تي آهي ته اهي ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ اتان جي سياسي اڳواڻن سان ڪڏهن به قدرتي آفتن مثال بارشن ۽ زلزلن جي اچڻ جي ڪري مٿو ٻڌي نٿا ويهن، پر ڪراچيءَ ۾ رڳو بارش وسي ته وفاق فورن ايم ڪيو ايم جي ويڪائو سياستدانن سان ڳالهيون ٿو ڪري، جو قصور رڳو صوبائي سرڪار جو آهي جن بارشون ڪرايون ۽ انهن جا سسٽم پاڻي ڪڍڻ ۾ ناڪام ويا، پر وفاق به وچٿرو هلي ۽ سڄي ملڪ کي هڪ اک سان ڏسي ته بهتر آهي.