سموري دنيا ۽ سڄي ملڪ ۾ مينهن وسي، پر ڪراچي شهر ۾ مينهن جو ڦڙو نه ڪري، ان ڪري ته شهري پريشر گروھ کوھ جي ڏيڏرن وانگي مينهن ۾ ٻاهر نڪري ٿا اچن ۽ سنڀريا ويٺا هوندا آهن ته رڳو مينهن جو ڦڙو ڪري ته هي سنڌ سرڪار کي لوھ جا چڻا چٻاڙڻ تي مجبور ڪن. اها حقيقت آهي ته جنهن به صوبائي پروجيڪٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي ماڻهن کي ٺيڪا ناهن ملندا، اتي اهي سياسي ڏڦير پيدا ڪندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته ائين ڪرڻ سان وفاقي ۽ صوبائي سرڪار کي بليڪ ميل ڪري سگهجي ٿو ۽ پنهنجي حصي پتي جي رقم اوڳاڙي ويندا ۽ حقيقت ۾ هو ان ۾ ڪنهن حد تائين ڪامياب به ٿي وڃن ٿا، ڇو ته اهي وفاق يا وڏين سرڪارن جي وقت تي مدد ڪرڻ جي لاءِ استعمال ٿين ٿا. مثال اجرڪي پليٽ واري مسئلي جي ڳالھ ڪيون ته ايم ڪيو ايم وارن کي ٺيڪو نه مليو ته واويلا ڪين ۽ پاڻيءَ جي ٽينڪرن جا ٺيڪا هنن کي ملندا رهن ٿا، ان ڪري شهر ۾ پاڻي جي کوٽ هجي يا گهڻائي هي سڳورا لفظ نه ڪڇندا، ڇو ته هنن جا ڪم سولا لڳا پيا آهن. وفاق به هنن جي ٻڌي ٿو ۽ پنجينءَ پندرهين نون صوبن جا شوشا هلائي نفرتون وڌائين ٿا ۽ سمجهن به ٿا ته شهر جي ڊيموگرافي هاڻي ساڳي ناهي رهي، شهري سيڙپڪاري ۾ هاڻي ملڪ جا سڀ ماڻهو اسٽيڪ هولڊر آهن، سڀني جو حصو پتي آهي. مثال: جي ملڪ ۾ ڪنزيومرزم آهي ته معنيٰ ملڪ جي ٽيھ ڪروڙ آبادي مري يا جيئي، پر هر صورت ۾ فقير کان وٺي امير تائين هر ماڻهو ٽيڪس ڀري ٿو ۽ ملڪ ۾ جيڪڏهن 12 ملين کان وڌيڪ سرڪاري ملازم ۽ اوترا ئي خانگي ملازم آهن، 33 لک کان وڌيڪ پينشنر آهن يا ملڪ ۾ جيتريون به فيڪٽريون آهن اهي سڀ جا سڀ ٽيڪس ڀرين ٿا ۽ ڪراچيءَ ۾ سڀني جي سيڙپڪاري آهي، جيڪي ڪمائي پنهنجن پنهنجن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سيڙپڪاريون به ڪن ٿا ۽ خرچ به ڪن ٿا.