ڪنھن ڳوٺ ۾ شنڪر نالي ھڪڙو ھاري رھندو ھو. سادو سودو، مسڪين مارو ماڻھو. پنھنجي ڪم سان ڪم. نه ڪنھن جي ليڻيءَ ۾، نه ديڻيءَ ۾. اِٽڪي ٻِٽڪي ڄاڻندو ئي نه ھو. ٺڳي ٺوڙيءَ جي لھس ئي نه آئي ھئس. ٺڳجڻ جي ڳڻتي به نه ھئس. تعليم ڪا نه ھئس. کائڻ لاءِ ڪجھ مليو ته کائي ورتو نه ته چپي چوري تي قناعت. چپو چورو به نه ٿيس ته پاڻي پي ڇڏيائين ۽ رام جو نالو وٺي لت ڏئي سمھي پيو. مگر جڏھن مھمان دروازي تي آيو ته کيس اھو قناعت وارو دڳ ڇڏڻو پوندو ھو. خاص طور تي جڏھن ڪو ساڌو مھا آتما اچي وڃي ته کيس لازمي طور تي دنيا داريءَ جو سھارو وٺڻو ئي پوندو ھو. پاڻ کي ته بکيو رکي سگھيو پئي، پر ساڌوءَ کي ڪيئن بک تي سمھاري. ڀڳوان جو ٻانھڙو جو ٿيو.
ھڪ ڏينھن شام ڌاري، ھڪڙو مھا آتما اچي سندس در تي ويھي رھيو. چھري تي جلال، ڳچيءَ ۾ پيتامير، مٿي تي جٽائون، پتل جي ڪُندري ھٿ ۾، چاکڙيون پيرن ۾، عينڪ اکين تي ھئس. مطلب سندس سڄو ويس، مھا آتمائن وارو ھو، جيڪي رئيسن جي محلن ۾ رياضتون، ھوائي گاڏين تي مندرن جو طواف ۽ يوگ يعني مراقبي ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ لاءِ، لذيذ طعام کائيندا آھن. گھر ۾ جَوَن جو اٽو ته ھئس، پر اھو کيس ڪيئن کارائي؟ آڳاٽي زماني ۾ جَوَن جي ماني ڀل ٿوري گھڻي اھميت رکندي ھجي، پر اڄ جي دور ۾ جَوَن جو کاڌو، مھا آتما شخصن جي لاءِ ڳؤرو ۽ دير ھضم ٿي پيو آهي. وڏي ڳڻتي ٿي پيس ته مھا آتما کي ڇا کارائي؟ نيٺ طئي اھو ٿيو ته ڪٿان ڪڻڪ جو اٽو اڌارو وٺي اچجي. ڳوٺ سڄي ۾ ڪڻڪ جو اٽو ڪو نه مليو. ڳوٺ سڄي ۾ سڀ ماڻھو ئي ماڻھو ھئا. ديوتا ھڪ به نه ھو. ديوتائن کي کاڌِ خوراڪ ڪيئن ملي؟ خوش قسمتيءَ سان ڳوٺ جي پروھت وٽان ٿورڙي ڪڻڪ ملي ويس. کانئس سوا سير ڪڻڪ جو اڌارو ورتائين ۽ زال کي چيائين؛ “پيھي وٺ!” مھا آتما، ماني کاڌي. ڄنگھون پساري سمھي پيو ۽ صبح ڌاري آشيرواد ڏئي، پنھنجي راھ رمندو رھيو.
پروھت صاحب، سال تي ٻه ڀيرا ڏن وٺندو ھو. شنڪر، دل ۾ چيو ته سوا سير ڪڻڪ جو ڪھڙو موٽائي ڏيانس. ٽويي بدران ٿورو ڏن سجيھ ڏيندوسانس. ھو به سمجھي ويندو، مان به سمجھي ويندس. چيٽ ۾ جڏھن پروھت صاحب پھتو ته کيس لڳ ڀڳ ڏيڍ-ٽويو ڪڻڪ جو ڏئي ڇڏيائين ۽ پنھنجي پاڻ کي آجو سمجھي، اھا ڳالھ زبان تي ئي نه آندائين. پروھت صاحب به وري ڪڏھن گھريس ڪو نه. سادي سودي شنڪر ويچاري کي ڪھڙي ڄاڻ ته سوا سير ڪڻڪ جو چُڪتو ڪرائڻ لاءِ، ٻيھر جنم وٺڻو پوندو.
ست سال گذري ويا. پروھت صاحب برھمڻ (پوڄاريءَ) منجھان مھاجن (وياجي) بڻجي ويو. شنڪر، ھاريءَ مان مزدور ٿي ويو. سندس ننڍو ڀاءُ منگل، کانئس جدا فدا ٿي ويو. گڏ رھندي، ٻئي ھاري ھئا. جدا ٿيا ته مزدور ٿي ويا ھئا. شنڪر گھڻو ئي چيو ته نفاق جي باھ نه ڀڙڪي، مگر حالتن کيس مجبور ڪري وڌو. جڏھن چلھيون الڳ ٿيون ته ھيءُ ٽاڙھيون ڏئي رُنو. اڄ کان ڀاءُ، ڀاءُ جو ويري ٿي ويندو. ھڪڙو رُنو ته ٻيو پيو کلندو. ھڪڙي جي گھر ۾ غمي ھوندي ته ٻئي جي گھر ڪچوريون پيون تربيون. محبت جو ناتو، اڄ ٽُٽَو ٿو وڃي. ھن وڏي محنت ڪري خانداني عزت جو اھو وڻ پوکيو ھو. کيس پنھنجي خون سان پاڻي ڏنو ھئائين. ان جون پاڙون اُکڙجي وڃڻ ڏسندي، دل جا ٽڪر ٿيندا پئي ويس. ستن ڏھاڙن تائين اَنَ جي شڪل به نه ڏٺائين. سڄو ڏھاڙو، ڄيٺ جي تتل اُسَ ۾ ڪم ڪندو رھيو ۽ رات ڌاري ويڙھجي سيڙھجي سمھي پوندو ھو. انھيءَ وڏي رنج ۽ برداشت کان ٻاھر تڪليف، رت ئي ساڙي ڇڏيس، گوشت ۽ چرٻي ڳري ويس. بيمار ٿي ڪريو ته مھينن جا مھينا، کٽ تان اٿيو ئي نه. ھاڻ گذر بسر ڪيئن ٿئي؟ پنج ٻارا تن جو به اڌ، ٻني وڃي رھي ھئس. ڏاند به ھڪڙو بچيس. ھاڻ پوک ڇا تي ٿئي! آخر ايستائين وڃي حالت پڳي جو پوک جو نالو وڃي رھيو. گذر سفر جو سڄو بار وڃي مزدوريءَ تي پيو.
ست سال لنگھي ويا. ھڪ ڏھاڙي شنڪر، مزوريءَ تان موٽيو ته راھ ويندي پروھت ٽوڪيندي چيس؛ “شنڪر! سڀان اچي پنھنجي وچ ۾ بينڪ جو حساب چُڪتو ڪري وڃ! تنھنجي کاتي ساڍا پنج مڻ ڪڻڪ جا ڪڏھوڪو کان چڙھيا پيا آھن ۽ تون آھين جو موٽائڻ جي ته ڪرين ئي ڪونه ٿو. ڦٻائڻ جي نيت ٿئي ڇا؟”
شنڪر، عجب مان پڇيس؛ “مون توکان ڪڏھن ڪڻڪ ورتي ھئي جو ساڍا پنج مڻ ٿي وئي؟ توکي ڀولو ٿيو آھي. مون ڏي نه ڪنھن جو آني جيترو اَنُ ۽ نه ٽڪي جيترو پئسو لھڻي.”
پروھت؛ “انھيءَ بدنيتيءَ جو ته ڀوڳين ٿو پيو جو کائڻ لاءِ ڪجھ به نه اٿئي.”
اھو چئي، پروھت پنھنجي سوا سير ڪڻڪ جي ڳالھ يادگيري ڏياريس. جيڪا ست سال اڳ شنڪر کي ڏني ھئائين. شنڪر ٻڌي، تپرس ۾ اچي ويو. مون ڪيڏا ڀيرا کيس ڏن ڏنو آهي. ھن منھنجو ڪم، ڪھڙو ڪيو؟ جڏھن به ڪا پوٿي يا پتر پٽي ڏسڻ، سوڻ يا شُخن ويچارڻ گھر تي ايندو ھو ته ڪجھ نه ڪجھ نذراني ۾ وٺي ئي ويندو ھو. ايڏو خود غرض. سوا سير انَ کي کڻي بيدي مان ڀوت بڻايو اٿائين. جيڪو مون کي به ڳڙڪائي ويندو. ايترن ڏھاڙن ۾، ھڪ ڀيرو ئي کڻي چوي ھا ته ڪڻڪ ڀري ڏئي ڇڏيانس ھا. ڇا، انھيءَ ئي نيت سان ڇَڙھ ھنيو ويٺو ھو. چيائينس؛ “مھاراج! مون نالو وٺي ته ايترو اَنُ ڪو نه ڏنو ھو، مگر ڪيترا ڀيرا ڏن ۾ سير سير، ٻه ٻه سير ڏئي ڇڏيو اٿم. ھاڻ تون اڄ اچي پنج مڻ ٿو گھرين، سي مان ڪٿان ڏيندومانءِ!”
پروھت؛ “ليکو جَوَ جَوَ جو، بخشيش سَوَ سَوَ جي. تو جيڪو ڏنو ھوندو، سو ڏن ۾ ئي ڏنو ھوندو، ان جو ڪو ليکو ناھي. توڙي ھڪ جي جاءِ تي پنج ٽويا ڏنئي. تنھنجي نالي تي ساڍا پنج مڻ لکيا پيا آھن، جنھن کان دل گھرئي، وڃي ليکو ڪراءِ! ڏئي ڇڏ ته تو واري نالي تي ليڪ پايان، ورنه ته پيو وڌندو رھندئي.”
پروھت؛ “مان ان کي نه مڃيان! ست سال لنگھي ويا. ھاڻي گھڙي به نه ترسندس. ڪڻڪ نٿو ڏئي سگھين ته دستاويز لکي ڏي!”
شنڪر؛ “مون کي ته ڏيڻو آهي. وڻئي ته ڪڻڪ وٺ، وڻئي ته دستاويز لکاءِ. ڪھڙي اگھ سان حساب ڀڃندين؟”
پروھت؛ “جڏھن ڏيان ئي پيو ته بازار جو اگھ ڪاٽيندس. پاءُ اڌ ڇڏائي، ڇو بڇڙو ٿيندس.”
حساب ڀڳائون ته ڪڻڪ جي قيمت بيٺي، سٺ رپيا. سٺ جو ئي دستاويز لکرايائون. ٽي رپيا، سئو تي وياج. سال پوري تي نه ڏيڻ جي وياج جي شرح، ساڍا ٽي رپيا سئوَ تي. اٺين آني جو اسٽامپ، رپيو دستاويز لکاڻي، شنڪر کي الڳ ڀرڻا پيا.
سڄي ڳوٺ، پروھت کي چڱو نه سمجھيو، پر منھن تي ڪو ڪڇيو ڪو نه. مھاجن ۾ ھر ڪنھن جو ڪم پوندو آهي. سندس آڏو ڪير ٿئي؟
شنڪر، سال کن ته سخت رياضت سان، ڏنل تاريخ کان اڳ، پئسا موٽائڻ جو ورت رکيو. ٻپھريءَ جو اڳي به ڪُني نه چڙھندي ھئي. فقط چپي چوري تي گذارو ھوندو ھو. ھاڻي اھو به ٿيو بند. فقط، پٽ جي لاءِ رات جو مانڙي رکبي ھئي. ھڪڙي پئسي جو ڏھاڙي تماڪ ڇڪي ويندو ھو، اھا ھڪڙي ھير پيل ھئس جيڪا ھو ڪڏھن ڇڏي نه سگھيو ھو. ھاڻ اھا به، ھن ڏکئي ورت جي وَرِ چڙھي وئي. ھن چلم اڇلي ڇڏي. حقي جي گگھي، ڀڃي ڇڏي. ٽوپي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏي. ڪپڙا، اڳي ئي ترڪ ڪرڻ جي حد تائين پھچي چڪا ھئس. ھاڻي ھو سنھڙن قدرتي ڪپڙن ۾ ويڙھجي ويو. منگھ جي، ھڏن ۾ گھڙي وڃڻ واري سردي، ھن باھ جي سھاري سان ٽپائي ڇڏي.
ان اٽل ارادي جو نتيجو اميد کان وڌيڪ نڪتو. سال جي پڇاڙيءَ ۾ سٺ رپيا ڪٺا ٿي ويا ھئا. ھن سمجھيو ته پنڊت کي ايترا رپيا ڏئي ڇڏيندس ۽ چوندوسانس ته مھاراج باقي ٻيا رپيا به جلد تنھنجي آڏو اچي پيش ڪندس. پندرھن جي رڳو ڳالھ آهي. ڇا پنڊت ايترڙي ڳالھ به ڪونه مڃيندو؟ ھن رپيا کنيا ۽ وڃي پنڊت جي قدمن ۾ رکيائين.
شنڪر، سڄو ڳوٺ ھڻي بيٺو، پر ڪنھن رپيو به نه ڏنس. انھيءَ ڪري نه ته مٿس ڪنھن جو اعتبار نه ھو يا ڪنھن وٽ ايترا رپيا نه ھئا، بلڪه پنڊت جي شڪار کي ڇيڙڻ جي ڪنھن ۾ به ھمت نه ٿي.
عمل کي رد عمل، قدرت جو قاعدو آهي. شنڪر، سڄو سال تَسيا ڪري به جڏھن قرض بيباق ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيو ته سندس احتياط، مايوسيءَ ۾ مٽجي ويو. ھن سمجھي ڇڏيو ته جڏھن ھيڏا ڪشالا ڪاٽڻ سان سڄي سال ۾ سٺ رپين کان مٿي ڪٺا نه ڪري سگھيم ته ھاڻ ڪھڙو ذريعو آهي، جنھن سان ان کان ٻيڻا رپيا ڪٺا ٿيندا. جڏھن مٿي تي قرض جو ٻوجھ کڻڻو ئي آھي ته پوءِ جھڙو بار جو مڻ، تھڙو بار جو سوا مڻ. ھمت، ھاري ويھي رھيو. محنت کان دل کٽي ٿي ويس. اميد، حوصلو پيدا ڪندي آهي. اميد ۾ رونق آهي، طاقت آهي، زندگي آهي، اميد ئي دنيا اندر متحرڪ رکڻ واري قوت آهي. شنڪر مايوس ٿيڻ پڄاڻان، لاپرواھ ٿي ويھي رھيو. اھي ضرورتون، جيڪي ھن سڄو سال ٽاري ڇڏيون ھيون، سي ھاڻ دروازي تي بيھي پنڻ واريون نه ھيون، بلڪه سر تي سوار ٿيڻ واريون ڏائڻيون ھيون، جيڪي پنھنجي سُکا کائڻ کانسواءِ جان ڇڏڻ واريون نه ھيون. ڪپڙن ۾ چتين لڳڻ جي به ھڪڙي حد ھوندي آهي.
ھاڻ شنڪر کي ڏھاڙي ملي ته ڪٺو ڪري نه رکي. ڪڏھن ڪپڙو آندائين ۽ ڪڏھن کاڌي جي ڪا شيءِ آندائين، جتي اڳي تماڪ پيئندو ھو اتي ھاڻ چرس ۽ آفيم، ھوڙ کي اچي لڳس. ھاڻ کيس رپيا، موٽائڻ جي ڪا ڳڻتي ڪا نه ھئي. ڄڻ مٿس ڪنھن جي ھڪڙي ٽيڊي پائي به نه ھئي. اڳي لوڏو اچڻ واري صورت ۾ به پورھيو ڪرڻ ويندو ضرور ھو. ھاڻ ڪم تي نه چڙھڻ جا بھانا پيو ڳولهيندو ھو.
ائين ٽي سال گذري ويا. پنڊت مھاراج، ھڪ ڀيرو به گھريس ڪو نه. ھن چالاڪ شڪاريءَ وانگر اڻ گس تير چُٽڻ پئي چاھيو. اڳي شڪار کي ٽاھ ڏيڻ، سندس اَڍَجي خلاف ھو.
ھڪ ڏھاڙي پنڊت، شنڪر کي سڏايو. چِٺو ڏيکاريائينس. سٺ رپيا جمع ٿيل ھئا. اھي ڪٽي، ھاڻ شنڪر جي ذمي ھڪ سئو ويھ رپيا نڪتا.