آبرا ڪا ڊابرا … اهڙو لفظ جنهن سان جادو واري ڪنهن منتر کي بيان ڪجي. آبرا ڪا ڊابرا… هڪ اهڙو لفظ جنهن جي به اڻ ڳڻين لفظن جيان ڪا معنى نه آهي، جنهن جي ڪابه سمجهاڻي نه آهي. آبرا ڪا ڊابرا… هڪ اهڙو لفظ جيڪو ڪجهه نه هوندي به سلمان رشدي جي ناول مڊنائٽس چلڊرن جي هڪ باب جو عنوان آهي.. پر هن کي اهو لفظ ڇو ياد آيو آهي…؟ آبرا ڪا ڊابرا… هي لفظ کيس برسات ڪارڻ ٻڏي ويل لاهور ۽ مريم جو ڪارٽون ٺاهيندي ياد آيو آهي… ڪارٽون ۾ هن برساتي پاڻي ۾ مريم کي ٿاڦوڙا هڻندي ڏيکاريو آهي… مريم جو ڌڙ برساتي پاڻي ۾ آهي هن جي سسي ٻاهر آهي… هن مرڪندي ڪارٽون کي ڪئپشن ڏنو آهي:
هو سياست جي ڄار ۾ نٿو ڦاسڻ چاهي ۽ ڪارٽون ٺاهي هڪدم ان کي ايڊيٽر ڏانهن موڪلي ٿيلهي مان اسڪيچ بُڪ ڪڍي ورتو اٿائين… هن جي ذهن ۾ هر هر پنڪج اداس جي ڳايل هڪ گاني جي سٽ واڄٽ ڪري رهي آهي… وه بن سنور ڪر چلي هين گهر سي… خدا بچائي بري نظر سي… هو ائين ئي آهي… سٺا گانا هن کي سحر زده ڪري ڇڏيندا آهن ۽ پو هو ڪيترن ئي ڏينهن تائين انهن گانن جي سحر ۾ رهندو آهي… هن اسڪيچ بُڪ ڪڍي ان ۾ هڪ نئون ڪردار تخليق ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي… اهو به هڪ سهڻي عورت جو ڪردار آهي… هن کي اڃان تائين به اهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته هن جي ڪامڪ سيريز جا سڀئي مک ڪردار پڪي عمر جون سهڻيون اڪيليون اداس عورتون ئي ڇو آهن…؟ هو ڪيتري ئي دير تائين اسڪيچنگ ڪندو رهي ٿو ۽ جڏهن اسڪيچ بُڪ ۾ هڪ عورت جي شڪل صاف نظر پئي اچيس ته هو سوچن جي ساگر ۾ غوطا کائڻ لڳو آهي… هن کي لڳي ٿو هو ان عورت سان به ملي چڪو آهي.. اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي… کيس پنهنجي سائڪياٽرسٽ ڪيترائي ڀيرا ٻڌايو آهي ته هن کان ماضيءَ جي هر ڳالهه وسري چڪي آهي… پو اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هن کي ڪامڪ سيريز جي هر عورت پنهنجي زندگي جي ڪنهن گذري ويل پل جي ياد ڏياريندي هجي…! هو حيراني ۽ پريشانيءَ مان ٺاهيل اسڪيچ کي گهوري رهيو آهي… هن جو اڊ هن جي ايگو تي حاوي ٿيڻ لڳو آهي… هن جي اڊ ڄڻ هن جي ڪن ۾ سرٻاٽي ڪئي آهي… آبرا ڪا ڊابرا… ۽ هو ان لفظ جي ڪري سوچن جي سمنڊ ۾ غوطا کائڻ لڳو آهي…
جينس جو سڀ کان وڏو ڪمال اهو ته اها بنا جنسي فرق جي مرد عورت ٻنهي تي هڪ جيتري ئي ٺهندي آهي… هن جي ڪنن ۾ هڪ ويڳاڻي آواز جو پڙاڏو ٿيو آهي… هن اهو آواز اڳ به ڪيترا ئي ڀيرا ٻڌو آهي… اهو آواز نه عورتاڻو آهي نه ڪو وري مرداڻو آهي… اهو آواز هن جي اڊ جو آهي… هن آواز ٻڌڻ کانپو هو… هو نه رهندو آهي… اهو آواز هن آبرا ڪا ڊابرا… مثل آهي.. جنهن کي ٻڌڻ سان هن تي هڪ نئين جهان جا در کلي پوندا آهن… هڪ اهڙو جهان جتي آبرا ڪا ڊابرا.. ۽ کلي وڃ سم سم.. جهڙا لفظ وڏي معنى ۽ اهميت وارا ٿي پوندا آهن… آبرا ڪا ڊابرا… ۽ کلي وڃ سم سم جو جهان… هو اوچين عمارتن واري شهر ۾ پهچي چڪو آهي… هڪ فليٽ جي دريءَ ۾ هڪ پڪي عمر جي سهڻي اداس عورت دري مان ٻاهر ڏسي رهي آهي… ڄڻ ڪنهن جو انتظار ڪندي هجي… هو ان اداس عورت جي فليٽ ڏانهن وڌڻ لڳو آهي… ڄڻ بي معنى لفظن پنهنجو جادو ڪري ڏيکاريو هجي ۽ ڄڻ ڪنهن کلي وڃ سم سم چيو هجي…!
ان عورت کي سامهون وارين فليٽن جي عمارت جي ٽاپ فلور واري فليٽ جي بتي ٻريل نظر آئي ته سندس روح ان فليٽ ۾ رهندڙ ابرار سان وري ملڻ جي سٽ کاڌي، کيس پنهنجي جسم تي ابرار جي زبان ڦرندي محسوس ٿي جنهن جي ڪري هن جي تن بدن مان سيسراٽيون نڪري ويون.
ان ڪميني ڏانهن نه وڃڻ گهرجي…! هن من ۾ اٿندڙ ارمانن جي طوفان سان وڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. ٽي ڏينهن اڳ ابرار جي فليٽ تان ورڻ کانپو هن پڪو پهه ڪري ڇڏيو ته وري ڪڏهن به ان گدلي ۽ جنسي بيمار شخص جو منهن نه ڏسندي، ٽي ڏينهن اڳ هن جي پاسي کان ليٽي کيس پنهنجي تذليل جو احساس ٿيو، هن کي اهو پڻ لڳو ته هو احساسن واري دل رکندڙ انسان بدران ڪنهن مشين جي پاسي ۾ ليٽيل هئي، جنهن ۾ ڪي به احساس ڪونه هئا. هو جڏهن هن جي پاسي کان اٿي ڪاري جينس پائڻ لڳي ته هن کي لڳو ابرار کيس چوندو اڃان ترس منهنجي من جي باهه اڃان ڪونه وسامي آهي، پر ابرار ڪوبه رد عمل ڪونه ڏيکاريو هو، جنهن تي هو ويتر هن کان خفا ٿيڻ لڳي هئي، کيس ويتر ابرار کان ڪرڀ ٿيڻ لڳي.
مان وڃان ٿي..! هن اڇو بلائوز پائيندي چيس.
ها ٺيڪ آهي.. ابرار ليپ ٽاپ جي اسڪرين مان بنا اکيون ڪڍي ئي سرد لهجي ۾ جواب ڏنس. ان تي کيس ويتر ڪاوڙ لڳي ۽:
ڊسگسٽنگ… چئي فليٽ مان ٻاهر نڪري آئي، لفٽ ۾ بيٺي ئي هن اهو فيصلو ڪري ورتو ته هاڻي ٻيهر ابرار جهڙي واهيات ۽ جذبن کان خالي مرد جي شڪل ڪونه ڏسندي… ابرار لا هن سان جسماني عمل ڪرڻ کان وڌيڪ اهم هن کي پاتل ميري جينس هئي، هو جڏهن ابرار جي فليٽ تي آئي هئي ته ابرار کيس پاتل جينس جي گهر ڪئي هئي… هن کي هڪ ڀيرو وري اها فرمائش ٻڌي ڪرڀ آئي هئي… پر هن ابرار جي خواهش پوري ڪندي جينس لاهي هن جي منهن ڏانهن اڇلائي هئي… ابرار هن جي لاٿل جينس ڪيتري ئي دير تائين سونگهيندو رهيو هو، ڄڻ ابرار لا هن کان وڌيڪ ان ميري جينس جي اهميت هئي… ابرار کيس ٻڌايو هو… اها عادت کيس ٻارتوڻي ۾ لڳي هئي… هن کي اهو ته ياد نه هو ته اها هن جي ما جي ميري جينس هئي يا هن جي ڀيڻ جي… پر جڏهن هن ان ميري جينس کي پهريون ڀيرو سونگهيو هو ته هن جي دل ۾ عجيب قسم جي ڪتڪتائي ٿي هئي… اهو ٻڌي هو ابرار کي گاريون ڏيندي هن جي فليٽ تان نڪري وئي هئي… ابرار هر ڀيري کيس جينس پائڻ جي فرمائش ڪندو هو ۽ مجبوري ۾ کيس هن جي اها فرمائش پوري ڪرڻي پوندي هئي… پنهنجي اهڙي عمل تي کيس ڏاڍي ڪاوڙ ايندي هئي… ان سڀ کان وڌيڪ هن کي پنهنجي مڙس اظهر تي ڪاوڙ ايندي هئي… هن جو اٺٽيهه سالن جو مڙس اظهر ميرين واري اداري ۾ شپ ڪئپٽن هو ۽ نوڪري جي ڪري کيس ڇهه مهينا گهر کان پري سمنڊ ۾ رهڻو پوندو هو ۽ جڏهن گهر ورندو هو ته هن جي پاسي کان لاش بڻجي سمهي پوندو هو. سندس شادي کي ڇهون سال هو، شروع وارن سالن ۾ اظهر هن ڏانهن ورندو هو ته هن تي واڳون جيان ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڪڙڪندو رهندو هو، خاص ڪري موڪلون ختم ٿيڻ جي آخري هفتي ۾ ته هو کيس پنهنجي پاسي مان ئي اٿڻ ڪونه ڏيندو هو، هفتو پورو ٿيڻ تائين هو بيزار ٿي ويندي هئي ۽ کيس جسم ۾ سور رهندو هو. ان کانپو هوريان هوريان شيون بدلجڻ لڳيون. اظهر ۾ اها گرم جوشي نه رهي هو برف جي ڇپ جيان ٿڌو ٿيڻ لڳو… ان جي ابتڙ وري رشيده باهه جو ٻرندڙ جبل ٿيڻ لڳي… پر رشيده کي ائين ٿي لڳو ڄڻ سندس خاندان جي مائين جو اهو ئي مقدر هو. هن جو پيءُ به مرين آفيسر هو ۽ هن پنهنجي ما کي هن جيان مڙس لا ڇهه ڇهه مهينا انتظار ڪندي ڏٺو هو. انتظار ڪندي ڪندي هن جي ما جي حالت عجيب ٿي ويندي هئي. وڏي ٿيندي ٿيندي هن ما کي ڪيترائي ڀيرا ٽنگن جي وچ ۾ ويهاڻو رکي ان کي ننڊ ۾ زور ڏيندي ڏٺو هو. انهن ڏينهن ۾ هوءَ 15 سالن جي هئي، سندس پيءُ سمنڊ مان موٽيو هو، موڪل جي ٽئين ڏينهن هو ماءُ پيءُ سان مرين ڪلب جي ڊنر تي وئي هئي. هرڪو خوش هو، سوائي هن جي پيءُ جي… هن جو منهن لٿل هو، ڪنهن ڳالهه ۾ دل نٿي لڳس، ايئن ٿي لڳو ڄڻ اندران ئي اندران ڪا ڳالهه هن کي اڏوهي جيان کائيندي هجي… ان رات دير سان هن جي اک ما جي رڙين تي کلي هئي…
منهنجي ته زندگي برباد ٿي وئي…
جيڪڏهن توکي اهوئي منهن ڪارو ڪرڻو هو ته مون کي هن ٻنڌڻ ۾ قيد جو رکئي… ويتر رڙيون… هو پنهنجي ڪمري مان نڪري ماءُ پيءُ جي ڪمري وٽ آئي ۽ در تي ڪن رکي بيهي رهي…
توکي منهنجو ذرو خيال نه آيو…! سڏڪن ۾ سندس ما جي رڙ…
هاڻي چپ به ڪر، سڄي دنيا کي ٻڌائيندينءَ ڇا…! پيءُ جو دڙڪي سان ڀريل آواز…
هاڻي لڪائڻ لا بچيو ئي ڇا آهي… ما جي رڙ، ڪمري مان ڪنهن شي جي ڀڄڻ جو آواز.. وري هن جي ما جون آهون… مرداڻو آواز… گاريون… ٿڦڙن جو آواز… اوچتو ڪمري جو در کليو… هو ڇرڪ ڀري در کان پري ٿي وئي. هن جون نظرون پيءُ جي منهن ڏانهن ويون… پيءُ کيس بنا ڪجهه چئي ڪنڌ جهڪائي گهر کان ٻاهر هليو ويو.. اهو آخري ڀيرو هو جو هن پيءُ کي ڏٺو… ان رات هن جو پيءُ ڪيڏانهن ويو ۽ وري ڇو نه موٽيو ان جي خبر هن کي اڄ تائين نه پئجي سگهي هئي… پيءُ جي وڃڻ کانپو هن ڪمري ۾ اندر جهاتي پائي ڏٺو… سمورو ڪمرو وکريل هو هڪ پاسي کان شيشي جو مهانگو گلدان جيڪو هن جو پيءُ سينگاپور کان وٺي آيو هو ٽڪر ٽڪر ٿيو پيو هو… سندس ماءُ هڪ ڪنڊ کان ويٺل هئي… هن جا وار وکريل ۽ منهن ڳاڙهو هو… اکيون ڳوڙهن سان ڀريل هيون… چپن مان رت ٿي وهيس… رشيده ما جي پاسي کان اچي ويٺي، هن جي ما کيس ڀاڪر ۾ ڪري سڏڪا ڀرڻ لڳي.. ان تي هو به ما جو ساٿ سڏڪن سان ڏيڻ لڳي…
هوريان هوريان هن جي پيءُ جي حوالي سان مرين ايمپلائيز سوسائٽي ۾ عجيب ڳالهيون هلڻ لڳيون… شام جو هو ما سان پارڪ ۾ واڪ لا ويندي هئي ته آفيسرن جون زالون، ڌيئرون، ڀينرون ۽ مائرون کين حيرت ڀري نظرن سان ڏسنديون هيون. رشيده کي انهن نظرن مان اهو احساس ٿيندو هو ڄڻ هو دنيا جي پهرين ڇوڪري هئي جنهن کي پيءُ ڇڏي ويو هو… يا هن جي ما دنيا جي پهرين زال هئي جنهن کي مڙس ڇڏي ويو هو… انهن نظرن کان تنگ اچي هن جي ما واڪ تي وڃڻ ڇڏي ڏنو جنهن جي ڪري سندس وزن وڌڻ لڳو… ايئن مرين ڪاليج ۾ رشيده جون هم عمر ڇوڪريون هن تي طنز ڪندي سندس پيءُ بابت عجيب ڳالهيون ڪنديون هيون… انهن ئي عجيب ڳالهين مان هن هڪ ڇوڪري کي سندس پيءُ بابت ڳالهيندي ٻڌو هو:
ڪلهه پپا ممي کي ٻڌايو پئي ته انڪل رفيق کي سپلس ٿي آهي..! اهو ٻڌي ٻين ڇوڪرين جون اکيون ٻاهر نڪري آيون هيون… رشيده جي من ۾ آيو ان ڇوڪري جا وڃي ڄنڊا پٽي.. پر هو ڪجهه ڪري نه سگهي هئي. گهر اچي هن ما کان پڇيو هو:
ممي ڇا سچ پپا کي سپلس ٿيو هو…؟
رشيده واتان سپلس لفظ ٻڌي سندس ما جون اکيون وائڙن جيان ٻاهر نڪري آيون… هو ڌي کي ڪوبه جواب نه ڏئي سگهي…
ڊونٽ گيو ائير ٽو سچ نان سينس… ماءُ چيس. ايئن به ٽيڪنالاجي جي زماني ۾ هن کي ڪنهن ماڻهو جي ضرورت ئي ڪونه هئي. هن انٽرنيٽ تان ئي “سپلس” ڳولهي لڌو هو، جنهن مان هن کي خبر پئي ته سندس پيءُ گهر کان پري هوندي به پنهنجي جنسي خواهشن جي پورت ڪندو رهندو هو ۽ اتان ئي کيس اها بيماري لڳي هئي. هن جي خاص عضوي تي ڳوڙهي نڪتي هئي جنهن کي هن نظر انداز ڪري ڇڏيو ۽ اها بيماري وڌندي وئي…
ان ڳالهه جي لڳ ڀڳ ڇهن هفتن کانپو سندن گهر مرين ڪمائنڊ طرفان هڪ خط آيو جنهن ۾ هن جي پيءُ جي موت جو ذڪر هو… سندس پيءُ جي موت جي حوالي سان مرين اڪيڊمي ۾ ٻه مختلف قياس آرائيون گهڻي وقت تائين ڪٽي پارٽي ڪلب ۾ ورجايون وينديون هيون. هڪ قياس آرائي موجب جڏهن رشيده جو پي وري سامونڊي سفر تي ويو ته پنهنجي عاشق يا محبوب سان جهيڙو ڪيائين ۽ پو رات جو سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏيائين.
وري ٻي قياس آرائي اها هئي ته ان رات برابر هن پنهنجي عاشق يا محبوب سان جهيڙو ڪيو جنهن کانپو سندس عاشق يا محبوب هن کي ڇرا هڻي سندس پيٽ چيري ڇڏيو ۽ پو سندس لاش سمنڊ ۾ ڦٽي ڪيو. ان حوالي سان انڪوائري ٿي، پر رشيده جي پيءُ جي عاشق يا محبوب خلاف ڪوبه ثبوت نه مليو ۽ کيس قتل جي الزام مان آجو ڪيو ويو… هن انڪوائري ڪميشن آڏو بيان ڏيندي، اهو واقعو ٻڌايو:
اهو 26 جون 2014ع جو ڏينهن هو… آفيسر رفيق کي موڪلن کانپو ڊيوٽي جوائن ڪندي چار ڏينهن ٿيا هئا، آفيسر رفيق هن ڀيري ڏاڍو اپسٽ ٿي لڳو ۽ هو ڪيترن ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ لڳو. جنهن جي ڪري کيس ٻه ڀيرا وارننگ به ڏني وئي. 26 جون منجهند جو 3:00 وڳي آفيسر رفيق آن ڊيوٽي شراب پيئڻ لڳو، جنهن تي سينئر آفيسر عاقب هن کي ڊيوٽي تي هجڻ ياد ڏيارو. آفيسر رفيق سينئر آفيسر عاقب سان تيز انداز ۾ ڳالهائڻ لڳو. ٻنهي آفيسرن جي وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ شروع ٿي وئي. شام جو 5:00 وڳي آفيسر رفيق مونکي سندس ڪيبن ۾ گهرايو ۽ چوڻ لڳو هو هاڻي هتي وڌيڪ نٿو رهڻ چاهي ۽ کيس لڳي ٿو سينئر آفيسر عاقب هاڻي کيس هتي وڌيڪ رهڻ به ڪونه ڏيندو. مون آفيسر رفيق کي صلاح ڏني ته هو سينئر آفيسر عاقب کي ايسڪيوز ڪري وٺي، پر هن مون کي اکيون ڏيکاريندي ڪيبن کان ٻاهر نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو. آفيسر رفيق ويتر شراب پيئڻ لڳو. شام جو 6:00 وڳي سينئر آفيسر عاقب مون کي شپ جي بيس ۾ وڃي ڊيوٽي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ مان جلد ئي بيس ڏانهن هليو ويس. شام جو 7:15 منٽن تي شپ تي ڀڄ ڊڪ مچي وئي ۽ خبر پئي ته آفيسر رفيق پاڻي ۾ ٽپو ڏئي پنهنجو انت آندو آهي…
هن جي ڳالهه جي تصديق سينئر آفيسر عاقب سڌو شپ تي ٽن ٻين آن ڊيوٽي آفيسرن به ڪئي جنهن کانپو هن کي آفيسر رفيق جي قتل مان آجو ڪري، رفيق جي موت کي آفيشلي خودڪشي ڄاڻايو ويو… مڙس جي موت کانپو رشيده جي ما عجيب ڪيفيتن مان گذرڻ لڳي، جيتوڻيڪ هن کي مرين اڪيڊمي جي اڪائونٽس برانچ ۾ فوتي ڪوٽا تي ئي رکيو ويو، پر مڙس جي موت کان وڌيڪ کيس سندس بيوفائي اندران ئي اندران جهورڻ لڳي. آفيس ۾ ويٺي کيس اوچتو دورو پئجي ويندو هو ۽ اتان ڀڄي اچي گهر ۾ لڪي ويهي رهندي هئي… هوريان هوريان کيس عجيب شڪلون نظر اچڻ لڳيون ايتري تائين جو رشيده ماءُ کي ٻه ٽي ڀيرا ننڊ ۾ به هلندي ڏٺو هو ۽ پو ما جو هٿ پڪڙي کيس سندس ڪمري ۾ ڇڏي ايندي هئي… رشيده هڪ ڀيرو ڪاليج کان موٽي ۽ ما جي ڪمري ۾ وئي ته کيس بيڊ تي ڪجهه پنا رکيل نظر آيا، هن اهي پنا کڻي انهن کي چتائي ڏٺو، انهن تي ڪاري بال پوائنٽ سان ڀوائتيون شڪليون ٺهيل هيون، هڪڙي پني تي ته صفا عجيب شڪل ٺهيل هئي… رشيده ڪيتري ئي دير تائين ان پني کي گهوريندي رهي هئي… ان ۾ هڪ کليل وارن واري مائي ٻن همراهن کي پنهنجيون گول ڇاتيون ڏيکاريندي ڏيکاريل هئي ۽ ان مائي وٽ هڪ گول ٺهيل هو جنهن تي سنهڙن اکرن سان لکيل هو:
عورت فرشتن کي به ٿيڙي سگهي ٿي…
هو ان عورت ڏانهن وڌي رهيو آهي… وڌي رهيو آهي… آبرا ڪا ڊابرا… هن جي اڊ جو آواز گم ٿي چڪو آهي… هو خيالي دنيا ۾ ٻيهر حقيقي دنيا ۾ اچي چڪو آهي… هن جي سامهون ايڊيٽر بيٺل آهي… هڪدم اسڪيچ بُڪ بند ڪري ويران نظرن سان ايڊيٽر کي ڏٺو آهي…
ٿوري محنت ڪر ۽ ڪنهن ٻي خبر تي ڪارٽون ٺاهي ڏئي… ايڊيٽر ڪلهي تي هٿ رکي زور ڏيندي چئي ٻڏي ويل تخت لاهور وارو ڪارٽون هن جي ميز تي اڇلائي هليو ويو آهي… هن ڪاوڙ ۾ ڪارٽون وارو پنو ڦاڙي رديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي… کيس خيال آيو آهي ته ڪجهه ڪهاڻيون ماڻهن کي ٻڌائڻ لا نه هونديون آهن… ۽ هن اسڪيچ بڪ کولي ان تي تازو ٺاهيل اسڪيچ وارو پنو ڦاڙي ان جا ٽڪرا ڪري ان کي به ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي… آبرا ڪا ڊابرا…