خاص

پاڪستان لاءِ هاڻي ورلڊ ڪپ ۾ واپسي مشڪل ٿي وئي: گنگولي

آئي سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ جي آغاز کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جي پيشنگوئي ڪرڻ واري اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر سارو گنگولي قومي ٽيم سان لاڳاپيل هڪ پيشنگوئي ڪئي آهي. پاڪستان هن وقت ميگا ايونٽ ۾ ٽي ميچز کيڏي چڪو آهي، جنهن ۾ نيدرلينڊ ۽ سريلنڪا خلاف ڪاميابي حاصل ڪئي اٿس، جڏهن ته ڀارت خلاف بدترين شڪست کي منهن ڏيڻو پيو اٿس. هاڻي قومي ٽيم جمعي جي ڏينهن 20 آڪٽوبر تي آسٽريليا جي مدمقابل هوندي. ڀارت کان شڪست کائڻ کانپوءِ سارو گنگولي ڀارتي چينل تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستاني ٽيم جو ورلڊ ڪپ ۾ وڌيڪ اڳتي وڃڻ هاڻي مشڪل ٿو ڏسجي. گنگولي پنهنجي وقت ۾ ماضي جي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي وڌيڪ بهتر قرار ڏنو. هن چيو ته اسانجي دور ۾ پاڪستان جي ٽيم هڪ مختلف ٽيم هئي، هيءَ ٽيم ان جهڙي ناهي، جنهن سان اسان کيڏندا رهيا آهيون. هاڻوڪي ٽيم بيٽنگ دوران پريشر برداشت نه ٿي ڪري سگهي، اهڙي ڪمزور بيٽنگ لائن سان پاڪستان جو هن وقت ورلڊ ڪپ ۾ ڪم بيڪ ڪرڻ مشڪل ٿيندو.