چائنا جي ريلوي ڪمپني ڪراچي لوڪل ٽرين سسٽم ٺاهيندي
نگران وزير اعليٰ سنڌ مقبول باقر جو چوڻ آهي ته چين جي ريلوي ڪمپني ڪراچي لوڪل ٽرين سسٽم ٺاهيندي. چائنا ريلوي ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي صدر نگران وزير اعليٰ سان ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ڪراچي سرڪلر منصوبي کي مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ٿيو. نگران وزيراعليٰ ٻڌايو ته سرڪلر ريلوي جي ايراضيءَ جا مسئلا لڳ ڀڳ حل ٿي چڪا آهن، ڪي سي آر پروجيڪٽ جي ساورن گارنٽي جا مسئلا به حل ٿي ويندا. نگران وزير اعليٰ ٻڌايو ته ان سرڪلر ريلوي جو روٽ لڳ ڀڳ 43 ڪلوميٽرن تائين پکڙيل آهي، جيڪو سٽي اسٽيشن، لانڍي، ملير، اورنگي ۽ ڊرگ روڊ سميت ڪيترن ئي جاين کي ڪور ڪندو.